سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    سائنسدانن جي هڪ گروهه 5 ڀولڙن کي هڪ پنڃري ۾ بند ڪيو ۔۔۔ پنڃري ۾ هڪ ڏاڪڻ رکي ۽ مٿي ٽوڪري ۾ ڪجهه ڪيلا به رکيا۔۔۔ جڏهن ڪو ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ شروع ڪندو هو ته سائنسدان هيٺ موجود ڀولڙن تي ٿڌو پاڻي هارڻ شروع ڪندا هئا۔۔۔
    ان واقعي کان پوءِ جڏهن به ڪو ڀولڙو ڪيلن جي لالچ ۾ مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هيٺ موجود ڀولڙا ان کي ڏاڪڻ تي چڙهڻ نه ڏيندا هئا۔۔۔ ڪجهه دير کانپوءِ ڪيلن جي لالچ باوجود ڪو به ڀولڙو ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي همت نه پيو ڪري۔۔۔
    سائنسدانن فيصلو ڪيو ته انهن مان هڪ ڀولڙي کي تبديل ڪجي۔۔۔ پهرين جيڪا حرڪت نئين ڀولڙي اچڻ سان ڪئي سا هئي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جي پر جلد ئي ٻين ڀولڙن ان کي مارڻ شروع ڪيو۔۔۔ ڪئي دفعا مار کائڻ کانپوءِ نئين ايندڙ ڀولڙي فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي ڏاڪڻ تي نه چڙهبو۔۔۔ ايتري تائي جو کيس ان جو سبب معلوم ئي نه هو۔۔۔ته ۔۔۔ ڇو؟
    سائنسدانن هڪ ٻيو ڀولڙو تبديل ڪيو۔۔۔ ان جو به ساڳيو حشر ٿيو۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه اها هئي ته ان کان اڳ تبديل ٿيندڙ ڀولڙو به نئين ڀولڙي کي مارڻ ۾ شامل هيو۔۔ ان کانپوءِ ٽئين ڀولڙي کي به تبديل ڪيو ويو۔۔۔ جنهن جو پڻ ساڳيو حشر (مار) ٿيو۔۔۔ اهڙي طرح سمورا پراڻا ڀولڙا نون ڀولڙن سان تبديل ڪيا ويا۔۔۔ ۽ سڀني سان اهو سلوڪ ٿيندو رهيو۔۔۔
    هاڻي پنڃري ۾ صرف نوان ڀولڙا رهجي ويا هئا۔۔ جن تي ڪڏهن به سائنسدانن ٿڌو پاڻي نه هاريو هيو۔۔ پر پوءِ به اهي ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريندا رهيا۔۔۔ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته ڀولڙن کان پڇيو وڃي ته ”توهان ڇو ڏاڪڻ تي چڙهندڙ ڀولڙي کي ماريو ٿا۔۔۔؟“ ته يقينن هو جواب ڏيندا ته ”اسان کي ناهي خبر۔۔۔ اسان ته سڀني کي ائين ڪندي ڏٺو آهي۔۔۔“

    اها ڳالهه ٻين کي به سمجهايو ته جيئن هو به پنهنجو پاڻ کان سوال ڪن ته۔۔ ”اسان پنهنجي زندگي ڇو اهڙي طرح گذاري رهيا آهيون ۔۔۔ جهڙي طرح اها گذري پئي ۔۔۔ اسان اهو ڇو ٿا ڪريون جيڪو ٻين کي ڪندي ڏٺو آهي۔۔ ڇا اسان وٽ زندگي گذارڻ لاءِ ڪو طريقي ڪار موجود نه آهي۔۔ ڇا الله تعالى جي رسول صلي الله عليه وسلم جن هر ڪنهن معاملي ۾ اسان جي رهنمائي نه فرمائي آهي۔۔۔“
    ”ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان جو حال ٻڪرين ۽ رڍن وانگر هڪ ٻئي پٺيان هلڻ جهڙو آهي۔۔۔ ۽ ڪوبه عمل ڪرڻ لاءِ بس هڪ ئي دليل آهي ته ۔۔۔ سڀئي ائين پيا ڪن جي اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو۔۔“
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سنڌي قوم جي به اها ئي حالت آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسين به انهن ئي ڀولڙن جي ئي نسل جي ڪنهن پوئين ڀولڙي جي مائٽن مان آهيون ۔۔۔۔ پاڻ کي ناهيون بدلائيندا پر ٻين لاءِ موچڙا پسيل هوندا آهن ۔۔۔ مطلب پاڻ ساڳيون غلطيون ڪندا آهيون پر ٻين کي ساڳين غلطين تي ٽوڪيندا آهيون ۔۔۔ پاڻ کي بدلائڻ تمام ضروري آهي ۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حصي جو ڪم ته ڇڏائجي ۔۔۔!!!

    هميشه جيئان فڪر انگيزي ليک ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهوئي حال اسان وٽ هلندڙ انيڪ رسمن ۽ رواجن جو به آهي، جنهن کي اسان روايتن جو نالو ڏنو آهي۔ اڄ به اسان جي ملڪ ۽ اسان جي پنهنجي سماج ۾ ڪيئي ريتون رسمون آهن جن کان اسان واقف ناهيون ، نه انهن جي تاريخ جي خبر آهي پر وڏڙن کان هلنديون اچن ۽ اسان جي رواجن ۾ شامل ٿي ويون آهن۔

    بلڪل ايئن ڪجهه ادارا به هوندا آهن جتي ڪجهه خاص قسم جا اصول هلندا اچن، بغير ڪنهن لکت جي ۔۔۔۔ اچو ته نواڻ طرف وڌون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه رکندي هڪ هنڌ بيٺل قوم کي نئون جوش ڏيون۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين ونڊ۔۔ مون به هڪ هنڌ پڙهيو هو ته، اسان وٽ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، مان، توهان، اُهي۔
    مان ڏٺو ته هي ڪم رهيل آهي، مون سوچيو ته توهان اچي ڪندئو،
    توهان اچي چيو ته اُهي ڪي ايندا اهي ڪي ان ڪم کي اچي پورو ڪندا،
    اهي پنهنجو ڪم ان آسري تي ڇڏي ويا ته مان اچي ڪندس۔
    مطلب ته مون الزام هنيو توهان تي، توهان الزام هنيو انهن تي، انهن وري منههنجي لا ڇڏي ڏنو، ته پو هاڻ مان، توهان، ۽ انهن جو ڪم کي ڪير اچي مڪمل ڪندو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. خليل جبران

    خليل جبران
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    لاجواب سمجهاڻي۔پسند آئي۔ هن دنيا ۾ هر ڪو ٻئي کي ڏسي پيو ان جي تلقيد ڪندو آهي پر ان عمل جي اصل وجه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين انتهائي سبق آموز ۔۔۔۔ کل به اچي پئي۔ روئڻ به۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد عامر سومرو

    محمد عامر سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جنوري 2012
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    66
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    اڃان شاگرديءَ وارو زمانو پيو هلي
    ماڳ:
    شڪارپور
    واه واه
    بهترين شئرنگ...
    ڪارائتو ونڊ .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو