اڄوڪو ڏينهن 13 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 13 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    13 جنوري 1914ع شاعر اڌارام اڌاس جو جنم ڏينهن آهي.
    13 جنوري 1929ع موسيقار، گلوڪار، اداڪار ۽ شاعر گورڌن ڀارتي جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1936ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1942ع شاعر عرس اظهر سولنگي جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1952ع ليکڪ عادل سومري جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1953ع شاعر محمد صادق محرم جو جنم ڏينهن آهي.
    13 جنوري 1958ع تعليمدان ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ پروفيسر بدر سومرو جي پيدائش ٿي.
    13 جنوري 1961ع اسٽيج ڊائريڪٽر جڳديش شهدادپوري (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    13 جنوري 1976ع ليکڪ مور مغيري جو جنم ڏينهن آهي.
    13 جنوري 1977ع شاعره صدف ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1980ع شاعر ادا قربان سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1982ع ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جو جنم ڏينهن آهي۔
    13 جنوري 1983ع باليووڊ اداڪار عمران خان جو جنم ڏينهن آهي۔



    وڇوڙو:

    13 جنوري 1851ع بزرگ خليفو محمود جو انتقال ٿيو.
    13 جنوري 1896ع پير احسان الله شاهه راشدي جي وفات ٿي.
    13 جنوري 1964ع سياستدان مير علينواز ٽالپر جي وفات ٿي.
    13 جنوري 2003ع اديب ۽ مصنف ابنِ حيات پهنور جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 13 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    ____
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    13 جنوري 1932ع تي سکر بيراج جي تڪميل ٿي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي
    نالي واري اديب اظهر سولنگيءَ جو اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي آهي. هن 13 جنوري 1942ع تي ڳوٺ ميوي خان، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ثانوي -تعليم- دادوءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادوءَ مان ۽ انٽر ۽ بي.اي ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پرائيويٽ پاس ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”مسلم هسٽريءَ“ ۾ ماسٽرس ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ استادي پيشي سان وابسته رهيو، جتان 1993ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1967ع ڌاري علم ادب جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائيندو رهيو. سندس مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو تعداد 250 کان مٿي آهي. انهيءَ مان گهڻا شايع ٿيل آهن ۽ باقي ڪجهه اڻڇپيل آهن. -اظهر سولنگي- جو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو آهي. هي سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) دادو جو باني ۽ صدر به رهيو. هن کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. -ان- کان سواءِ سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. اظهر سولنگيءَ دادوءَ جي ماضي ۽ حال جي سموري منظر نامي کي تفصيل سان -تحقيق- ڪري هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن جو نالو ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ آهي. اهو ڪتاب سرجڻهار پبليڪيشن، دادوءَ پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو. محمد عرس ”-اظهر سولنگي-“ هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي.۔بشڪريه وڪيپيڊيه۔
    [​IMG]
    محمد عرس جو لکيل ڪتاب ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ آهي. هڪ بهترين دستاويز آهي جيڪو مون کي محمد عرس جي دوست ۽ منهنجي روحاني استاد سائين حافظ خليل احمد صاحب ڏنو هو، هن ڪتاب تي انشاءالله ڪڏهن تبصرو پڻ پيش ڪبو۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو