فيسبوڪ جي گروپ دنيا دل وارن جي ۾ ساڳي ئي پوسٽ تي اسان جي دوست وفا منور زئونر جون ڪجهه قيمتي ڳالهيون:
مضمون نويسي جو هڪ ٻيو فارمولو به منهنجي ذهن ۾ آهي IBC
Introduction Body Conclusion
مطلب ته جنهن به ٽاپڪ تي توهان مضمون لکڻ چاهيو ته ان لاء اهو فارمولو تمام بهتر رهندو، سڀ کان پهريان ان ٽاپڪ تي تعارفي سٽون لکڻ گهرجن ان کان پو۽ ان جو پسمنظر ۽ پيشمنظر تي چڱو خاصو مواد لکڻ گهرجي، جنهن حصي کي اسين باڊي به چئي سگهون ٿا. ان کان پو۽ آخر ۾ ان جو تت لکجي . ائين هڪ مڪمل ٽيڪنيڪل انداز مضمون لکي سگهجي ٿو.
رسول بخش ڏيرو پنهنجي ڪتاب ادب ۽ تنقيدون ۾ مضمون بابت پنهنجا خيال هن نموني پيش ڪيا آهن:
نثر عاري مان ڪيتريون ادبي شاخون ڦٽن ٿيون، جھڙوڪ: مضمون نويسي، خطوط نويسي، ناٽڪ نويسي، افسانه نويسي، حڪايت نويسي، تنقيد نگاري وغيره. مضمون نويسي به ھڪ مستقل فن آھي، جنھن جو ھيءُ مطلب آھي ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ علم ادب سان برابر پنھنجا خيال تحرير جي ذريعي پڌرا ڪجن، جنھن کي مضمون نويسي يا انشاپردازي چيو وڃي ٿو.
وقت جي محققن مضمون کي ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي:
1.تعريفي مضمون، جنھن ۾ خارجي شين جو بيان، پنجن حواسن جي ذريعي مشاھدي طور يا مناظري طور ڪيو وڃي ٿو، جھڙوڪ: ڳئون، انب جو وڻ، اٺ، لوهه ۽ ٽامي وغيره جو بيان.
2.بيانيه مضمون، جنھن ۾ ڪنھن به انسان جي حياتيءَ جو ذڪر يا ڪنھن واقعي جو بيان ڪيو وڃي ٿو. مثلا قائداعظم يا چاڪيواڙي واري واقعي جو ذڪر.
3.فڪريه مضمون، جنھن ۾ ڪنھن به عنوان تي ڏٺل مضمون جي چٽائي ۽ وضاحت ڪرڻ کان پوءِ ان جا فائدا يا نقصان بيان ڪيا وڃن. مثلا محنت، پوک، ھمت، بنده ومدد خدا.
مضمون نويسي ۾ ھڪڙا ماڻھو ٻين کان وڌيڪ طاقت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته ھڪڙن جي ذھني طاقت ۽ دماغي سمجھ جي قوت، قدرتي طرح ٻين کان زياده ٿئي ٿي، پر مطالع ۽ مشق ڪرڻ کان پوءِ معمولي ذھن وارو به باقاعده پنھنجن خيالن کي ظاھر ڪرڻ جي طاقت پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو. ھيءُ ڄاڻڻ ضروري آھي ته ھر ڪنھن مضمون جا ٽي ضروري ڀاڱا ٿين ٿا:
(١) خيالات (٢) حسن انتظام ۽ (٣) طرز ادا.
1.”خيالات“:جيئن ڀِت بنائڻ لاءِ سرن وغيرھ جي ضرورت ٿيندي آھي، تيئن ڪنھن به مضمون لکڻ لاءِ خيالن جو ھجڻ ضروري آھي. اھي خيال يا ته مضمون لکندڙ جي ذھن ۾ اڳ ۾ ئي ھئڻ گھرجن، يا انھن بابت معلومات گڏ ڪري، اھا معلومات قابل مصنفن جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي مطالع ڪرڻ مان حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ حاصل ڪرڻ گھرجي. عالمن جي ليڪچر ٻڌڻ گھرجن، مشھور ماڻھن جون تقريرون ٻڌڻ به ان لاءِ مفيد آھي. ھيءُ ياد رکڻ گھرجي ته جنھن به مضمون ۾ خيالن جو ڪافي ذخيرو ھوندو، پر ان ۾ زبان ڀڳل ٽٽل استعمال ڪئي ويئي ھوندي ته به اھو گھڻن کي وڻندو. جيڪڏھن ٻولي ڪھڙي به اعليٰ درجي جي، صحيح ۽ فصيح ڇو نه استعمال ڪيل ھجي، پر خيالن کان مضمون خالي ھوندو ته اھو ڪنھن کي به پسند ڪين ايندو.
