• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين ٽرانسسٽر چيڪ ڪيئن ڪجي ته هن ۾ بيس ڪهڙو آهي ايميٽر ڪهڙو آهي ڪليڪٽر ڪهڙو آهي(رحيم بخش(

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سائين ٽرانسسٽر چيڪ ڪيئن ڪجي ته هن ۾ بيس ڪهڙو آهي ايميٽر ڪهڙو آهي ڪُليڪٽر ڪهڙو آهي(رحيم بخش) ۔
ٽرانسسٽر پهرئين سمجهون ته
هڪ ننڍي طاقت جي اها هڪ اهڙي (سالڊ اسٽيٽ) ايجاد، جيڪامشتمل هوندي آهي، هڪ سيمي ڪنڊڪٽر ۽ گهٽ ۾ گھٽ ٽن ٽنگن وارن اليڪٽروڊز تي، جنهن کي ڪتب آڻبو آهي، بطور هڪ ايمپليفائر جي، هڪ ريڪٽيفائر جي ۽ گهڻي ڀاڱي استعمال ڪبو آهي اٽيگريٽيد يعني آءِ سي ٺاهڻ ۾۔
ٽرانسسٽرس جي ٽن ٽنگن جي سڃاڻپ
اهڙا ٽرانسسٽرس جن جون ٽنگون (ليڊس) هڪ ٻئي جي ويجهو رکيون وڃن ۽ جي اُهي ٽُڪنڊي واري شڪل ۾ ڏسجن، ته جنهن ٽنگ يا (ليڊ) ڀرسان هڪ ٽٻڪو ڏسڻ ۾ اچي ته ان ٽرانسسٽر جي اُها ليڊ (ڪليڪٽر) سڏبي. ياد رهي ته پوءِ اهڙن ٽرانسسٽر جي (بيس) ليڊ وچ ۾ هوندي. ۽ پوءِ واري ٽي ليڊ (ايميٽر) هُوندي. اهو طريقو هن هڪ قسم جي ٽرانسسٽرس لاءِ (اسٽينڊرڊ) سڏبو آهي۔

1. اهڙا ٽرانسسٽرس به آهن جنهن جي گول باڊيءَ تي سڌو (فليٽ) حصو هُجي، ته فليٽ حصي جي ويجهي واري ليڊ (ايميٽر) هوندي.
2. ٻي صورت ۾، ان ٽراسٽر جي باڊي تي (ٽيب) ڏنل هوندو ته اهو به (ايميٽر) هُئڻ جي نشاندهي ڪندو.
3. جنهن به ٽراسٽر ۾ ٻه ٽنگون هُجن ته ان ٽرانسسٽر جي باڊي (ڪليڪٽر) هوندي. اهڙن قسمن جي ڪن ٽرانسسٽرس ۾(آئڊنٽٽيفڪيشن) ٽيب ڏيکاريل هوندا، پر ان ڪي اهڙا به هوندا جنهن ۾ اُهي ڪونه هوندا. ان صورت ۾ ٽرانسٽر کي هٿ ۾ پڪڙيو ائين جو ٻه ليڊس ۽ انهن جي ويجهو وارو(هول) مٿئين طرف هُجي، ته ليفٽ ٽرمينل (بيس) ۽ ٻيو ٽرمينل (ايميٽر) هوندو.
41699 اٽيچمينٽ ڏسو1698 اٽيچمينٽ ڏسو1697 اٽيچمينٽ ڏسو1696 اٽيچمينٽ ڏسو1695 اٽيچمينٽ ڏسو1694 اٽيچمينٽ ڏسو1693 اٽيچمينٽ ڏسو . ياد رهي ته پاور ٽرانسسٽرس جي باڊي پلاسٽڪ ۽ (ميٽل) ڌاتو، ٻنهين جي ٿي سگهي ٿي. ميٽل پارٽ جنهن ۾ هول هُجي ان کي ٽرانسسٽر کي ڳنڍڻ لاءِ ۽ ميٽل ٽيب کي (ڪليڪٽر) ليڊ سان جوڙبو آهي. هي ٽرمينل اريجمينٽس (اسٽينڊرڊ) هونديون آهن. 5. ٻين قسمن جي ٽرانسسٽرس ۾ (بيس) کي مڙيل شڪل ۾ ڏيکاريو ويندو آهي۔
ميٽر سان ٽيسٽ ڪرڻ جو طريقو
.
اوهم ميٽر ٽيسٽ جو طريقو ٽرانسسٽرس جي (ايميٽر) ۽ (ڪليڪٽرس) کي سمجهڻ لاءِ آسان آهي. ياد رهي ته جنڪشن ڊي سي ريسزسٽس، (بيس ايميٽر ۽ بيس ڪليڪٽر) ٽرانسسٽرس جا برابر ڪونه هوندا آهن. ۽ اُبتو(رورس) ڊي سي ريزسٽنس ڪنهن بيس ايميٽر ٽرانسٽر جنڪشن گهٽ هوندو به نسبت بيس ڪُليڪٽرجنڪشن جي.
هن ٽيسٽ وٺڻ لاءِ پنهنجي اوهم ميٽرريزسٽنس جي رينج کي گهٽي ۾ گهڻي رينج (ايڪس 10 ڪي) تي رکو. اها ٽيسٽ ان طريقي جي ئي هوندي آهي جيئن پاڻ (ڊائيوڊ) يعني ٻن الڪٽروڊ (ٽنگن) جي ٽيسٽ ڪندا آهيون.اها ٽيسٽ (رِوَرس) موڊ ۾ هوندي آهي. ڪن ٽرانسسٽرس ۾ ڊي سي ريزسٽنس برابر به هوندو آهي ۽ پوءِ ٻنهين ٽرمينل مان هڪ ٻئي کي ڳولڻ ڏکيو هوندو آهي، اهڙي صورت ۾ توهانجو تجربو ڪم ايندو.
ڏيکاريل ٽيسٽ تحت
ٽرانسسٽر جو (بيس) ڳولڻ لاءِ (فارورڊ) يا (رورس) ٽيسٽ وٺبيون آهن. ننڍڙن سگنلز وارا ٽرانسسٽر تقريبن اڌ ۽ گول پلاسٽڪ باڊي وارا هوندا آهن تن ۾ (بيس) سڃاڻڻ جون ٻه لوڪيشنس هونديون آهن . يا ته اُها لوڪيشن وچ تي هوندي آهي يا ٽرمينل جي ساڄي پاسي تي، (جي توهان باديءَ جي سڌي سيڊ تان پيا ڏسو ته).
اچو ته سمجهون ته ان ٽرانسسٽر جي وچ وارو ٽرمينل (بيس) آهي.
جي اوهم ميٽر جو پوائنٽر ٻنهين طرف گهمي ٿو ته، سمجهبو ته اسان جي سمجهه صحيح هُئي ڇو جو ٻئي ٽيسٽون (لو ريزسٽنس) ڏيکارينديون.
اها سمجهه تڏنهن به صحيح هوندي جڏنهن ٻنهين طرف (هاءِ ريزسٽنس )ڏسڻ ۾ اچي
پر جي ريڊنگ هڪ ٻئي جي مُخالف هُجي ته جيئن
هڪ (لو ريزسٽنس) فارورڊ ڏيکاريندي، ٻي (هاءِ ريزسٽنس) رورس ڏيکاريندي ته اسانجي سمجهه غلط هُئي. پوءِ توهان پنهنجو ساڄو هٿ کڻي ان ساڳئي ٽيسٽ پروسيجر کي فالو ڪريو.
پوليرٽِي (يعني اليڪٽرانڪس) وهڻ جا ڪنهن به ٽرانسٽر ۾ طريقا
سيمي ڪنڊڪٽر ڌات، جرمينيم يا سليڪان (دريا جي واري ۾ چمڪندڙ اڇا جُزا) جن جي ٻن پوليرٽيز (ڪاٽو) نگيٽو يا ڪيٿوڊ، ٻيو (واڌو) پازيٽو يا اينوڊ، کي پاڻ ۾ جوڙن جي وچ واري حصي کي جنڪش چئبو آهي ۔(اين پي ) ۽ ٻيو (پي اين) ۽ ٻنهين کي جوڙڻ سان (يعني ٻه ڊائيود پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان (ٻه جنڪشن) اين پي اين يا پي اين پي ٺهندا ۽ هر جنڪشن تي هڪ ڌاتي ٽرمينل لڳائبو آهي ته هي ٽن ٽنگن وارو جيڪو پرزو ٺهندو آهي اُن کي ٽرانسسٽر سڏبو آهي۔
مطلب ته ٽرانسسٽر مُختلف پوليرٽي وارن ڊائيوڊس کي جوڙي ٺاهبو آهي جنهن ۾ هڪ جي پوليرٽي (نگيٽو) ۽ ٻي جي پوليرٽِي (پازيٽو) هوندي آهي ان ڪري انهن کي (با پولار) يعني (ٻن پوليرٽيز وارا ٽرانسسٽر) چئبا آهن۔ هي ٻن قسمن جا (باءِ پولار) ٽرانسسٽر هيٽ ڏجن ٿا هن ۾ ٻن ڊائيوڊس کي هڪ ٻئي جي سامهون جوڙي ٽرانسسٽر (ٽن ٽنگن وارو) ٺهندو۔
ٻنهين کي چئبو آهي (فرنٽ ۽ فارورڊ) يعني (لو ريزسٽنس) ۽ (بيڪ ۽ رورس) معنى (ها ريزسٽنس۔
بيس ايميٽر شارٽيڊ ٽيسٽ

 
احتياطي تدبيرون
هاڻ جتي توهان پنهنجي ٽرانسسٽرس کي ٽيسٽن وسيلي پرک ڪرڻ چاهيو ٿا اُتي توهانکي پنهنجي ٽرانسسٽر جي تباهي يا خراب ٿي نه وڃڻ لا ڪي اُپا به وٺڻا پوندا۔ جيئن توهان غلط طريقي سان ان کي ٽيسٽ ڪري مُرڳو ساڙي نه ڇڏيو۔
1۔ ياد رکو ته اوهم ميٽر جي رينجون ايڪس (يا ضرب) 1 کان 10 ڪي تائين وڏن ٽرانسسٽرس کي چيڪ ڪرڻ لا استعمال ڪبي آهي۔
2۔ هڪ سنگل ٽيسٽ سان توهان ٽرانسسٽر کي پرکڻ جي ڪوشش نه ڪريو پر ان کي هر هر ٽيسٽ ڪري ڏسو۔
3۔ ٽرانسسٽر جي (ايڪس 10 ڪي) ٽيسٽ رينج تمام سينسٽو ٽيسٽ رينج آهي ۽ جي توهان جو هٿ يا آڱر ٽيست ميٽر جي ڪنهن پراڊ سان يا ٽرانسسٽڙ جي ليڊ سان ڇهجي وئي ته ٽيسٽ رزلٽ خراب (غلط) به ٿي سگهي ٿي۔ تنهنڪري هر هر ٽيسٽ ڪرڻ جي پريڪٽس سان توهان ٽيسٽ رزلٽ صحيح وٺي سگهندا۔
4۔ اوهم ميٽر جي ٽيسٽ لازمي ناهي ته هر وقت صحيح هُجي ۽ ٽرانسسٽر صحيح ڏيکاري پر اڪثر اوهم ميٽر ٽيسٽ ٽرانسسٽر جي سُٺي رزلٽ ڏئي به سگهي ٿو۔
5۔ جيڪڏنهن توهان کي ٽرانسسٽر جي ڪوالٽي بابت ذرو به شق هُجي ته توهان ٽرانسسٽر بدلائي استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏجو ته متان ڪمپونينٽ خراب به ۽ غير معياري به ٺهيل ٿي سگهي ٿو۔
6۔ اوهم ميٽر ٽيسٽ جا اهي شق اسان ان ڪري ٿا ڏيکاريون جو بحرحال اهو به انٽڙنل بيٽري رکي ٿو۔ جيڪا استعمال سان آهستي آهستي وولٽيج به ڊراپ ڪري ٿي (ڊسچارجنگ جو عمل)۔
7۔ جيئن ته حقيقي ٽرانسسٽر جي ٽيسٽ ان وقت بهتر هوندي آهي جڏنهن هو لڳل هوندو آهي ۽ ان تي وولٽيج استعمال ٿي هن جي ڪوائلٽي بابت صحيح هجي ٿو ان ڪري مينيوفيڪچر جي ڊيٽا ته گهڻو ڌيان ڏجو۔ جو کليل ٽرانسسٽر کي گهٽ وولٽ واري بيٽري سان ٽيسٽ ڪبو آهي جڏنهن ته سرڪٽ ۾ لڳل تي برابر ها وولٽ استعمال ٿيل هوندا آهن۔
7۔ ڪڏنهن ڪڏنهن هڪ پارشيلي ڊفيڪٽو ٽرانسسٽر اوهم ميٽر سان صحيح ريڊنگ ٽيسٽ ڏيندو پر جڏنهن ان کي ها وولٽيج سرڪٽ ۾ لڳائبو آهي ته صحيح ڪم ڪونه ڪندو آهي ان کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي۔

محترم رحيم بخش صاحب ۽ انهن جي تاعيد ڪرڻ وارن کي گُذارش
سائين جي هاڻ توهان پنهنجي آسان سوال جي جواب ۾ هن مشڪل ۽ تفصيلي نوٽ سان جي سهمت آهيو ته ايتري ئي محبت سان پنهنجي را ڏيڻ ۾ ڪنجوسپائي نه ڪجو، ان ڪري جو آئون پهرئين چئي چُڪو آهيان ته هي رموٽ ڪلاس خشڪ آهي جي ڪامينٽس نه ملندا ته مون تي به سستي قابض ٿي ويندي۔ جيترا گهڻا ڪامينٽس ملندا اوترو گهڻو رموٽ ڪلاس هلندو، بس مجبوري آهي۔
 
سائين ٽرانسٽر چيڪنگ متعلق تمام بهترين معلومات آهي ڇا سرڪٽ ۾ لڳل ٽرانسٽر به اوهم ميٽر ذريعي چيڪ ڪري سگهجي ٿو اگر ڪري سگهجي ٿو ته ان وقت سرڪٽ کي پاور سپلائي ڏنل هجي يا نه؟ ٻيو ته ٽرانسٽر استعمال ڪرڻ لاء رزسٽنس وغيره استعمال ڪري نيٽ ورڪنگ ڪيئن تيار ڪجي مثال طور ايميٽر تي ڪيتري رزسٽنس لڳائجي ڪليڪٽر تي ڪيتري ۽ ان ٽرانسٽر کي ڪيترا وولٽ ڏجن ان جي متعلق ڄاڻ ڏيندا ليڪن ٿورو مختصر هجي ته جيئن سڀ دوست پڙهي ان مان فائدو حاصل ڪندا رهن۔
 
جي بلڪل پر ان ۾ ليڪيج ٿيندڙ ڪرنٽ وولٽس جي ماپ سان ۽ پو فارمولا هڻي ٽيسٽ ڪري رزلٽ ڪڍبي آهي ، ان ۾ انٽرنل اميڊنس (ريزسٽنس) کي به ماپبو آهي پر جي صبر ڪريو ها ته مان ترتيب سان هلي سرڪٽ ڊزائين کان ئي شروع ڪري توهانکي سمجهايان ها ۽ ان ترتيب ۾ توهانجي سوالن سان گڏوگڏ پروجيڪٽ به هجن ها۔ باقي هاڻ پهرئين سبق تي پريڪٽس ته ڪريو پڪا ٿيو ته اڳتي وڌنداسون ۽ پڪو ڏسڻ لا ايم سي ڪيو به وٺندس جيئن خبر پوي ته ڪير پرائي به پيو يا رُڳو سوالن تي زور آهي۔ هتي مطلب عملي طرح سان سيکارڻ آهي نه ڪي ٽيڪسٽ صرف۔ پو ڇا انتظار ڪري سگهندئو يا۔۔۔؟
 
جي انتظار ڪيون پيا جيئن توهان کي سولو لڳي ائين ئي جاري رکو ليڪن موضوع پڙهندي اگر سوال ذهن ۾ ايندو ته اهو سوال ته ڪبو سوال موضوع کان ٻاهر نه هوندو ٽرانسٽر جي چيڪنگ متعلق ڳالهه هئي ان ڪري سوال ڪيو ويو اگر سوال جي منع آهي ته آئنده رڳو پڙهي سبحان الله ڪبو۔
 
اڙي سائين ليڪچر ته پورو ٿيڻ ڏيو! توهانکي سوال ڪرڻ جا موقعا ۽ انهي وقت انهن جي حل ٿيڻ جو ڪوششون ورتيون وينديون۔ ڇا مٿيون مضمون توهانکي تسلي نٿو ڏي ته سوال جو مفصل جواب ملندو؟
 
اڙي سائين ليڪچر ته پورو ٿيڻ ڏيو! توهانکي سوال ڪرڻ جا موقعا ۽ انهي وقت انهن جي حل ٿيڻ جو ڪوششون ورتيون وينديون۔ ڇا مٿيون مضمون توهانکي تسلي نٿو ڏي ته سوال جو مفصل جواب ملندو؟
سائين نئين ليڪچر جو انتظار آهي۔ اگر ٿورو مختصر هجي ته تمام بهتر ٿيندو مٿئين ليڪچر ۾ ڪجهه تصويرون رپيٽ ٿيل آهن وڌيڪ جيئن اوهان کي موزون لڳي اسان هر ڳالهه ۾ راضي آهيون۔ بس توهان فقط ڪم کي جاري رکو۔
 
ڇا ڪريان ٻن قسمن جا با پولار ٽرانسسٽر هُجن جن ۾ ٻن قسمن جا سيمي ڪنڊڪٽر استعمال ٿيل هُجن ۽ ٽه ٽنگا هُجن ته هڪ ٽيسٽ سان چيڪ ته نه ڪندو۔ رپيٽ تصوير غلطي سان لڳي وئي هوندي هٽائي ڇڏبي، جنهن واڌ جي شڪايت آهي اُها به ٻُڌايو ته ڪٿي مختصر ڪريان۔ ٽراسسٽر ٽيسٽ تي هي مضمون ته ختم ٿيو۔ باقي اڳتي ايندا ويندا، وقت ۽ ضرورت تحت۔
 
Back
Top