اداڪار ايم يحيٰ ڀُٽو جي ورسيء جي مناسبت سانمحمد سليمان وساڻ
مونکي ياد آهي ته 80 جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي جي سهولت ڪانه هئي ۽ ريڊيو ئي اسان جي لاء تفريح جو واحد ذريعو هيو. ان ئي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان سنڌي ڊراما به پيش ٿيندا هيا. انهن ڊرامن جي اداڪارن ۾ هڪ اهم نالو هيو ايم يحيٰ ڀٽو جو، جيڪو پنهنجي مخصوص ۽ چٽي آواز ڪري اسان کي سدائين ياد رهندو. پوء وقت سان گڏ ٽي وي ۽ وري سنڌي چينل آيا ايئن ايم يحيٰ ڀٽو کي اسان ٽي وي اسڪرين تي به ڏسڻ لڳاسين. اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار ايم يحيٰ ڀٽو 20اپريل 1954ع ۾ گهوٽڪي ۾ مولوي محمد اسرائيل ڀٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گهوٽڪي مان ئي حاصل ڪيائين. هو پاڻ چوندو هو ته جيڪڏهن اداڪار محمد علي کي نه ڏسي هان ته ڪڏهن به شوبز جي دنيا ۾ نه اچي ها. 70 جي ڏهاڪي ۾ محمد عليء جون فلمون ڏسي هن جو مداح بڻجي ويو ۽ سندس سان ملاقاتو به ڪندو رهيو ۽ ان شوق کان متاثر ٿي هن به اداڪاري جي ميدان ۾ پير پاتو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي صداڪاري جو آڊيشن ڏنو ۽ پاس ٿي ويو. هو ريديو خيرپور جي ڊرامن جو مرڪزي ڪردار بڻجي ويو، هن ريڊيو ڊراما آرٽسٽ فورم جو بنياد وڌو ۽ پاڻ صدر بڻيو. ٽي وي ڊرامن جي شروعات پي ٽي وي کان ڪندڙ مرحوم يحيٰ ڀٽو چوندو هو ته؛ “منهنجي ڪاميابيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جو هٿ آهي ۽ ريڊيو ئي سنڌي ڊرامي جي سکيا ڏني ۽ تلفظ سنڌي گرامر کي سڃاڻڻ جو موقعو ڏنو”.
ڪيترن ئي سالن کان فن جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ايم يحيٰ ڀٽو ريڊيو تي 300 کان مٿي ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي ۽ 50 کان وڌيڪ ڊراما لکيا. هن پي ٽي تي به ڪيترائي ڊراما ڪيا ۽ ايئن پوء هو ڪي ٽي اين ۽ ٻين سنڌي چينلس جو مشهور ۽ مصروف اداڪار بڻجي ويو. حقيقي معنيٰ ۾ کيس شهرت سڀ کان وڏي ميگا سيريل ”پٿر دنيا“ ۾ ”موسيٰ خان“ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ حاصل ٿي جنهن ۾ سندس تڪيه ڪلام ”موسيٰ خان سان وير ڪاريهر تي پير“ سنڌ اندر ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ اهو ڪردار ايم يحيٰ ڀٽو جي سڃاڻپ بڻجي ويو.
پٿر دنيا کان علاوه ايم يحيٰ ڀٽو ڪيترن ئي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ڪيا جن ۾ سهارو، سنگ رام، وياج، خطا، سنڌو، هوءَ اڪيلي، بالي، وڪوڙيل وجود، کنڌي جي سري، نصيب، واچوڙو، خالي گيلري، آڙاهه ۽ ٻيا مشهور ڊراما شامل آهن. هن ڊرامي مند کاڌي موٽ ۽ اڌورو پيار جي شاندا ڊائريڪشن پڻ ڏني. شوبز جي ڪيريئر کان علاوه سندس زندگي جا ٻيا ڪيترائي رنگ هئا. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو شيدائي هو. هو پاڪستان پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ گهوٽڪي جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
هيءُ عظيم اداڪار هيپاٽائٽس جهڙي موذي مرض سبب 11 جنوري 2011ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ هميشه لاءِ پنهنجن مداحن کان موڪلائي هليو ويو.