نثارناز
سينيئر رڪن
ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
ڪافي ڏينهن کان مونکان مُنهنجي رُسڻي محبوبه (ڏات جي ديوي) رُسي وئي هُئي پٽڪا پلاند پوتيون، ٽوپيون لاهڻ کان پو اجهو هن ريت پرچي منهنجي حال ڀائِي ٿي آهي، رُسڻي محبوبه جيئن ئي مون سان حال ڀائي ٿِي آهي تيئن مان ڀي توهان سان حال ڀائي ٿيان پيو هڪڙو غزل ڇير نه تون ڇمڪا سَکِي ڙِي ۽ هڪڙو آزاد نظم ناتا رشتا توهان سان ونڊ پيو ڪريان، ائين سمجهو پنهنجا نمبر پيو وڌايان هاڻي اهو توهان ڀائرن ۽ ڀينر تي منحصر آهي ، ته منهنجي هن شاعري کي ڪيئن ٿا سمجهو۔ مهربانيون توهان سڀني جون ۔

ڇير نه تُون ڇمڪا سَکِي ڙِي۔۔۔!!
ميت نه ڪنهنکي ڀا سَکِي ڙِي
ڪير به ڪنهنجو ناههِ سَکِي ڙِي
پير جَهلي ڇڏ پنهنجا پيارِي
ڇير نه تُون ڇَمڪا سَکِي ڙِي
خُود غَرِِضِي جي طُوفان آڏو،
دل کي رکجان جا سَکِي ڙِي
وحشت واري راڄ ۾ هر پل،
دل کي رکجان جا سَکِي ڙِي
”ناز“ پٿر جِي مورت اڳيان،
ڪڏهن نه ڪنڌ جُهڪا سَکِي ڙِي
نثاراحمدناز
آزاد نظم: ناتا رشتا۔۔۔۔۔۔!!
توهان جا اصول ،
توهان کي پرتا،
اسان جو خُلوص، اسانجو ساٿِي،
آهي وڙ توهان جو ،
ڀَلي مُنهن سُڄايو،
ڏَئِي مُنهن کي موڙا !
اسان کان سچايون ڇِنِي ڪونه سگهندا،
اسان نينهن جا پيا،
نعرا هڻون ٿا،
وفائن تي پنهنجي خوش ٿِي کلون ٿا،
توهان ڪُوڙ تي جي،
سندو ٻَڌو ٿا،
جَلِي کامِي بلڪل جلو ٿا،
اسان جُون وفائون ،
لِڪِي ڪونه سگهنديون،
اسان جا بڻايل سڀئي ناتا رشتا،
قرآن ، گيتا ۽ انجيل جهڙا،
سڀئي پاڪ پويتر،
سڀئِي ڏاڍا سُندر،
اسان جا سي ناتا۔۔۔۔!
اسان جا سي رشتا ۔۔۔۔!
نثاراحمدناز