لکڻ پڙهڻ جو شؤق ننڍي هوندي کان هو. ٻاراڻي دؤر ۾ هرو ڀرو پيا تخلص به رکبا هئا. هي 16 سال اڳ يعني مئي 1997 جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جي ارچڪ مرچڪ کان پوءِ بچيل واحد رسالي گل ڦل ۾ لکندا هئاسين. منهنجي هڪ تحرير کي گل ڦل پاران انعام به مليو هو. اڄ نيٽ گردي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي هن لنڪ تي اهو مضمون مليو. هڪ پراڻي ياد تازه ٿي. مضمون ڪجهه هن ريت هو.
نياڻين جي تعليم جي اهميت
نياڻين جي تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي. ۽ انهي طرف هر ڪنهن کي توجه ڏيڻ گهرجي؛ ڇو ته صرف ڇوڪرا ئي پڙهي، اسان جي ملڪ جو نالو روشن نه ڪندا، پر نياڻيون به پڙهي اڳتي هلي ملڪ جي خدمت ڪنديون. اڳئين دور ۾ نياڻين جي تعليم جي ڪابه اهميت نه هئي. ڇوڪرين جا والدين صرف اهو ئي بهانو ٺاهيندا هئا، ته اسان وٽ ڇوڪرين جو پردي ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر هاڻ نياڻين جي تعليم لاءِ سٺا اُپاءُ ورتا ويا آهن. ڪيترائي اسڪول کوليا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي، ته نياڻين جي تعليم جي اهميت تمام اهم آهي.
ڪنهن گهر ۾، هڪ عورت پڙهيل هوندي، ته ان جو گهر صحيح اصول ۽ طريقي تي هلندو، پر جنهن گهر ۾ ڪابه عورت پڙهيل نه هوندي، اتي ڪوبه اصول ۽ صحيح طريقو نه هوندو ۽ گهر ۾ فائدي بدران نقصان ٿيندو.
ان لاءِ اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ماءُ، پيءُ کي به گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين جي تعليم ڏانهن توجه ڏين ته جيئن، ڇوڪريون به اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪن.