اڄوڪي ڏينهن 14 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن آهي.جنم ڏينهن:
14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسف جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1945ع استاد، اديب ۽ مترجم پروفيسر سليم سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1966ع شاعر منظور مولائي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو.
14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي.
14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1978ع تي شاعر، ڊرامه نويس ۽ استاد پروفيسر الف ب ت ميروخاني لاڏاڻو ڪيو. اصل نالو الله بخش هئس.
14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويو جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگوري جي وفات ٿي.
14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي.
اڄوڪي ڏينهن 14 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا
14 جنوري 1956ع روس، سڀ کان پھرين پنھنجو جهنڊو خلا ۾ پھچايو.
14 جنوري 1966ع تي نائيجيريا ۾ ميجر جنرل آپرنسي اقتدار سنڀاليو.
14 جنوري 1984ع تي چوٿين اسلامي ڪانفرنس مراڪش جي شھر ڪاسابلانڪا ۾ ٿي.
حواله:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: