عورت، سماج ۽ ڏاڍ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عورت، سماج ۽ ڏاڍ
    1683 اٽيچمينٽ ڏسو 1684 اٽيچمينٽ ڏسو 1685 اٽيچمينٽ ڏسو 1686 اٽيچمينٽ ڏسو 1687 اٽيچمينٽ ڏسو 1688 اٽيچمينٽ ڏسو 1689 اٽيچمينٽ ڏسو
    عورت جي حوالي سان جيڪڏهن عورت جي سماجي حيثيت جو جائزو وٺبو ته عام طور اسان کي عورت جا ٻه روپ نظر ايندا يا ته عورت قدرت پاران هڪڙو خوبصورت عطيو آهي جنهن جي ڪري دنيا ۾ سونهن آهي، حسن ۽ پاڪيزگي ۽ دلربائي آهي.
    يا وري عورت قاتل آهي، ڏانئڻ آهي، گمراهه آهي، جيڪا مرن کي گمراهي ۽ غلط ڪارين جي رستي تي هلائي ٿي، انهن ٻنهي انتهائي صورتن کان علاوه عورتن جي ٽين ۽ عام صورت ته اسان کي شايد ئي ملي سگهي ”عورت جا هڪ فرد آهي ۽ عورت جا هڪ انسان آهي“بقول آسٽريليا جي هڪ خاتون ايڪٽوسٽ ”جرمين گريئر “ جي :”مردن ۽ عورتن جي اٺيتاليهه ڪروموزومس مان ستيتاليهه هڪ جهڙا هوندا آهن، رڳو هڪڙي جنسي ڪروموزوم جي فرق سببان عورت ۽ مرد سان ورتاءُ ۾ اسان ايترو ته فرق ڪندا آهيون جو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اٺيتاليهه ئي ڪروموزومس الڳ الڳ آهن
    سماج ۾ عورت جي حيثيت تعين ڪرڻ لاءِ سماج جي وضاحت به لازم آهي ۽ انهيءَ حوالي سان عورت جي ڪارج جو به ڪاٿو سولائي سان ٿي ويندو.سماجياتي لغت موجب:”سماج انسانن جو هڪڙو وڏو گروهه جيڪو ڪن فائدن جي حاصلات لاءِ سهڪار ڪري، جن ۾ وجود جي بقا ۽ نسل جو واڌارو شامل آهي، سماج جو اصطلاح، مرڪب صحبتي ناتن جي بناوت ۽ تسلسل تي مشتمل آهي، سماج ۾ بنيادي انساني قسمن جا نمائندا جهڙوڪ مرد، عورتون ۽ ٻار شريڪ هوندا آهن .“
    مٿين وصف کي جيڪڏهن آڏو آڻبو ته ان ۾ اسان کي عورت جي برابرجي صورتحال نظر ايندي، بلڪه ڪجهه قدر، عورت جي حيثيت وڌيڪ مقدم نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته سماج جو بنيادي ۽ اهم فرض انساني نسل جي بقا ۽ واڌي ويجهه جو محور ۽ ضامن آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي تسليم ڪندي اڄوڪي سائنس چوي ٿي ته”عورت تخليق جو سرچشمو آهي، انساني نسل جي واڌ ويجهه ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر ۽ عارضي آهي ۽ رڳو چند منٽن تائين محدود آهي، پر عورت جو ڪم اڻانگو ۽ ڊگهو آهي، ٻار کي پنهنجي جسم اندر پورا ڏهه مهينا سانڍي رکڻ، کيس جنم ڏيڻ جي تڪليف ده عمل کانپوءِ ڌارائڻ ۽ نپائي تاتي جوان ڪرڻ اهو آهي عورت جو فطري فرض ان ڪري فطري چونڊ لاءِ عورت مرد کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي، جيڪڏهن فرض ڪجي ته هڪ ڏينهن هن ڌرتيءَ تان سمورا مرد غائب ٿي ٿا وڃن ته ان صورتحال ۾ انساني نسل جي بقاءَ ۽ واڌ ويجهه جو حقيقي امڪان پوءِ به ان صورت ۾ بچندو ته فطري چونڊ جي عمل ذريعي عورت ۾ جنهن ۾ آنن پيدا ڪرڻ جي تخليقي صلاحيت موجود آهي، اها به صلاحيت پيدا ڪئي وڃي ته هوءِ آنن کي پنهنجي جسم اندر خودڪار لڳ ڪرڻ جي عمل وسيلي پاڻ ئي لڳُ ڪرائي، نتيجي ۾ اڪيلي سر ڪنهن به مرد جي ڪاڻ ڪڍڻ کانسواءِ هڪ ٻار پيدا ڪري وجهي! پر عورت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ انساني نسل جو باقي رهڻ ناممڪن ٿي پوندو “
    باوجود انهيءَ حقيقت جي ته عورت انساني تخليق جو سرچشمو آهي، سماج جي واڌ ويجهه جو باعث آهي پوءِ به ڪيترائي اهڙا نادان انسان آهن، جيڪي قدرت جي هن خوبصورت تخليق کي ڪره ارض تان مٽائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن نه رڳو جساني طور عورت کي ختم رڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، پر نفسياتي، ذهني ۽ روحاني طريقي سان به عورت کي فنا ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، ته جيئن عورت نه سوچي سگهي نه لوچي سگهي ۽ نه وري انساني حقن جي چارٽر تحت برابريءَ جي دعويٰ ڪري سگهي، عورت تي ظلم، تشدد ۽ جبر ڪندڙ ڪي ڌاريا ڪو نه پر عورت جا پنهنجا عزيز و قريب آهن، روز عورت ٿي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ تشدد جون وارداتون اخباري صفحن جون سرخيون بڻجي انساني مهذب پڻي جو مذاق اڏائن ٿيون، اهو مهذب انسان جيڪو ايڪيهن صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي!.
    عورت هر روپ ۾ جبر ۽ تشدد جو شڪار آهي، نياڻي جي روپ ۾ به ته زال جي صورت ۾ به، ٻيو ته ٺهيو پر ماءُ جي صورت ۾ به پٽ جي ڏاڍ جو شڪار بڻجي ٿي.
    عورت تي ظلم جا ڪيترا قصا روز اسان کي نظر ايندا ۽ عورت ويچاري ڪلهه کان اڄ تائين، مرد جي ڏاڍائي جو شڪار بڻي، پنهنجي ذات جي بقا ۽ آزادي لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي، عورت جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي حوالي سان جيڪڏهن تاريخ جو اڀياس ڪبو ته اسان کي ٽي دور نمايان نظر ايندا.فطري دور، مرد جي حاڪميت جو دور ۽ حقن جي حاصلات لاء
    فطري دور:
    فطري دور مان مراد آهي اهو آڳاٽو ۽ اوائلي دور جنهن ۾ انسان فطري زندگي گذاريندو هو، ڌاريي رنگ روپ ۽ نقش نگارن کان پاڪ، مهذب ٿي ۽ تهذيب يافته اصطلاحن کان هٽي ڪري ان حالت ۾ جنهن ۾ خدا کيس خلقيو هئو، ان دور ۾ انسان محض انسان هو، مرد عورت يا ٻار ۾ ڪو فرق نه هئو، هر ماڻٰهو زندگي گذارڻ ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ محنت ڪندو هو، قدرت پاران اپايل ڀاڄيون ۽ ميوا ميڙيندو هو ۽ جهنگلي جانورن کان بچاءُ لاءِ گڏيل حڪمت عمليون پيو جوڙيندوهو، هن دور ۾ عورت جو رتبو مرد جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر سرس هو، ڇاڪاڻ ته ڪٽنب ۾ عورت جي حيثيت ڪي قدر اڳڀري هئي، ڪٽنب سماج جو بنيادي ايڪو ماضي ۾ به گهڻي ڀاڳي خانداني ڪم عورت ئي سر انجام ڏيندي هئي، ان ڪري ڪٽنبن ۾ عورت جي حيثيت بنيادي هوندي هئي، جڏهن ته مرد جي حيثيت سطحي ۽ ثانوي ڪن قبيلن ۾ ته مرد جي حيثت محض هڪڙي نر جانور جيان هئي، جنهن کي نسل جي واڌ ۾ ڪو به رتبو حاصل نه هو ۽ جيڪي جنسي عمل مان گذرندي ٻار ته پيدا ڪندا هئا پر علت ۽ معمول جي رشتي کان بي خبر اولاد جي پيدائش محض عورت جو ئي ڪارنامو تصور ڪيو ويندو هو(ت ج -50) هيءَ دور پٿر جي دور کان آڳاٽو دور هو پر پوءِ انسان سبزين ۽ قدرتي ميون سان گڏ گوشت به واپرائڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته سبزين جو مدار موسمن تي هو ۽ انسان کي خوراڪ جي ضرورت هر موسم ۾ هئي، پٿر جي دور جي آغاز سان انسان شڪار ڪرڻ شروع ڪيو، شڪار جيئن ته جسماني محنت طلب ڪندڙ ڏکيو پورهيو هو ان ڪري هن عمل ۾ مرد عورت کان اڳڀرو ٿيو ۽ پٿر جي دور جي آغاز سان قبيلي جي وحدت تي ساڳي رهي البته عورت جو ڪردار ڪي قدر ثانوي بڻجي ويو ۽ سماج ۾ سبزيون ميڙيندي هئي پر جهنگلي جانورن جي کلن صاف ڪري پوشاڪ به بنائيندي هئي هن ئي دور ۾ هڪڙو اهم ڪم پڻ عورت جي حوالي ٿيو ۽ اهو اهم ڪم هو جانور پالڻ، مرد جڏهن شڪار تي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن کيس جئرا جاڳندا جانورن جا ٻڇڙا به هٿ ايندا هئا ته زخمي جانور به مرد اهي آڻي عورت جي حوالي ڪندو هو.انهيءَ دوران گهر جي ڀرسان رهندي به عورت هڪڙي عظيم ۽ انقلابي شيءَ متعارف ڪرائي، جنهن سان سماجي ۽ گهرو زندگي ۾ وڏي ۽ عظيم تبديلي آئي، اها عظيم ۽ انقلابي شي هئي زراعت، زراعت جي ڪري انسان پهريون ڀيرو حضري زندگي اختيار ڪئي، بدوي ۽ سفري زندگي کي ڇڏيو، ۽ انسان پنهنجي غذا پاڻ پيدا ڪرڻ جي قابل ٿيو.جيئن ته زراعت، عورت جي محنت جو ڦل هئي، ان ڪري معاشري ۾ عورت جي حيثيت وڌي ۽ ڪيترن غير مهذب قبيلي وارن جو خيال هو ته اهو ڪم رڳو عورت ئي بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهي ٿي، مشهور محقق ۽ دانشور سبط حسن پنهنجي ڪتاب ”ماضي ڪي مزار“ ۾ سر جان فريزر جي حوالي سان لکي ٿو”سر جان فريزر آمريڪا جي اورنيڪو قبيلي جو هڪڙو واقعو بيان ڪيو آهي جنهن سان عورت جي زراعت سان وابستگي جي دعويٰ کي هٿي ملي ٿي، هڪڙو پادري اورنيڪو قبيلي جي ماڻهن تي اچي ڪاوڙيو چي ”عورتون ڪڇن “ تي ٻار کنيو سخت ڪاڙهي ۾ پيون ٻج پوکين، اوهان آهيو جو انهن جي ڪا مدد نه ٿا ڪيو؟ قبيلي وارن هٿ ٻڌي پادري کي چيو ”اي مقدس پيءُ اوهان اها ڳالهه نه ٿا سمجهو، اوهان کي ته ڄاڻ آهي اولاد عورتون پيدا ڪن ٿيون پر اسان نه ! هي جڏهن ٻج پوکن ٿيون ته جوئر جي ٻوٽن مان ٻه ٻه ٽي ٽي سنگ ڦٽي ٿا پون ۽ پٽاٽن جون به ٻه ٻه ٽي ٽي ٽوڪريون نڪريو اچن ٿيون ۽ اهو سڀ ان ڪري جو هي عورتون ٻار پيدا ڪرڻ ڄاڻ ٿيون ۽ کين خبر آهي ته هڪ ٻج مان گهڻو اناج ڪيئن پيدا ڪجي ۽ اهو سڀ ڪم اسان نه ٿا ڪري سگهون بس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ ئي ڏيو زراعت جي ابتدا سان ئي سماج ۾ مادرانه سماجي سرشتو يا مائيتو سماجي سرشتو شروع ٿيو، هن نظام تحت هر شخص جا حق ماءُ جي حوالي سان مقر ٿيا، عورت قبيلي جي سربراهه بڻي، سندس ئي نالي سان ڪٽبن هلڻ لڳو، سندس ئي نالي سان نسل هلڻ لڳو، زمين ۽ ڪٽنب گڏيل ملڪيت هوندا هئا، معاشري ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو وڌيڪ مضبوط هوندو هو، مڙس جو واسطو جيئن ته الڳ قبيلي سان هوندو هو ان ڪري اهو اجنبي هو ۽ ان دور جي عورت هڪ ئي وقت ڪيترا مڙس رکندي هئي، محض هڪ مڙس سان رهڻ جي روايت نه هوندي هئي.
    ”سماج ۾ مائٽي نظام جو سلسلو صدين تائين رائج رهيو، مصر، عراق، يونان، ايشيا ڪوچڪ ۽ واديءَ سنڌ ۾ به اهو نظام سالن جا سال هليو، مصر ۾ ته فرعونن جي دور تائين ، تخت و تاج جي حقيقي
    مالڪ ۽ مندر جي مها پروهت ملڪه هوندي هئي ۽ فرعونن کي شادي کانپوءِ ئي تخت و تاج حاصل ٿيندو هو، نه رڳو ڪلهه پر اڄ به اهڙا قبيلا آهن، جتي مائيتو سماجي سرشتو رائج آهي، آسام ۽ بنگلاديش جي سرحدي علائقي ۾ کاسي نالي هڪڙو قبيلو آهي جتي اڄ به مائيتو سماجي سرشتو رائج آهي. عورت جي محڪوميءَ جو دور پدرانه سماجي سرشتي کان پوءِ شروع ٿيو ۽ اهو سفر يا تبديلي ڪا ٻن ڏينهن جي نه پر سالها سال جي ارتقائي عمل جو نتيجو هئي ۽ ان جو مختصر ۽تفصيلي جائزو ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ۽ عورت “ ۾ هنن لفظن ۾ چٽيو آهي: ” مال جي پالنا سان گڏ آهستي آهستي سماج ۾ به تبديلي اچڻ لڳي، اڳ پوک کرپي ۽ ڪوڏر سان ٿيندي هئي پر هاڻي هر ڪاهجڻ لڳو ۽ اهو ڪم طاقتور جانور جي ذمي هو، اهڙي طرح معاشري ۾ ڌاتو به متعارف ٿيو، ڌاتو ڳارڻ جو ڪم نه رڳو مرد ڪيو پر ان مان اوزار به بنايا ۽ اوزار هلائڻ جي فن کان به لطف اندوز ٿيڻ لڳو، اوزارن ۽ هٿيارن جي مالڪي سان مرد نه رڳو جانور تي قبضو ڪي پر عورت کي به پنهنجي محڪوميءَ ۾ آندو ۽ ٻين هيڻن کي به غلام بنايو ۽ معاشري ۾ ” ڏاڍو سو گابو “ وارو سرشتو رائج ٿيو، ملڪيت ۽ خاص طرح ذاتي ملڪيت جو تصور اڀريو، ملڪيت جي سنڀال لاءِ گهڻن هٿن جي ضرورت پئي، مرد ڪٽنب وڌائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ڪيتريون ئي زالون رکيون ۽ اولاد پيدا ڪيو، پنهنجي وڌندڙ طاقت جي آڌار تي قبيلي جو سربراهه بڻيو ۽ ائين پدرانه سماجي سرشتي ، سماج ۾ آمريت، مطلق العناني، فاشزم ۽ انفراديت پرستي جو رجحان وڌو”
    مرد جي حاڪميت جو دور
    پدرانه سماجي سرشتي جي آغاز سان ئي عورت جي حيثيت محض هڪڙي مادي چيز واري بڻي، جنهن جو مالڪ ۽ مختيار مرد هو پيءُ جي روپ ۾ به ، ڀاءُ جي روپ ۾ به ته پٽ جي شڪل ۾ به اها صوتحال نه رڳو آڳاٽن معاشرن ۾ پر اڄ سوڌو مهذب معاشرن ۾ به موجود آهي.
    ”اوائلي دور ۾ غير مهذب ثقافتن جهڙوڪ آمريڪي انڊين قبيلن ۾ مرد عورتن سان سختيءَ سان پيش ايندا هئا، خدمتون به ٺندا هئا ته ڪُتي ڪري به ڪوٺيندا هئا، نيوڪيلنڊونيا ۾ عورت کي ڇپر هيٺان
    سمهاريو ويندو هو ۽ مرد جي سمهڻ جي جاءِ گهر جي اندر هوندي هئي، ڪن قبيلن ۾ ته مڙس ان ڪري زالن سان نه سمهندا هئا ته ڪٿي سندن زالن جا ساهه کين ڪمزور نه ڪري ڇڏين(ت ج -54).
    اهڙي طرح آڳاٽن مهذب معاشرن ۾ به عورت کي نهايت خسيس تصور ڪيو ويندو هو، يونان جيڪو علم و ادب جو مرڪز هو مشهور يوناني مفڪر ارسطو جو چوڻ هو: عورت مرد جي بگڙيل صورت آهي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۾ هو رڳو مواد پيدا ڪري ٿي جڏهن ته ٻار کي شبيهه سندس پيءُ ڏئي ٿو، ان ڪري ٻار کي ماءُ بجاءِ پيءُ سان وڌيڪ محبت ڪرڻ گهرجي“ ۽ ارسطو ان ڳالهه جو به مخالف هو ته ڪو عورت کي مذهبي سلسلن ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙي طرح روم ۾ عورت جي حيثيت بيان ڪندي جرمن تاريخدان ٿيوڊور مومزن، رومين جي زوال جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو: جيئن جيئن عورت جي سماجي حيثيت وڌڻ لڳي تيئن تيئن رومي معاشرو زوال پذير ٿيندو ويو، پراڻي دستور ۾ عورت قانون تحت مڙس جي نگرانيءَ ۾ هوندي هئي مڙس اختيارن جي معاملي ۾ پيءُ برابر هوندو هو، غير شادي شده عورت وٽ پنهنجي ڪا به جائداد ڪا نه هوندي هئي بنا پيءُ ۽ بنا مڙس واري عورت کي اها اجازت نه هوندي هئي ته هو پنهنجي رقم پاڻ خرچ ڪري، پر هاڻي عورت کي پنهنجي رقم خرچ ڪرڻ جو اختيار مليو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عورت مختلف قسمن جا قانوني حيلا هلائي رهي آهي ۽ عورت جي ۽ عورت جي اها آرزو به وڌي رهي آهي ته هو دنيا جي حڪمرانن تي حڪومت ڪري، لباس، زيورن، عمارتن جي سجاوٽ ۽ کاڌن ۾ فراواني اچي وئي آهي ۽ ايشيائي ۽ يوناني عيش عشرت روم ۾ اچي ويو آهي ۽ انهن سڀني براين جي جڙ عورت ئي آهي“ هن تحقيق مان جرمن قوم جي عورتن بابت ٻه اکيائي جي به نشاندهي ٿئي ٿي، ٿيوڊور مومزن ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ اديب هو.
    وادي سنڌ جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته هڪڙو دور اسان کي اهڙو به نظر ايندو، جڏهن مائيتو سماجي سرشتو هلندڙ هو، ماتا ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، پر پوءِ آرين جي آمد سان پدرانه سماجي سرشتي ترقي ڪئي ۽ ان دور ۾ ماڻهو پٽ جي شديد تمنا ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جو خيال هو ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ جنهن کي پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پٽ ناهي اهو پوءِ نالي نرڪ دوزخ ۾ پوي ٿو، انهيءَ ڪري ان دور جا ماڻهو پٽ گهرندا هئا ته نه رڳو جئري ٻانهن ٻيلي ٿين پر مرڻ کانپوءِ به ڪم اچن، انهيءَ ئي دور ۾ ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو ۽ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ملڪيت جا وارث پٽ هوندا هئا، پر پٽن جي غير موجودگي ۾ ڏوهٽا ملڪيت جا وارث ٿيندا هئا، ڌيئن کي ملڪيت ڪو نه ملندي هئي(آڀ-225) وقت گذريو سماج ۾ اهل ڪتاب مذهبن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ اسلام ڪجهه قدر عورت جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي نه ته ٻين وٽ عورت جي حيثيت اها ساڳي رهي، يهودين ۾ عورت گناهه ڏانهن راغب ٿيندڙ هستي هئي، شهوت ۽ رقابت پيدا ڪندڙ ۽ فساد جو ڪارڻ هئي (م ع 32) ملڪيت جي حوالي سان عورت نه ملڪيت جي حقدار هئي نه ورثي جي سندس ذاتي ڪمائي جو مالڪ سندس پيءُ يا مڙس هوندو هو
    ”عيسائيت ۾ به چرچ، عورت جي رتبي کي ويتر ڪمزور ڪيو ۽ هن ڳالهه جي خاص طرح ڪوشش ڪئي ته راهب ۽پادري عورت کان دور رهي ڇڙي زندگي گذارن ۽ انهيءَ صورت ۾ هو گناهن کان بچي سگهيا ٿي، چرچ جي مشهور عالم البرٽ دي گريٽ جي لفظن ۾ “ عورت مرد جي ڀيٽ ۾ اخلاقي طور گهٽ آهي، جيئن ته عورت ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ پاڻياٺ مادو وڌيڪ آهي، ان ڪري عورت گهڻين شين کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته پاڻياٺ مادو سولائي سان حرڪت ڪري سگهي ٿو، ان ڪري عورت جي مزاج ۾ غير مستقل مزاجي هوندي آهي ۽ هر مرد کي پاڻ کي عورت کان محفوظ رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هوءَ زهريلي نانگڻ ۽ سڱن واري شيطان سمان آهي “
    اسلام ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ عورت کي ڪافي حق ڏنا، ملڪيت جو حق، ورثي جو حق، نڪاح ۾ مرضي جو حق، ڪن حالتن ۾ طلاق جو حق، ٻي شادي جو حق.قرآن پاڪ جي آيت مبارڪ آهي:” ۽ (خدا) جي نشانين مان هڪ هيءَ آهي ته هن اوهان جي جنس منجهان اوهان جون زالون پيدا ڪيون، جيئن اوهان انهن وٽ سڪون حاصل ڪيو ۽ اوهان جو پاڻ ۾ پيار ۽ مهر پيدا ڪيو، بيشڪ هن ۾ سوچڻ وارن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آهن(روم-3).
