سموري سنڌ جي نوجوانن جي اکين ۾ جنم ورتل اڻپورو خواب جيڪا گذريل ڏينهن کان اين ٽي ايس پاران هلندڙ ماسترن جي لکت واري ٽيست جي صورتحال ۽ هن جا ايندڙ نتيجا. هونئن ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر عام جام آهي جنهن کي اسان اڄ ڏينهن تائين ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيون. پر اين ٽي ايس هڪ نيشنل ادارو آهي. جنهن جي ٽيسٽ هن طريقي سان ٿيندي اها ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو. 07 ۽ 08 تاريخ تي سون جي تعداد ۾ نوجوان ٽي سي ايس جي آفيس اڳيان ٽيسٽ سلپ جي انتظار ۾ صبح کان شام تائين پوليس ۽ ٽي سي ايس وارن جون نه برداشت ٿيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ جي باوجود به انهن بيروزگار نوجوانن ٽيسٽ جون سلپون اماڻيون پر طريقيڪار اهو هو ته سلپون هنن جي گهرن تائين پهچائڻيون هيون، خير اهو به برداشت جوڳي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج کي ٽيسٽ جي سينٽر طور چونديو ويو ۽ ٽيسٽ وٺڻ وارو شهر جا لوڪل ڇوڪرا آهن جيڪي انويجيليٽر ۽ سپروائيزر طور ڪم ڪري رهيا هئا.
اين ٽي ايس هڪ نيشنل ادارو آهي تنهن هوندي به ماستري جي ٽيسٽ ۾ ان اسڪل ڇوڪرن کي بطور انويجيلٽر بيهارڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟
ڇا تعليم کاتي جا ماستر يا ليڪچرر انهيءَ ٽيسٽ جي اهل ڪونه آهن؟
ڇا اهي انويجيلٽر ميرٽ جي پيروي ڪندڙ آهن؟
اهي سڀ سوال ٽيسٽ ۾ ويٺل هر اميدوار جي ذهنن ۾ آهن. ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ هر اميدوار جن اها ٽيسٽ ڏني انهن جي ذهن ۾ صرف اهو هڪ سوال گونجي رهيو آهي ته ڇا اسان کي پاس ڪندا؟ جڏهن اسان ٽيسٽ جي مجموعي صورتحال ڏسون ٿا ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته اين ٽي ايس يا اهي ماستري جو سيٽون به سياسي وڏيرن، پٽيلن ۽ مرسڊيز گاڏين وارن ذميندارن ۽ پارٽي جي جيالن ۾ ورهائجي ويون آهن اهي نوجوان پنهنجي دل کي ڪئين آٿت ڏين ته انهن کي ماستري جي ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي بنياد تي پاس ڪيو ويندو جڏهن جڏهن ته سڄي صورتحال انهن جي اڳيان آهي. اين ايس ٽي پاران هائر ڪيل انويجيليٽرن پنهنجي من پسند دوستن ڀائرن ۽ مائيٽن کي ڀرپور سپورٽ ڪئي آهي انهيءَ جي باوجود به جيڪڏهن سرڪار سڳوري يا اين ٽي ايس سڳوري ڪجهه قدر ميرٽ کي ڏسن ٿا ته به انهن جي وڏي مهرباني نه ته ماستري جي نالي تي بيروزگارن کان مذاق بند ڪيو.. اوهان سنڌ جي وڏي وزير توڙي وس وارن بالا آفيسرن جن جي هٿن ۾ اهي واڳون ڏنل آهن انهن کي گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري ميرٽ کي ترجيح ڏيو، هرو ڀرو مسڪينن جون پٽون نه کڻو.
ڀرت لال مالهي/عمرڪوٽ
عوامي آواز تان ورتل