• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 12 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 12جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:
12 جنوري 1895ع سياستدان ڊاڪٽر هيمنداس روپچند واڌواڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1895ع شاعر قاضي گل محمد جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1921ع شاعر محرم بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1925ع ليکڪ مولوي غلام مصطفى دادوي جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1940ع اداڪار اندر ڪمار منگهاراملاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1955ع شاعر غلام نبي ناشاد جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1961ع ليکڪ جگديش شهدادپوري جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1961ع سگهڙ علنواز اوڍاڻو جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1961ع ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ شاعر نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي.
12 جنوري 1961ع سگهڙ علي انور اوڍاڻو جي پيدائش ٿي.
12 جنوري 1976ع شاعر پيارو مهر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:
12 جنوري 1714ع ڪلهوڙا دور جي جنرل عطر خان جي وفات ٿي.
12 جنوري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جي وفات ٿي.
12 جنوري 1994ع شاعر انور هالائي جو انتقال ٿيو.
12 جنوري 2005ع باليووڊ جو ناليوارو اداڪار امريش پوري ديهانت ڪري ويو.
12 جنوري 2007ع نامياري چترڪار ظفر ڪاظمي جي وفات ٿي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا سليمان وساڻ 12 تاريخ ڪافي سارا اهم ڪم ٿيا هئا اهي شايد توهان کان رهجي ويا۔
ها ادا اهي ڪيئن وسرندا ۔۔۔

سڄو ڏينهن مانيء بجاء دونهون جو کائيندا رهياسين ۔۔۔ اها به اسان جي دوست ذيشان رشيد جي مهرباني جو ڪيلا نصيب ٿيا۔
وڏا بادشاهه ماڻهو آهيووري به رک رکي ويو ڀلي سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
يار ڪمال ٿي ويو۔۔ ان ڏينهن ڪو ڪم نه ٿيو۔۔۔ ۽ حيرت آهي ته گهڻو ڪجهه کائڻ کان پوءِ به پيٽ خالي رهيو۔۔۔ افسوس کائڻ دوران مون کان تصويرون ڪڍڻ ڇو وسريون۔۔۔
مون کان ٿي وئي جڏهن مون اسان جي مشترڪه دوست جي ڳالهه کي نظر انداز ڪيو جنهن واضح چيو هو ته ”عرس جو پير ڳورو آهي ۔۔۔ کيس نه وٺي وڃو۔۔۔۔“
 
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
اڄوڪي ڏينهن 12جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
12 جنوري 1925ع ليکڪ غلام مصطفى دادوي جنم ڏينهن آهي۔
غلام مصطفى دادوي، هڪ عالم اديب ۽ بهترين ماڻهون هئا، پاڻ اصل اسان جا پاڙيسري هئا، مگر زندگي جو گهڻو عرصو حيدرآباد ۾ گذاريائون۔ پاڻ جڏهن دادو ايندا هئا ته منهنجي دڪان تي ضرور ايندا هئا، ۽ ات دادوي صاحب سان ڪچهريون پڻ ٿينديون هيون،، پاڻ ناس استعمال ڪندا هئا، جيڪا مون کان خريد ڪندا هئا۔
دادوي صاحب هڪ شريف ايماندار ۽ نيڪ نمازي عالم اديب هئا، پاڻ شاهه جي ڪجهه شعرن جو عربي ۾ پڻ ترجمو ڪيو هئائين۔
سندس هڪ قرآن جو بهترين سنڌي تحت اللفظ ترجمو پڻ ٿيل آهي، ۽ ان کان علاوه ننڍا ننڍا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، دادوي صاحب ڪجهه پنهنجا لکيل ڪتاب مون کي به تحفي طور ڏنا هئائين، جيڪي مون وٽ محفوظ آهن۔ دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين
 
اڄوڪي ڏينهن 12جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
12 جنوري 1961ع ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ شاعر نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي۔
نثاراحمدناز جي شاعري مان چونڊ
هر جنم اي يار ! طلبگار تُنهنجِي آهيان
طلبگار تُنهنجِي آهيان
مون مڃو محبوب توکي، ساجن سڀ ڄمار!
طلبگار تُنهنجِي آهيان .
وائِي ٻي نه ٻوليان، تون ئي تُون جي تنوار !
طلبگار تُنهنجي آهيان .
موهين سارا لوڪ تُون ، جانبَ جلويدار !
طلبگار تُنهنجِي آهيان.
ڍوليا مُون مسڪين جِي ،سگهڙو لهجان سار!
طلبگار تُنهنجِي آهيان .
پيارَ تُنهنجي ۾ پاڳل مان “ ناز” مٺا نثار !
طلبگار تُنهنجي آهيان

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
چمڪي آ چانڊاڻ، مشڪي آهي ماٿري،
پرڏيهي منهنجو پرين، اِجهو آيو ڄاڻ،
منهنجو من مهراڻ، ڇولين جيئن ڇُلڪي اُٿيو

183391_1672356647158_7245037_n.jpg

181989_1672363847338_2351638_n.jpg
 
Back
Top