    قرآن پاڪ جي هن آيت جي تشريح، سيد سليمان ندوي ”سيرت النبي “ صلي الله عليه وسلم جي ڇهين جلد ۾ هن ريت ڪئي آهي ”قرآن پاڪ هن لفظ ”سڪون“ ۾ زال جي رفاقت جي جنهن حقيقت کي ظاهر ڪيو آهي، ان ازدواجي تعلقي جي فلسفي جي سموري دفتر کي پنهنجي اندر سميٽيو آهي، سندس زال جو خلوت خانو دنيا جي پناهه آهي، ان ڪري زال ۽ مڙس جي لاڳاپن ۾ ايتري خوشگواري هئڻ گهرجي جو الله پاڪ جيڪي مقصد بيان ڪيا آهن، سي پورا ٿين، يعني باهمي خلوص، پيار، مهر و محب، سڪون ۽ چين، پر جي نڪاح سان قدرت جا طئي ٿيل مطلب پورا نه ٿا ٿين ته معنيٰ هن ۾ ٻنهي يا ٻن مان ڪنهن به هڪ جو ڏوهه آهي.“(ن س-248)
    باوجود ان حقيقت جي ته اسلام ۾ عورت کي ڪافي قدر حق ۽اختيار مليا پر جيئن ته اسلام جي تشريح ۽ تفسير ۾ گهڻ ماڻهن حصو ورتو ۽ گهڻن عالمن ان کي معنيٰ ۽ مفهوم ڏنو ان ڪري عورت جو رتبو ڪي قدر سوڙهو ٿي پيو، حنفي فقيهه ۾ جيڪڏهن مڙس عورت کي نانءَ و نفقو نه ڏئي يا کيس ڇڏي ڏئي يا مسلسل خراب سلوڪ ڪري يا وري سندس جان عذاب ۾ مبتلا ڪري ته هڪ مسلمان عورت کي عدالت ذريعي ازدواجي رشتو منقطع ڪرائڻ جو ڪو به اختيار ناهي (پ ر -92) ان کانسواءِ برصغير ۾ اسلام سان گڏ ٻيا مذهب به هئا ۽ثقافتي نفاذ سببان عورت جي حالت هر ثقافت ۾ بري هئي. امام غزالي چوي ٿو ته :مرد کي گهرجي ته عورتن سان سلوڪ ۾ وچٿرائي رکي، هر ڳالهه ۾ حق اختيار ڪري ته جيئن انهن جي شر کان محفوظ رهي سگهي، ڇاڪاڻ ته عورت جي مزاج ۾ بدخلقي هوندي آهي۽ عقل جي به گهٽتائي هوندي آهي، جيئن ته عورت ۾ برائي ۽ ڪمزوري هوندي آهي ان ڪري برائي جو علاج سختي سان ڪرڻ گهرجي“
    معاشر ۾ نه رڳو عورت جي سماجي حيثيت هئي پر اڃا به وڌيڪ عورت کي محض دل وندرائڻ جو رانديڪو تصور ڪيو ويندو هو، جنهن سان مرد محض پاڻ وندرائي، جنگ جي زماني ۾ عورت کي مال غنيمت سمجهي سپهه سالارن کان وٺي سپاهين تائين ورهايو ويندو هو۽ اڄ به بوسنيا ۽ ڪشمير ۽ ٻين جنگين جي ڀيٽ چڙهيل علائقي ۾ عورتن کي جنسي جبر جو نشانو بنايو وڃي ٿو.ان کانسواءِ عورت کي سوکڙي طور به استعمال ڪيو ويندو هو ۽ تعلقات بهتر بنائڻ ۾ شراب ۽ شباب کان وٺي ڪهڙي شيءِ بهتر ٿي سگهي ٿي؟ ۽ اهوسلسلو اڄ سوڌو رائج آهي، سياسي مضبوطي لاءِسياسي شادين جو به رواج آهي ته دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ٻانهن ڏيڻ جو به دستور عام آهي.”مغل شهنشاهه بابر جڏهن سمرقند ۾ هو ته سندس دشمن شيباني خان سندس گهيراءُ ڪيو ۽ جڏهن ڪاميابي جا امڪان ختم ٿي ويا ته بابر پنهنجي ڀيڻ خانزاده بيگم جي ٻانهن شادي لاءِ بابر حوالي ڪئي ۽پاڻ فرار ٿي ويو، اهڙي طرح هندستان جي راجپوتن به اڪبر کي ڌيون پرڻائي ڏنيون ته جيئن حڪومت ۾ عهدا ماڻي سگهڻ ۽ سلطنت جو حصو بڻجي پون “
    ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عورت جي هن استعمال ۽ استحصال لاءِ به عورت کي ئي قصور وارقرار ڏنو ويو، انگلستان جي مشهور مورخ ٽوائن بي هن خيال جو هو ته ”انساني تاريخ جي شجاعانه دور جون سموريون تباهيون عورت جي ڪري عمل ۾ آيون ۽ عورت ئي انهن سمورين براين جي ذميوار آهي، جنهن جي ڪري هيروز هڪ ٻئي کي قتل ڪيو “عورت پنهنجي تحقير ۽ تذليل خلاف جدوجهد شروع ڪئي ۽ اها به دلچسپ ڳالهه ته انهن تحريڪن جا روح روان وسيع النظر روشن خيال ئي مرد هئا ۽ انهيءَ جدوجهد جو مقصد هو ته جيئن عورت کي بحيثيت آزاد انسان تسليم ڪيو وڃي.
    حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد وارو دور
    عورت جي حقن جي حاصلات لاءِ جيڪڏهن ٿيندڙ جدوجهد ۽ ملندڙ لاڀ جو اڀياس ڪبو ته هن سلسلي ۾ اسان کي مختلف تحريڪون ۽ انقلاب نظر ايندا، جن جي نتيجي ۾ عورت ڪجهه نه ڪجهه حاصل ضرور ڪيو آهي پر اڃا به سندس منزل گهڻو اڳتي آهي، اڃا به کيس جاکوڙ ڪرڻي پوندي، بهرحال عورتن جي حيثيت جي حوالي سان جيڪا پهرين تحريڪ دنيا ۾ اڀري ۽ جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي حق مليا اها هئي.
    اسلامي تحريڪ:
    اسلام جي آمد ڇهين ستين صديءَ عيسوي ۾ ٿي ، اسلام ۾ عورت جي حيثيت تي خاص ڌيان ڏنو ويو، هڪ طرف ته عورت جي گهرو رتبي کي بلند ڪيو ويو، ٻئي طرف اقتصادي ۽ معاشي طرح به عورت کي مضبوط ڪيو ويو، جنسي امتياز ختم ڪرڻ لاءِ احڪامات جاري ٿيا .ارشاد رباني آهي ،
    ”اي لوڪو: ڊڄو پنهنجي رب کان، جنهن پيدا ڪيو، اوهان کي هن نفس مان ۽ پيدا ڪيو هڪ ئي فطرت ۾ جوڙو ان جو ، پوءِ ٻنهي منجهان پکيڙي ڇڏيا (ٻجن وانگر) بي شمار مرد ۽ عورتون “ (سورت النساءِ) يعني عورت ۽ مرد ٻئي هڪ جان منجهان پيدا ڪيا ويا آهن، ٻنهي جي پيدائش جو مرڪز ساڳيو آهي، ٻنهي جي خصوصيتن ۾ به ڪو فرق ناهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي هڪڙي فطرت تي پيداڪيا ويا آهن پر ٻئي هڪ ٻئي کان منفرد انسان آهن “(پ ر -23) ”حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن نياڻين کي باعث رحمت قرار ڏيندي چيو ”اوهان جو بهترين اولاد اوهان جون نياڻيون آهن “.
    گهرو زندگي ۾ زال جي رتبي کي به اسلام ۾ بلند ڪيو ويو، نڪاح ۾ عورت جي رضامندي، ڪن حالتن ۾ طلاق جو حق، ٻي شادي جو حق، ملڪيت جو حق، اسلام عورت کي ڏياريا ”روايت آهي ته هڪ موقعي تي هڪ شخص پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسل کان اچي پڇيو:” يا رسول الله! زال جو حق مڙس تي ڇا آهيِ؟“ پاڻ فرمايائون”جڏهن پاڻ کائي ته ان کي کارائي پاڻ پائي ته ان کي پهرائي، نه هن جي منهن جي چماٽون هڻي نه هن کي برو ڀلو چئي ۽ نه گهر کانسواءِ کيس سزا لاءِ الڳ ڪري .“
    ماءُ جي حوالي سان ماءُ جو رتبو بلند ڪرڻ لاءِ جنت ماءُ جي قدمن ۾ رکي وئي ۽ ملڪيت جي حق لاءِ ارشاد رباني آهي ” مردن لاءِ اهو آهي جو هو ڪمائن ۽ عورتن لاءِ اهو آهي ته جو هو ڪائن“ (سورت النساءِ) يعني عورت اقتصادي عمل ۾ پاڻ ڪمائي پاڻ خرچ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي ۽ ان کانسواءِ عورت کي پڻ هن جي مائٽن جي ملڪيت مان ورثي جو حق به اسلام ڏنو
    عورت ڪاري جي ر وپ ۾:
    ڪاري عورت ڪشيءَ جو پراڻو دستور جيڪو وري ڪر کڻي سجاڳ ٿيو آهي، عام طور ڪارو ڪاريءَ جو اصطلاح ان مرد ۽ عورت جي ڪوس کي چيو ويندو آهي جن کي ناجائز جنسي ناتن جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو وڃي.ڪاريءَ جو قهر دستور ڪڏهن کان شروع ٿيو ان لاءِ جيڪڏهن تاريخ جو مطالعو ڪبو ته اهو دستور به پدرانه سماجي سرشتي جي پيداوار نظر ايندو ڇاڪاڻ ته ”عصمت ۽ حيا وارا تصور انساني تاريخ ۾ نوان آهن، ملڪيت جي تصور ۽ ملڪيت جي احساس جي سوچ سان هي دستور به وجود ۾ آيو.
    تاريخ جي اوائلي دورن ۾ خاص طرح فطري سماجن ۾ ته ماڻهن کي اها به ڄاڻ ڪو نه هوندي هئي ته ڪو مرد ۽ عورت جي جنسي تعلق سبب اولاد پيدا ٿيندو آهي، ان دور ۾ عورت ئي قبيلي جي وجود ۽ اولاد جي ولادت جي واحد ذميوار هئي ۽ غير مهذب قبيلن ۾ به حمل ڪو جنسي معاملو نه هو ۽ ”ٽروبريان جزيري“ ۾ رهندڙن جو تصور هوندو هو ته درياءَ ۾ وهنجندي عورت اندر ڀوت داخل ٿي ويندو آهي يا کيس ڪا مڇي ڏنگي ويندي آهي، جنهن سببان عورت ٻار کي جنم ڏيندي آهي“
    وقت سان گڏوگڏ انساني عقل به ترقي ڪئي ۽ انسان تي اولاد جي پيدائش جو راز ظاهر ٿيو، پر هن دور ۾ به عورت جو ”ستيپڻو“ ماڻهن لاءِ اهم نه هو عورت کي پنهنجي پاڪدامني بجاءِ پنهنجي سنڍپڻي کان خوف ايندو هو، ”ڪام چول قبيلي“ جي گهوٽ کي جڏهن خبر پوندي هئي ته سندس ڪنوار شادي کان اڳ جنسي عمل مان ناهي گذري ته خار وچان ڪنوار جي ماءُ کي گاريون ڏيندو هو، ڌيءَ جي بهتر نموني ۾ پرورش نه ڪئي اٿس. اهڙي طرح اوائلي عرب معاشري ۾ به عصمت جو ڪو تصور ڪو نه ، عام طور عرب پنهنجي زال ڪنهن بهادر وٽ انهيءَ مقصد لاءِ اماڻيندا هئا ته جيئن ان جي نطفي مان اهڙو ئي جوڌو جوان اولاد پيدا ڪري سگهجي، ان کان سواءِ ان دور ۾ نڪاح جي اها به صورت هئي جو هڪ عورت واري واري سان ڪيترن مردن سان همبستري ڪندي هئي ۽ اولاد ڄڻڻ کان پوءِ هڪ ئي سڏرائي ٻڌائيندي هئي ته اهو سندس اولاد آهي ۽سندس مڙس کي اهو قبول ڪرڻو پوندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي معاشرتي سرشتا تبديل ٿيا ۽ روين ۽ قدرن ۾ به تبديلي آئي، رواج تبديل ٿيا ۽ پدرانه سماجي سرشتي جي آمد سان ڪيترن نون تصورن به جنم ورتو، ملڪيت، نسل، بڻ بڻياد، وغيره ۽ پدرانه سماجي سرشتي ۾ عورت جي حيثيت هڪ جانور جهڙي بڻي، عام طرح مائٽ، شادي لاءِ ڌيءَ جي عيوض ۾ معاوضو طلب ڪرڻ لڳا ۽ بابل ۾ به اشنونا جي ضابطي موجب شادي هڪڙو معاهدو هئي ۽ شادي کان اڳ مڙس زال جي پيءُ کي ڪجهه رقم ادا ڪندو هو ۽ جيئن جيئن سماج ۾ خريداري واري شاديءَ جو تصور پيو تيئن تيئن ”دوشيزگي“ ”عصمت“ ۽ ستيپڻي جو ملهه وڌيو، ڇاڪاڻ ته هڪ مرد جي ڪوشش هوندي هئي ته باعصمت عورت کي شادي لاءِ خريد ڪري ته جيئن سندس ملڪيت جو وارث سندس ئي حقي اولاد بڻي، ٻئي جو ناجائز اولاد نه، ۽ انهيءَ سبب ڪري عورت تي دٻاءُ وڌو ويو ته هوءُ پنهنجي ست جي حفاظت ڪري، ”توريگي “قبيلي ۾ عورت جي جنسي بي قائدگي جي سزا موت هوندي هئي، جڏهن ته نوبيا، حبشه ۽ سمالي لينڊ جا نينگرو نياڻين جي شرمگاهن ۾ تالا هڻي ڇڏيندا هئا، جڏهن ته بورينو جي قبائلين ۾ به نياڻين کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويندو هوهندو ۽ مسلمان سماجن ۾ پڙدي جو عام رواج هوندو هو
    ”پدرانه سماجي سرشتي ۾ زنا چوري جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي، هن عمل کي ”گناهه ڪبيره “ تصورو ڪيو وڃي ٿو، زانيه لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون وڃن ٿيون، حمورابيءَ جي قانون زاني عورت جي سزا هٿ پير ٻڌي کيس درياهه ۾ اڇلائڻ آهي، جڏهن ته ڪن قبيلن ۾ زاني جا آنڊا ڪڍي اڇلايا ويندا آهن“
    اوائلي هندو سماج ۾ جتي نيوڳ جو دستور رائج هو اتي به ڪجهه وقت کان پوءِ ”ست “ اهم حيثيت رکن لڳو ۽ جيڪڏهن مڙس کي زال جي چا ۾ شڪ پوندو هو ته ثابتي ۽ سچائي لاءِ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ عورت کي باهه جي اوڙاهه مان لنگهڻو پوندو هو ۽ اهو ئي ساڳيو دستور اغوا شده عورت لاءِ به رائج هو ته پارسائي جو ثبوت ڏي. سيتا جنهن پنهنجي ور رام لاءِ جلاوطني قبول ڪئي ۽ لنڪا جي راجا راوڻ جي قيد مان واپس اچڻ کان پوءِ کيس بهه پارسائي ثابت ڪرڻ لاءِ باهه جي مچ مان گذرڻوپيو، پر پوءِ به سيتا رام جي دل ۾ اها جاءِ حاصل ڪري نه سگهي ۽ ڌڻيءَ در دعا گهريائين ته ڌرتي ڦاٽي ته هوءَءِ ان ۾ گهڙي وڃي، ڌڻي در سندس دعا اگهامي ۽ سيتا سچ ۽ ست جي ساچئي لاءِ قربان ٿي وئي.
    ۽ تاريخ جو اهو تسلسل پوءِ به هلندو رهيو زال ۽ مائٽياڻي تي پري جي ڳالهه پر ڪنيزن جي بي راهه روي لاءِ به سخت سزائون هيون”سترهين صدي عيسوي ۾ سلطان ابراهيم جي حڪم ۾ هڪ ڪنيز جا هڪڙي خواجه سرا سان تعلقات قائم ٿيا، سلطان جي علم ۾ ڳالهه آئي، ڪنيز جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي، نتيجي ۾ سلطان ٻه سو اسي ڪنيزن کي ٻورين ۾ سبرائي سمنڊ ۾ اڇلرائي ڇڏيو
    ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، اها عورت جا ناجائز جنسي لاڳاپن جي مرتڪب ٿئي ٿي ان کي قتل ڪري ڪاري جو نالو ڏنووڃي ٿو ۽ ڪن علائقن ۾ وري انهن عورتن کي وڪيو وڃي ٿو،ڪني آڱر وڍي چڱي مصداق، لعل ڳڙهه ڊيره غازي خان ۾ اهو روواج عام آهي ۽ ڇوڪريءَ سان وري مائٽ تعلق نه ٿا رکن.
    سنڌ ۾ هونئن ته اها روايت اتر سنڌ ۾ عام هئي پر انگريزن جي دور حڪومت ۾ انهيءَ تي ڪنٽرول ڪيو ويو.”سنڌ جي انگريز فاتح سرچارلس نيپئر انهن ماڻهن لاءِ ڪڙيون سزائون مقررڪيون، جيڪي عورت کي قتل ڪندا هئا، سندس دور ۾ جيڪب آباد ۾ ڪاري وارو واقعو ٿيو، نتيجي ۾ انگريز حڪمران، اٺن ملوث جوابدارن کي گوليون هڻي مارايو ۽ ان کان سواءِ عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار لاءِ ڪلهي کان ٻانهن ڪٽڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ۽ انهيءَ قانون باعث عورتن جو قتلا ڪنهن حد تائين ختم ٿي پر ڪن آئيني تشريحن جي نتيجي ۾ هي دستور ٻيهر رائج ٿيو، ڇاڪاڻ ته ٻٽي قتل جي خطرناڪ مجرم کي”غيرت منداڻوردعمل“جي سري هيٺ خاص قانون ۾ چالان ڪيو وڃي ٿو، جنهن سببب اهو فرد جيڪو خباثت نفس جو مرتڪب ٿئي ٿو سو آساني سان پاڻ کي قانون حوالي ڪري ٿو ۽ چند سالن جي معمولي قيد بند کانپوءِ آزاد ٿي نڪري اچي ٿو.جيتوڻيڪ ٿيڻ اهو گهرجي ته اهڙي قتل کي به قتل جي عام دائري واري قانون هيٺ آندووڃي ۽ قاتل کي خطرناڪ ارادي قتل جو مجرم سمجهي فوجداري قانون تحت قلم3.7 ۽ 3.2 هيٺ سزا جو موجب قرار ڏجي.