2.”حسن انتظام ۽ ترتيب“:مضمون کڻي ڪھڙو به سٺو ڇو نن ھجي، پر جيڪڏھن ترتيب سھڻي رکيل نه ھونديس ته پکڙيل موتين وانگيان اڻوڻندڙ پيو لڳندو. اڃا به جيڪڏھن ھڪ ڌاڳي ۾ پوتل ۽ منظم ھوندا ته ڏاڍا سھڻا پيا لڳندا. اھڙيءَ طرح مضمون به انتظام ۽ ترتيب جي سھڻائيءَ جي ڪري دل کي پيو وڻندو. ان لاءِ مناسب آھي ته مضمون ۾ جيڪي خيال ظاھر ڪرڻا ھجن، لکڻ کان اڳ پھريائين انھن جا عنوان قائم ڪجن. پوءِ انھن عنوانن ھيٺ ڌار ڌار پيراگراف ۾ ھر ھڪ عنوان تي بحث ڪيو وڃي. ھر ڪنھن پيراگرف ۾ ننڍا ننڍا پر مڪمل جملا ھجن ۽ اھي جملا زنجير جي ڪڙين وانگر ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھجن، جيئن خيالن جو سلسلو ناظرين کي ڪنھن خاص نتيجي تائين پھچائي. وڏن ۽ ڊگھن جملن آڻڻ سان گھڻو ڪري مضمون منجھيل ٿي پوندو آھي.
3.”عبارت ۽ طرز ادا“:جيتري قدر ٿي سگھي، اوتري قدر ٻولي نھايت سليس، صحيح ۽ بامحاوره استعمال ڪجي. مشڪل ۽ ڏکيا لفظ نه لکڻ گھرجن. بيفائدي ۽ زوريءَ سان آندل محاورا عبارت جي خوبي وڃائي ڇڏين ٿا. ڪنھن ڳالھ يا لفظ کي وري وري بيان ڪرڻ به زباندانيءَ جي اصول جي خلاف آھي. ڪنھن خاص مطلب کي ادا ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن ڪو شعر يا آکاڻي بيان ڪئي وڃي ته ان کان به مضمون جو حسن وڌي وڃي ٿو.
ياد رکڻ گھرجي ته مضمون نويسي بلڪل ڏکيو ۽ پيچدار فن آھي. مضمون لکڻ وقت خيال ھيڪاندا گڏ ٿي نٿا سگھن، تنھن ڪري پاڻ ۾ ھميشھ دنيا وارين شين ۽ ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ڪجي. ھرڪا شيءِ جاچي ڏسڻ گھرجي ۽ ھر ڪنھن ڳالھ تي غور ۽ ويچار ڪرڻ کپي. اھڙيءَ طرح ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ذھن ۾ معلومات جو ذخيرو ڪٺو ڪبو ته مضمون لکڻ وقت دماغ جي خزاني مان اھي آبدار موتي نڪري ايندا، جيڪي اسان کي پوري وقت تي ڪم ڏيندا.
توهان سڀني جي پسنديدگي جي مهرباني۔
ذيشان حيدر جيڪو مضمون لکيو هو اهو سنڌي ۾ نه آهي۔ ڪڏهن لکيو ته پوسٽ ڪندس۔
اسان فيس بڪ گروپ دنيا دل وارن جي ۾ مضمون نويسي جو مقابلو منعقد ڪرڻ چاهيون ٿا۔ ان ڪري هي اصول لکي پوسٽ ڪيا۔ ان مقابلي ۾ شامل ٿيل مضمون مان ميمبرز جي اجازت سان سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪندس۔