سائنسدانن جي هڪ گروهه 5 ڀولڙن کي هڪ پنڃري ۾ بند ڪيو ۔۔۔ پنڃري ۾ هڪ ڏاڪڻ رکي ۽ مٿي ٽوڪري ۾ ڪجهه ڪيلا به رکيا۔۔۔ جڏهن ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪندو هو ته سائنسدان هيٺ موجود ڀولڙن تي ٿڌو پاڻي هارڻ شروع ڪندا هئا۔۔۔ ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪو ڀولڙو ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هيٺ موجود ڀولڙا ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ نه ڏيندا هئا۔۔۔ ڪجهه دير کانپوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪو به ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي همت نه پيو ڪري۔۔۔ سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي۔۔۔ پهرين جيڪا حرڪت نئين ڀولڙي اچڻ سان ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي پر جلد ئي ٻين ڀولڙن ان کي مارڻ شروع ڪيو۔۔۔ ڪئي دفعا مار کائڻ کانپوءِ نئين ايندڙ ڀولڙي فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي ڏاڪڻ تي نه چڙهبو۔۔۔ ايتري تائي جو کيس ان جو سبب معلوم ئي نه هو۔۔۔ته ۔۔۔ ڇو؟ سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو۔۔۔ ان جو به ساڳيو حشر ٿيو۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه اها هئي ته ان کان اڳ تبديل ٿيندڙ ڀولڙو به نئين ڀولڙي کي مارڻ ۾ شامل هيو۔۔ ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي به تبديل ڪيو ويو۔۔۔ جنهن جو پڻ ساڳيو حشر (مار) ٿيو۔۔۔ اهڙي طرح سمورا پراڻا ڀولڙا نون ڀولڙن سان تبديل ڪيا ويا۔۔۔ ۽ سڀني سان اهو سلوڪ ٿيندو رهيو۔۔۔ هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا۔۔ جن تي ڪڏهن به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هاريو هيو۔۔ پر پوءِ به اهي ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريندا رهيا۔۔۔ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته ڀولڙن کان پڇيو وڃي ته ”توهان ڇو ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ٿا۔۔۔؟“ ته يقينن هو جواب ڏيندا ته ”اسان کي ناهي خبر۔۔۔ اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آهي۔۔۔“ اها ڳالهه ٻين کي به سمجهايو ته جيئن هو به پنهنجو پاڻ کان سوال ڪن ته۔۔ ”اسان پنهنجي زندگي ڇو اهڙي طرح گذاري رهيا آهيون ۔۔۔ جهڙي طرح اها گذري پئي ۔۔۔ اسان اهو ڇو ٿا ڪريون جيڪو ٻين کي ڪندي ڏٺو آهي۔۔ ڇا اسان وٽ زندگي گذارڻ لاءِ ڪو طريقي ڪار موجود نه آهي۔۔ ڇا الله تعالى جي رسول صلي الله عليه وسلم جن هر ڪنهن معاملي ۾ اسان جي رهنمائي نه فرمائي آهي۔۔۔“ ”ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان جو حال ٻڪرين ۽ رڍن وانگر هڪ ٻئي پٺيان هلڻ جهڙو آهي۔۔۔ ۽ ڪوبه عمل ڪرڻ لاءِ بس هڪ ئي دليل آهي ته ۔۔۔ سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔“
اسين به انهن ئي ڀولڙن جي ئي نسل جي ڪنهن پوئين ڀولڙي جي مائٽن مان آهيون ۔۔۔۔ پاڻ کي ناهيون بدلائيندا پر ٻين لاءِ موچڙا پسيل هوندا آهن ۔۔۔ مطلب پاڻ ساڳيون غلطيون ڪندا آهيون پر ٻين کي ساڳين غلطين تي ٽوڪيندا آهيون ۔۔۔ پاڻ کي بدلائڻ تمام ضروري آهي ۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حصي جو ڪم ته ڇڏائجي ۔۔۔!!! هميشه جيئان فڪر انگيزي ليک ۔۔۔
اهوئي حال اسان وٽ هلندڙ انيڪ رسمن ۽ رواجن جو به آهي، جنهن کي اسان روايتن جو نالو ڏنو آهي۔ اڄ به اسان جي ملڪ ۽ اسان جي پنهنجي سماج ۾ ڪيئي ريتون رسمون آهن جن کان اسان واقف ناهيون ، نه انهن جي تاريخ جي خبر آهي پر وڏڙن کان هلنديون اچن ۽ اسان جي رواجن ۾ شامل ٿي ويون آهن۔ بلڪل ايئن ڪجهه ادارا به هوندا آهن جتي ڪجهه خاص قسم جا اصول هلندا اچن، بغير ڪنهن لکت جي ۔۔۔۔ اچو ته نواڻ طرف وڌون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه رکندي هڪ هنڌ بيٺل قوم کي نئون جوش ڏيون۔
بهترين ونڊ۔۔ مون به هڪ هنڌ پڙهيو هو ته، اسان وٽ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، مان، توهان، اُهي۔ مان ڏٺو ته هي ڪم رهيل آهي، مون سوچيو ته توهان اچي ڪندئو، توهان اچي چيو ته اُهي ڪي ايندا اهي ڪي ان ڪم کي اچي پورو ڪندا، اهي پنهنجو ڪم ان آسري تي ڇڏي ويا ته مان اچي ڪندس۔ مطلب ته مون الزام هنيو توهان تي، توهان الزام هنيو انهن تي، انهن وري منههنجي لا ڇڏي ڏنو، ته پو هاڻ مان، توهان، ۽ انهن جو ڪم کي ڪير اچي مڪمل ڪندو۔
لاجواب سمجهاڻي۔پسند آئي۔ هن دنيا ۾ هر ڪو ٻئي کي ڏسي پيو ان جي تلقيد ڪندو آهي پر ان عمل جي اصل وجه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي۔