    ڪاري ڪاري واري عمل کي ويتر حدود آرڊيننس واري قانون به هٿي ڏني، جيتوڻيڪ حدود جو نفاز تمام گهڻو احتياط طلب آهي پر ڪي ڪم علم ماڻهو انهيءَ نفاذ جو غلط مطلب وٺي غلط فيصلا ۽ عمل ڪن ٿا.
    ان کان سواءِ ڪارو ڪاري جو قتل ٻين محرڪن سببان به عمل ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ طرح مجرم پاڻ کي قانون جي گرفت کان به تڪڙو آجو ڪرايو ڇڏي ٿو.ڪاري واري دستور جو وڌيڪ منفي پهلو اهو به آهي ته سرداري ۽ راڄوڻي فيصلن تحت عورتن کي ڪاري ڪيو ويندو آهي پوءِ ڀلي ڇوڪريءَ جا مائٽ انهيءَ فيصلي لاءِ راضي نه هجن، اها به روايت آهي ته اڪثر سردار پنهنجو سرداري نظام مضبوط ڪرڻ لاءِ باغي ڪٽنبن کي پنهنجي جڪڙ ۾ جڪڙيندا آهن ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن سردار کي ڪا عورت وڻي ويندي آهي ته ان تي ڪاري جو الزام هڻي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو آهي ۽ پوءِ راڄوڻي فيصلي تحت ان ڳالهه جو حقدار بڻيو آهي ته ٻانهن وڪڻي يا پاڻ وٽ رکي، جي ڇوڪري انهن ڳالهين لاءِ تيار نه ٿي ته کيس ڪاري ڪيو ويندو
    ۽ اڄ ڪلهه ته ڪارو ڪاري جو ڊرامو نه رڳو ملڪيت ڦٻائڻ پر دشمني پاڙڻ لاءِ به رچايو ويندو آهي..اها عورت جا پنهنجي گهر وارن جي دشمني سببان اغوا ٿيندي آهي، واپسيءَ تي گهر وارن جي هٿان ئي قتل ٿيندي آهي۽عورت کي ڪاري ڪري ماريندڙ نه رڳو سندس ويجها عزيز جهڙوڪ پيءُ يا ڀاءُ پر چاچا، ماما سئوٽ ماسات توڙي ڏور پري جا مائٽ به هوندا آهن.
    ڪاري ٿيندڙ عورت جي ڪا به عمر ناهي هوندي، هو عمر جي ڪهڙي حصي ۾ به قتل ٿي سگهي ٿي.
    روايت آهي ته ڪاري تي نه فاتح ٿيندي آهي ۽ نه تڏو پوندو آهي، نه کيس ڪفن ڏبو آهي ۽ نه وري جنازي نماز ٿيندي آهي.
    ڪاري ڪرڻ جا به ڪيترائي مختلف دستور ٿين، روايت آهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪن علائقن ۾ ڪاري ٿيندڙعورت کي ڳاڙهو وڳو پارايو ويندو آهي، هٿن تي ميندي لڳائبي آهي ۽ پوءِ فجر سان درياه ڪناري آڻي گولين يا ڪهاڙين جو بک بڻايو ويندو آهي.
    ڪجهه علائقن ۾ وري ڇوڪريءَ کي جبل تي وٺي وڃي سندس مڻڪو ڀڃيوويندوآهي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪاري ڪندڙ عورت سان نهايت وحشتناڪ ڪارروائي ڪئي ويندي آهي.
    هن مهذب دور ۾ جڏهن اسان ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيون، عورت اڃا به ان ساڳي مقام تي بيٺل آهي ۽ باوجود ايڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي اڃا به عورت اتي آهي، جتان هن هلڻ شروع ڪيو هو ۽ ان جو سبب شايد اهو آهي ته عورت فطري طور امن پسند آهي، ڏاڍ، ڏهڪاءُ کي ننديندڙ آهي، عورت جي امن پسندي سبب ارڪ فروم نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي ته عورت ٻار پيدا ڪري ٿي، پيدائش واري مادي کي رحم ۾ رکي ٿي، ان ڪري فطرت جي وڌيڪ ويجهو آهي ۽ ان جي برعڪس مرد، فطرت کان دور هوندو آهي ۽ پنهنجن اصولن ۽ خيالن جي دنيا بنائيندو آهي ته جيئن فطرت جي جاءِ والاري سگهي، ڪٽنب ۾ ٻار،ماءُ سان محبت ڪندو آهي، جڏهن ته پيءُ جي اطاعت ڪندو آهي ۽ ان کان بغاوت به ڪندو آهي، ماءُ سان سندس رشتو فطري هوندو آهي، جڏهن ته پيءُ سان دنياوي ماءُ جي محبت غير مشروط هوندي آهي ۽ پيءُ جي توقعاتي .
    عورت جي انهيءَ ڪمزوري عورت کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ مرد جي دنيادار طبيعت عورت کي قابو ڪيو آهي.
    (هي تحقيقي مقالو تنوير جوڻيجو جو لکيل آهي)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين آرٽيڪل لکيل آهي
    معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    سدائين گڏ
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌجي سُندر بدن تي لڳل ڇتي ڪتي جو چڪ ۽ وڻواند ٿي ويل سماج، جتي اسان جهڙا حساس ماڻهو چاهين ٿا ته ان قسم جون سماجي غلاظتون سماج ۾ نه رهن، ان ڪري شعوري جاڳرتا جي ذريعي ئي اسان سماجي تبديلي آڻي سگهون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو