سنڌي راڳ جو راڻُو استاد محمد يوسف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن اُستاد مُحمد يُوسفُ. جنم 14 جنوري1940ع وفات 14 فبروري 1997ع
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    ٿڌڙي هَوائُن جي هير لڳندڙ شهر حيدرآباد ۾ ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو ”اُستاد مُحمد يُوسُف “14 جنوري 1940ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو منڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاڙي) ۾ ڳڻيو ويندو آهي جيڪو ڳائيندو به هو ته وچائيندو به هو. لونگ فقير هڪ سازندي جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو. هُن تمام وڏن وڏن گَوين سان دُهل وڄائيو. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول مُحمد يوسف کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو. دين علي شاه پاڙي ۾ مُحمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو آهي جيڪو سنڌ جي وڏن شرنائي وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. محمد يوسف ٻه شاديون ڪيون، پهرين سن 1964ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ڄايون ۽ ٻي شادي سن 1974ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گھرو سيڪريٽري يوسف لوڌيءَ جي ڌيءَ سان.

    مُحمد يوسف جي پيءُ سڀ کان پهرين کيس ”ٻار سُڌار اسڪول“ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو هو، پر سندس پڙهائيءَ سان اصل نه پئي ۽ هُو اسڪولن مان ڀڄي مُختف اوتارن ۽ درگاهُن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ هليو ويندو هو ۽ اُتي جيڪو ڪلام يا ڪافي ڳائي ويندي هُئي، اُن کي ياد ڪري پاڻ ڳائيندو هو. اهو ڏسي پڻس سندس اسڪول تبديل ڪري ڇڏيو ۽ چُک واري اسڪول ۾ ڇڏيائينس، جيڪو اڄ ڪلهه سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول سڏجي ٿو. جي هو، ڏاڍي زور ۽ جبُرَ سام مس مس پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو هو پر اُتي به پڙهڻ ڇڏي مڪمل طور تي راڳ جي دُنيا ۾ گِھڙي پيو. هُن پهريائين حيدرآباد ۾ اُستاد غلام حُسين خان عُرف اُستاد بيبي خان جي قائم ٿيل موسيقيءَ جي ڪلب ۾ به داخلا ورتي هُئي. اُن ريت اُستاد غلام حُسين سندس پهريون اُستاد آهي. بعد ۾ هن اُستاد اُميد علي خان، اُستاد مُبارڪ علي خان ۽ سونا خان بلوچ کان به سکيو. سڀني کان وڌيڪ کيس خانصاحب منظور علي خان سيکاريو.

    سندس پڙهڻ ۾ دلچسپي نه ڏسي مجبورن لونگ فقير کيس ٽنڊي آدم ۾ رهندڙ اُن زماني جي وڏي گويئي خانصاحب اُستاد منظور علي خان وٽ راڳ جي تربيت وٺڻ لاِ موڪلي، پر اوتان به هُو ڪيترا ئي ڀيرا ڀڄي آيو ۽ پوءِ کيس والد صاحب سمجھايو ته ” پُٽَ راڳ بابت اُتان ئي توکي سڀ ڪُجهه مِلندو ۽ اُهو اُستادن وٽان خدمت وسيلي ئي ملندئي“. آخر اها ڳالهه مُحمد يوسف کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ پوءِ هُو ستن سالن تائي لاڳيتو خانصاحب کي رُڳو غور سان ٻُڌندو رهيو ۽ سندس گھر جو ڪم ڪار ڪندو رهيو ۽ پوءِ ستن سالن کان پوءِ جڏنهن اُستاد منظور عليءَ خانَ محسوس ڪيو ته هيءُ ڇوڪرو سکي سُٺو ۽ وڏو فنڪار بڻجي سگھي ٿو ته هُن يوسُفَ کي ڪافي، ڪلام ۽ نيم ڪلاسيڪيءَ جي اهڙي تربيت ڏني جو شايد ئي ڪو اُستاد پنهنجي اولاد کي ڏئي سگھي. اهڙيءَ طرح مُحمد يوسف تيرهن سالن تائين اُستاد وٽ سکندو رهيو. هُو محمد يوسف لاِ چوندو هو ته مُهنجي شاگردن مان جيڪا منزل هن ماڻي آهي، اُها ٻين کي ناهي ملي، ايستائين جو خانصاحب جو سڳو ڀاڻيجو وحيد علي به اُن منزل تي نه پُهچي سگھيو.

    مُحمد يوسف کي الله سائينءَ سُهڻي آواز سان نوازيو هو، هُن جي ڳلي ۾ اهڙي سگھه هُئي جو هُو ڏکئي کان ڏُکيو سُر به ڳائي ويندو هو ۽ اُهو به جهڙو تهڙو نه، هو اُن ۾ اهرو ته رنگ ڀريندو هو جو ٻوڌندڙَ موهجي ويندا هُئا، اهڙيون خوبيون تمام گھٽ فنڪارن ۾ ٿين ٿيون. هُن گھڻي ڀاڱي ڳايو ته سنڌيءَ ۾ ئي آهي پر اُن کان علاوه هو اُڙدو، سرائڪي ۽ بلوچي وغيره ۾ به ڏاڍو خوبصورت ڳايو اٿس. هو ڪافي، ڪلام، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ غزل، ٺُمري ۽ دادرو وغيره وڏي مهارت سان ڳائيندو آهي.

    هن پهرئين راڳ جي محفل 1951ع ۾ جيڪا لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ۾ ٿي هُئي، جنهن ۾ تنهن وقت جو وزير پير علي احمد راشدي به شريڪ ٿيو هو ڳائي هُئي. اوها محفل اصل ۾ نون ڳائڻن وچ ۾ موقابلي لاِ رکي وئي هُئي ۽ اُهو مُقابلو مُحمد يوسف نه رڳو کٽيو هو پر ايترو ته داد ۽ انعام مليس جو سندس قسمت ئي مٽجي وئي ۽ پوءِ هُن ريڊئي پاڪستان ڪراچيءَ تان ڳائڻ شروع ڪيو. اُتي کيس سنڌي شُعبي جي انچارج علي احمد چاڳلا مُتعارف ڪرايو هو. ناميارو براڊ ڪاسٽر ايم. بي (مُحمد بخش) انصاري تڏنهن اُتي انائونسر هو. شروع ۾هو ڳائڻ جي شوق ۾ حيدرآباد کان ڪراچي آيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ جھوني مارڪيٽ جي صرافه بازار ۾ اُستاد مُباارڪ علي خان جي ڪلب ۾ رهيو. جتي رهي ڪجھه عرصي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. اُن وقت رُڳو ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن هوندي هُئي ۽ نئون نئين سنڌي پروگرام شُروع ٿيو هو. هو ريڊئي تي پنهنجي اُستاد مُبارڪ عليءَ کي ٻُڌائڻ کان سواءِ چوري چوري آيو هو ۽ جڏنهن سندس ڪلام نشر ٿيو ته، جيڪو ٻين سان گڏ اُستاد مبارڪ علي خان جي پُٽَ قُدرتُ الله خان ٻوڌو ته هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ جڏنهن مُحمد يوسف پروگرام ڪري موٽيو ته هُن سان ڏاڍي حالت ڪيائين ۽ جواب طلبي ڪيائين ته هُو سندس اجازت کانسواءِ ريڊئي تي ڇو ويو؟ ان آڏي پُڇا ڳاڇا، تنبيهه ۽ زوردار ڌوم ڌمڪڙي کانپوءِ محمد يوسف ناراض ٿي واپس حيدرآباد هلي ويو ۽ وري نه موٽيو. پوءِ جڏنهن 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن کُلي ته پاڻ اُتي ڳائڻ شُروع ڪيائين ۽ اُن وقت سندس عُمر پنڌرهن، سورنهن سال هُئي.

    مُحمد يوسف جي محنت ۽ مليل تربيت جو اهو نتيجو نڪتو جو ، سنڌي فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت ۾ جهڙيءَ ريت مُحمد يوسف ڳايو، کيس سنڌ جو مهدي حسن چيو وڃي ٿو. موسيقيءِ جو ڄاڻو ممتاز مرزا صاحب مرحوم ، نثار ميمڻ صاحب ۽ جھانگير قُريشي صاحب ته کيس مهدي حسن کان به مٿاهون سمجھندا هُئا، ڇاڪاڻ ته علم، آواز ۽ انداز ۾ محمد يوسف گھڻن کان مٿاهون آهي. سندس آواز کُليو ۽ صاف آهي تنهن هوندي به مهدي حسن جي الڳ ۽ محمد يوسف جي الڳ حيثيت آهي، ٻئي هڪٻئي کان گھٽ يا وڌ ناهن.

    سنڌي زبان ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيتريون به فلمون ٺهيون انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فلمن جا گانا محمد يوسف ڳايا. هن ننڍي کنڊ جي تمام وڏن ڳائڻن سان فلمي نغما ڳايا. انهن ۾ ميڊم نورجھان ۽ رونا ليلي وغيره شامل اهن. محمد يوسف جن فلمن جا نغما ڳايا انهن ۾ شهروفيروز، ليلا مجنون، مومل راڻو، مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي لال ڪنوار، محبوب مٺا، چانڊوڪي، سوني مُهنجي ڌرتي، بادل، غيرت جو سوال، رنگ محل، سنڌڙيءَ تان صدقي، ۽ اُڙدو فلم عورت ايڪ ڪهاني شامل اهن. سندس پهرين فلم شهرو فيروز آهي، اُن فلم جو ڊائريڪتر شيخ حسن ۽ موسيقار غلام علي هو، ان فلم جو نغمو ” راحت ملي ٿي درد ۾، ان پيار تان صدقي“ جنهن جو شاعر هو رشيد لاشاري، اهو محمد يوسف جو پهريون فلمي نغمو آهي.

    ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪتر جهانگير قريشي صاحب جي روايت مُتابق ته ڳڏنهن موسيقار غلام علي، محمد يوسف کي شهرو فيروز فلم جي ڊائريڪٽر وٽ ڳارائڻ وٺي ويو ته هُن مُحمد يوسف جي سُهڻي صورت ۽ قد بُت ڏسي چيو ته هُن کي فلم ۾ هيرو بڻائڻ چاهيان ٿو پر محمد يوسف راضي نه ٿيو ۽ نماڻائيءَ سان چيائين ته ” سائين اسين مڱڻهار ماڻهُو سو ڳائڻ کي ئي اوليت ڏينداسون تنهنڪري مونکان ڳائرايو“.

    اسان وٽ ادب، شاعري ۽ فڪشن وغيره ۽ شاعرن ۽ اديبن وغيره تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا پر ڳائنن تي نه جي برابر لکيو ويو آهي، رُڳو اُنهن جون آڊيو يا وڊيو ڪيسٽون ئي نڪرن ٿيون، ريڊيو ۽ ٽي وي ئي کين پذيرائي ڏين ٿا ۽ محمد يوسف به اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا. ان کان سواءِ محمد يوسف انهن ڀاڳ ڀرين مان آهي جنهن تي شاه جي پارکوءَ، موسيقي ۽ ثقافت جي ڳاڻوءَ ۽ نالي واري اديب ممتاز مرزا صاحب پورو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو رکيائين ” سپيريان سندي ڳالهڙيون“ ان ڪتاب ۾ سائين ممتاز مرزا لکي ٿو ته محمد يوسف صحيح معني ۾ سورهن سترهن سالن جي عمر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، ماڻهو پنهنجي شادين جي تِٿِ محمد يوسف جي تاريخ ڏيڻ تي ٻڌندا هُئا، جڏنهن هو محفل ۾ پُهچندو هو ته ميزباب پنهنجيون اکيون وڇائي، اُڀ کَڙو بهي رهندو هو، شادي حوجي يا ٻي ڪا تقريب، محمد يوسف ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سُرَ ۽ لئي سان راڄ ڪندو هو، ۽ ماڻهو به نه رُڳو هُن کي دل سان ڀانيو پر کيس دُهرا دان به ڏنا، ٿوڙي ئي عرصي ۾ هُو سنڌ جي راڳ جي دُنيا جو مهانگو ۽ مشهور ڳائڻو بڻجي ويو.

    پئسي جي اوچتو آمد محمد يوسف کي شاه خرچ بڻائي ڇڏيو، اوتارن ۽ خانقاهن جي راڳ واري رمز کي لهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ هُن جا اُتي ڦيرا هُئا ۽ اُتي جون مڙئي روايتون هُن پنهنجون ڪيون، هُ شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ : حمد، نعت، ڪيڏارو، قصيدو، وائي، ڪافي، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسڪي راڳ ۽ راڳڻيون، قومي نغما، ٻارڙن لاِ نغما وغير وغيره ڳائيندو هو. هُن پنهنجي مُلڪ جي مُختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه ڏيساور ۾ انگلينڊ، دُبئي، بيلجيم، روس، جرمني ۽ چين وغيره ۾ پنهنجي لاثاني فن جو مُظاهرو ڪيو.

    محمد يوسف کي ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، چار شاه لطيف ايوارڊ، چار قلندر شهباز ايوارڊ، ۽ ٽي سچل سرمست ايوارڊ مليا. هن کي اهو اعزاز به حاصل اهي ته سڀ کان پهرين شاه لطيف ايوارڊ کيس ئي مليو آهي. بل آخر دُنيا جون سڀئي رمزون ماڻي، ننڍي کنڊ جو هي نالي وارو راڳي ۽ سنڌ جو مهدي حسن 14 فبروري 1997ع ۾ سڀني کان وڃڙي ويو. انا لا الله و انا اليه راجعون. بيشڪ هر وُجود الله لاءِ ئي آهي ۽ بيشڪ هر وُجود کي اُن طرف ئي موٽڻو اهي.

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي راڳ جو راڻُو اُستاد مُحمد يُوسفُ. جھم 14 جنوري1940ع وفات 14 فبروري 1997ع

    [​IMG]

    استاد محمد يوسف سنڌ جي اهڙن راڳين ۾ سندس شمار ٿو ٿئي جنهن سنڌي موسيقي کي فن جي بلندين تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ڀٽائي جي بيتن کي جيڏو سهڻو ڳايو اٿس ان جي ته ڳالهه ئي پنهنجي آهي۔

    سنڌ جي ڀلوڙ راڳي کي اسان کان وڇڙيي سال ٿيا آهن پر سندس فن کيس هميشهه زندهه رکندو ۽ جيستائين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي رهندي تيستائين استاد محمد يوسف جو آواز زندهه رهندو۔







     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي راڳ جو راڻُو استاد محمد يوسف

    راڳ جي راڻي مرحوم استاد محمد يوسف جون ڳايل لطيف وايون ٻڌڻ سان روح کي راحت ملي ٿي ۽ سندس آواز اندر ۾ لڪل جذبن کي ائين اٿاريندو آهي جيئن ڪو طوفان سمنڊ ۾ لهرن کي اڀاري ۔۔۔

    تمام سهڻو ونڊ

    سلام دوست!
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٿڌڙي هَوائُن جي هير لڳندڙ شهر حيدرآباد ۾ ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو ”اُستاد مُحمد يُوسُف “14 جنوري 1940ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد محمد يوسف جي زندگيء تي لکيل هڪ بهترين ليک آهي۔

    استاد محمد يوسف منهنجي پسنديده راڳين مان هڪ آهي۔ سندس آواز ۾ شاهه لطيف جا بيت مونکي تمام گهڻو وڻندا آهن۔ سندس هي ڪلام به اهڙن ئي لازوال ڪلامن مان هڪ آهي، جنهن ۾ لطيف سائين جي بيتن جي ڇا ته ادائگي ڪئي اٿس ۔۔۔

     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي سنگيت جو سدا بهار آواز استاد محمد يوسف

    وزير فرهاد سولنگي


    سنڌي موسيقيءَ جي دنيا ۾ محمديوسف جو نالو سگهارو تصور ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جو هي امر آواز جنهن کي سنڌ کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تمام گهڻي دلچسپي سان ٻڌو ۽ پسند ڪيو ويو. ۽ کيس انهي ڏات جي عيوض ٻڌندڙن طرفان گهڻيون محبتون مليون. محمد يوسف سنڌي فلم انڊسٽريءَ ۾ آواز جي دنيا جي حوالي سان به تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته هي سنڌي موسيقيءَ جو مهدي حسن هو. ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ هن هر لحاظ کان پنهنجو جادو جاڳايو. جنهن ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، لوڪ موسيقي، کان علاوه فلمن جا دوگانا يعني ٽريجڊي، ڪاميڊي گيت به شامل هيا. محمد يوسف جو جنم 14 جنوري 1940ع ڌاري لونگ فقير مڱڻهار جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پنهنجي دور جو نالي وارو ڍولڪ نواز هيو. جنهن انهيءَ دور جي خان صاحب ڳائڻن سان سنگت ڪئي. استاد محمد يوسف جو گهر حيدرآباد شهر ۾ ٽئين نمبر تلاءُ ۾ واقع دين علي شاهه پاڙي ۾ هو. جتي سندس چاچي زنوار بسنت/ وسند جي نالي سان سندن پاڙو مشهور هوندو هو. زنوار بسنت/ وسند سنڌ جي تمام وڏن شرنائي نواز ۽ وڄتن ۾ ليکيو ويندو هو. محمد يوسف جو والد لونگ فقير مڱڻهار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ميوزڪ جي شعبي ۾ ملازم به رهيو. اهڙي طرح موسيقي استاد محمد يوسف کي پنهنجي خاندان مان ئي ۽ وڏڙن کان ورثي ۾ ملي. استاد محمد يوسف پرائمري تعليم سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن نور محمد هاءِ اسڪول مان سيڪنڊري تعليم ورتي. پڙهائيءَ جي شروعاتي دور ۾ کيس تعليم ۾ دلچسپي نه هوندي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا هي اسڪول مان به ڀڳو. استاد يوسف پنهنجي ننڍپڻ جي ماحول ۾ موسيقيءَ جي اسمن کان واقف هيو. کيس ريڊيو تي ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. انهي دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن وجود ۾ نه آئي هئي. ۽ سنڌ ۾ صرف ڪراچي ريڊيو اسٽيشن قائم هئي. جنهن ڪري هن ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو. انهي دور ۾ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين ڪل ڪرايو ڏيڍ رپيو هوندو هيو. هي 1952ع جو دور هيو. پاڻ ڪراچيءَ ۾ اچي ڪڪري گرائونڊ ۾ واقع بابا مبارڪ علي شاهه جي ميوزڪ ڪلب ۾ رهيو. ۽ پيٽ گذر خاطر رڪشائن کي ڌوئڻ جو پورهيو به ڪيو. هڪ رڪشا جي ڌوئڻ جا کيس چار آنا ملندا هئا. هي سڄي ڏينهن ۾ اٺ رڪشائون ڌوئي ويندو هو. ۽ کيس هڪ ڏهاڙيءَ جا ٻه روپيا ملندا هئا. پاڻ ڪڪري گرائونڊ کان ريڊيو اسٽيشن تائين پنڌ ويندو هيو. ا هن ڪيترائي ريڊيو اسٽيشن جا چڪر به ڪاٽيا. هڪ ڏينهن ريڊيو اسٽيشن انتظاميه کي چيائين ته مونکان آڊيشن وٺو جي سٺو نه ڳايان ته مونکي ناپاس ڪري ڇڏجو. اهڙي طرح هن آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ هُو جيوڻي ٻائيءَ جو ڳايل ڪلام ”وڃن ٿا ويراڳي وطن تي“ ڳائي آڊيشن ۾ پاس ٿيو. ۽ ٻئي ڏينهن تي سوير اٿي ڪپڙا ڌوئي استري ڪري سنڌي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ صبح جو ڏهين وڳي ريڊيو پاڪستان ڪراچي پهتو. جڏهن ته انهيءَ دور ۾ سنڌي پروگرامن لاءِ وقت شام جو ستين وڳي شروع ٿيندو هيو. هن اهو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو. جنهن تي هن کي ڏهن روپين جو چيڪ مليو.

    استاد محمد يوسف فن جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک ڏٺا، ڪشالا ڪاٽيا تنهن کانپوءِ کيس باوقار منزل ملي. هن ٽنڊي محمد خان ۾ استاد منظور علي خان وٽ پورا پندرهن سال راڳ جي سکيا ورتي. شروعاتي پنجن سالن ۾ استاد يوسف جو چوڻ هيو ته مونکي ننڊ نصيب نه ٿي. هوُ راڳ جي سکيا لاءِ پنهنجي استاد جي گهر جو ڪم جهڙوڪ ڀاڄي وٺي اچڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪم ڪندو هيو. ان کان علاوه ڪلب جي ٻهاري ڏيڻ، پاڻي ڀرڻ وغيره به سندس ڊيوٽيءَ ۾ شامل هوندو هيو. استاد محمد يوسف ڪيترن ئي استادن کان فن جي سکيا ورتي جن۾ استاد منظور علي خان، استاد اميد علي خان، استاد مبارڪ علي خان ۽ استاد سونا خان بلوچ شامل آهن. محمد يوسف موسيقي جي دنيا ۾ اهو نالو آهي جنهن موسيقي جي سڀني صنفن تي ڳايو. جن ۾ گيت، غزل، نظم، وائي، ڪافي، وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڪلاسيڪل ۾ خيال، ٺمري، دادرو ۽ ٻيا اسم ڳائي دنيا کي حيران ڪيو. يوسف سنڌي فلمن لاءِ تمام گهڻو ڳايو آهي. ايترو ڪنهن ٻئي سنڌي فنڪار نه ڳايو آهي. ننڍي کنڊ جي تمام وڏين فنڪارائن سان به هن کي ڳائڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ رونا ليلــٰي، ميڊم نورجهان وغيره شامل آهن. استاد محمد يوسف جن سنڌي فلمن لاءِ نغما ڳايا آهن.

    استاد محمد يوسف ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا. جنهن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس، چار دفعا شاهه لطيف ايوارڊ، چار دفعا قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ ٽي دفعا سچل سرمست ايوارڊ شامل آهن. سنڌي فنڪارن ۾ هي واحد فنڪار آهي جنهن کي سڀ کان پهرين شاهه لطيف ايوارڊ مليو. استاد محمد يوسف چوڏهين فيبروري 1997ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. ۽ سنڌ جي هزارين بلڪه لکين چاهيندڙن کي سوڳوار ڪري ويو. پر سندس جادو ڀريو آواز سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ هميشه يادگار ۽ امر رهندو. اڄ به استاد محمد يوسف جا ڳايل اسم سنڌي ماڻهن جي دلين تي نقش ٿيل آهن. اڄ سندس ارڙهين ورسيءَ جي موقعي تي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيون ٿا.
     
    Sindhi Media، (deleted member) ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڄ سندس ارڙهين ورسيءَ جي موقعي تي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيون ٿا.
    اسان وٽ ادب، شاعري ۽ فڪشن وغيره ۽ شاعرن ۽ اديبن وغيره تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا پر ڳائنن تي نه جي برابر لکيو ويو آهي، رُڳو اُنهن جون آڊيو يا وڊيو ڪيسٽون ئي نڪرن ٿيون، ريڊيو ۽ ٽي وي ئي کين پذيرائي ڏين ٿا ۽ محمد يوسف به اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا. ان کان سواءِ محمد يوسف انهن ڀاڳ ڀرين مان آهي جنهن تي شاه جي پارکوءَ، موسيقي ۽ ثقافت جي ڳاڻوءَ ۽ نالي واري اديب ممتاز مرزا صاحب پورو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو رکيائين ” سپيريان سندي ڳالهڙيون“ ان ڪتاب ۾ سائين ممتاز مرزا لکي ٿو ته محمد يوسف صحيح معني ۾ سورهن سترهن سالن جي عمر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، ماڻهو پنهنجي شادين جي تِٿِ محمد يوسف جي تاريخ ڏيڻ تي ٻڌندا هُئا، جڏنهن هو محفل ۾ پُهچندو هو ته ميزباب پنهنجيون اکيون وڇائي، اُڀ کَڙو بهي رهندو هو، شادي حوجي يا ٻي ڪا تقريب، محمد يوسف ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سُرَ ۽ لئي سان راڄ ڪندو هو، ۽ ماڻهو به نه رُڳو هُن کي دل سان ڀانيو پر کيس دُهرا دان به ڏنا، ٿوڙي ئي عرصي ۾ هُو سنڌ جي راڳ جي دُنيا جو مهانگو ۽ مشهور ڳائڻو بڻجي ويو.
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورسيءَ ڏينهن سنڌ جي لازوال راڳي ۽ موسيقار کي سلام پيش ٿا ڪيون
     
  9. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    سنڌي راڳ جي ليجنڊ راڳي استاد محمد يوسف جي رسي کي 21 سال گذري ويا [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سياڻا چون ٿا ته موسيقي روح جي غذا آهي ،هن جي ابتدا پراڻي زماني کان ٿي آهي ۽ سنگيت جو هر ساز هن وقت تائين جاري ساري آهي هن سونهن ڀري سنسار جي رونقن ۾ اضافو ڪندي ڪيترائي فنڪار پنهنجي آواز جو جادو جڳائي وڏا وڏا اعزاز ۽ خطاب حاصل ڪري پنهنجي واري وڄائي ويا ڪيترائي انهي جستجو سان هن وقت به لاڳاپيل آهن هن جنت نما ڌرتي جي ٽڪري جي ٿڌين هوائن واري شهر حيدرآباد جي ٽنڊي طيب جي نزديڪ ٽئين تلاءَ جي دين علي شاهه محلي ۾ مـڱڻهار قبيلي جي سر سنگيت جي سازندي لونگ فقير کي محبت جي عالمي ڏينهن واري تاريخ 14فيبروري 1940ع اربع ڏينهن جي پرهه ڦٽي صبح سويل واري ساعت ۾ هڪ حسين جميل اکين جي ٺار پٽ جنم ورتو جنهن جي ڇٺي جو نالو (محمد يوسف ) رکيو ويو جيڪو اڳتي هلي (استاد محمد يوسف) جي نالي سان هن سونهن ڀري ڌرتي تي مشهور ٿيو راڳ ۽ سازن واري گهر جي ماحول ۾ جنم وٺندڙ هن نينگر تي ابتدا کان وٺي وڏو اثر ٿيو سندس والدين پڙهڻ واري عمر ۾ اسڪول وٺي ويا اسڪول ۾ داخلا ته ورتائين مڱر موسيقي واري مزاج ۾ هن جي رڳ رڳ ۽ رت ۾ سر سنگيت جا سر پئي سريا ، اسڪول منجهان سبق وٺي اڌ ڏينهن پڙهي پوءِ سڄو ڏينهن سرن سان روح پيو وندرائيندو هو بس نصابي تعليم ۾ توجهه گهٽ موسيقي واري علم ۾ رڳو ڌيان ڌريائين ڪلاس مان گسائي وڃي فقير جي مزارن تي سرن کي دل سان پيو ڳائيندو هو سندس والد لونگ فقير پنهنجي لاڏي پٽ کي پڙهائڻ جا وڏا وس ڪيا مڱر هن مهان فنڪار جي پڙهائي سان بنهه نه پئي لڳي محمد يوسف جا وڏا موسيقي جي دنيا ۾ وڏا مشهور هوندا هئا سندس چاچو زوار (بسنت فقير ) شرناءِ سندس والد وري پڪواز وڄائڻ جا واهه جو ماهر هوندا هئا ، هنن ٻنهي موسيقي راڳ واري دنيا جي وڏن وڏن نالان سان سنگت ڪري پنهنجي پنهنجي مهارت جو جادو ڏيکاري پنهنجو نالو نروار ڪري ويا جو سندس جي فن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي محمد يوسف راڳ جو راڻو راڳ سکڻ ۾ ايترو ته ننڍي وهي ۾ محو ٿي ويو جو (استاد بيبي خان )جي ڪلپ منجهان استاد اميد علي خان وٽ مڪمل چار سالن جي عرصي تائين موسيقي جي سکيا ۽ گر سکندو رهيو تنهن بعد ايشيا جي عظيم راڳي خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ باقاعده شاگري جو ڳانو ٻڌرايو سندس جي خدمت ۾ (تيرهن سال ) سرن جا ساز سکندي سکندي وڃي وڏي منزل ماڻيائين مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته محمد يوسف وقت به وقت مختلف استادن کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو انهن ۾ استاد غلام حسين عرف بيبوخان ، استاد منظورعلي خان ، استاد اميد علي خان ، استاد مبارڪ علي خان ، ۽ سونا خان بلوچ جي خدمتن ۾ وقت گذاري رياضت پڻ ڪندو رهيو سنڌ جو هي ناليوارو فنڪار سنڌي ،سرائڪي ، اردو، پنجابي ، بلوچي، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ به وڏي مهارت سان پنهنجي فن کي جرڪائيندو محمد يوسف فن جي دنيا جو نرالو آواز هو سندس ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقي جو زبردست ڄاڻو هوندو هو سنڌ جي هي نرالي انداز جي مالڪ راڳي سنڌي شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ وائي ، گيت ، غزل ، نظم ، قصيدو، نعت ، حمد ،ڪافي ، قومي نغما ، ٻارڙن لاءِ نغما ڳائي ٻڌڙن جي دل ئي ٺاري ڇڏيندو هو سند جو مشهو ڪلامن ۾ (لڳي ڏکڻ جي هير )۽ (ننگر ننگر ۾ گيت ٿو ڳايان ) کي چاهندڙن مان وڏي پذيرائي پڻ ملي محمد يوسف کي پنهنجي ڏيهه کان علاوه پرڏيهه ۾ به ٻڌو ويو هن دنيا جي مختلف ملڪن جرمني، چين ، برطانيه ، روس ، ۽ متحده عرب امارات ۾ به ڳائي ماڻهن کي جهومائي داد حاصل ڪندو رهيو راڳ جو هي من موهيندڙ آواز محمد يوسف کي صرف ريڊيو ،ٽي ُ وي کان علاوه هن فلمن ۾ به بهترين انداز ۾ ڳايو اڪثر سنڌي فلمن جا نغما محمد يوسف جي آواز جي سونهن سان سرشار آهن انهن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، ليلا مجنون، ڌرتي ۽ اجرڪ ، مومل راڻو، بادل ، چانڊوڪي ، رنگ محل ، شهرو فيروز، محبوب مٺا، غيرت جو سوال ، سنڌڙي تان صدقي، انهن کان علاوه هن اردو فلم (عورت ايڪ ڪهاني ) جا نغما پڻ ڳائي اعزاز حاصل ڪيو ، لوڪ موسيقي جي هن ناليواري راڳي کي ريڊيوپاڪستان ڪراچي تي پهريون ڀيرو محمد علي چاڳلا ٻڌي معتارف پڻ ڪرايو جڏهن پاڻ 15 سالن جي عمر رسيو ته هن ريڊيو تي مسلسل ڳائي ريڊيو جي لهرن وسيلي پنهنجي چاهيندڙن کان داد ۽ مشهوري ماڻيندو رهيو سر سنگيت جو هي وڏو ڄاڻو پنهنجي مٺڙي آواز سان سنڌ جي مختلف شهرن ، ڳوٺن ، ميلن ،محفلن اسٽيج کي هميشه رونقون بخشدو رهيو پاڻ دنيا جي وڏي مان وڏي شاعري جي شاعري کي دل سان پيو ڳائيندو هو جڏهن لطيف سرڪار جي ورسي جي موقعي تي (لطيف ايوارڊ ) ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته سنڌ جي هن ليجنڊ فنڪار کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته سندس کي پهريون ايوارڊ 31مارچ 1980ع ۾ حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ منعقد ٿيل تقريب منجهه ان زماني جي وقتي سنڌ جي گورنر ( ايس_ ايم عباسي ) هٿان حاصل ڪيو تنهن بعد سال 1982ع ڌاري حضرت سچل سرمت جي 160 عرس مبارڪ جي تقريب ۾ (گولڊ ميڊل ) جي اعزاز سان نوازيو ويو ،راڳ جي سهڻي آواز انداز جي مالڪ هن عظيم راڳي کي اها فخر جهڙي ڳالهه آهي ته هي واحد سنڌي فنڪار هو جو حڪومت پاڪستان سندس کي (ٻه ڀيرا ) صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي ) سان نوازيو ويو ان کانسواءِ ليجنڊ سر سنگيت جي لاجواب فنڪار چار ڀيرا لطيف ايوارڊ ، ٽي ڀيرا سچل ايوارڊ ، چار ڀيرا قلندر ايوارڊ پڻ پنهنجي فن جي مهارت سان حاصل ڪري ورتا جيڪا پڻ ڪنهن فنڪار لاءِ ڪنهن اعزاز کان ڳالهه گهٽ ناهي ، محمد يوسف سال 1964ع ڌاري پنهنجي سوٽ سان شادي جو نڪاح ڪري موڙ ٻڌا ان گهرواري منجهان رب سائين (ٻن نياڻين )جي اولاد سان نوازيو تنهن بعد محمد يوسف کي پٽاڻي اولاد جي خواش دل ۾ جاڳي تنهن بعد 10 سالن بعد سال1974ع ڌاري پڙهيل لکيل فيملي سنڌ حڪومت جي اڳوڻي گهرو سيڪريٽري (محمد يوسف لوڌي ) جي نياڻي سان شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌجي شادي ڪري ورتي جنهن منجهان پڻ هڪ نياڻي جي اولاد ٿي سنڌ جو هي البيلو راڳي پنهنجي سالگرهه واري ڏهاڙي 14فيبروري سال 1997ع جمعي جي ڏينهن 57سالن جي عمر ۾ راڳ جا سڀ سر ساز بند ڪري سنڌي ڪلاسيڪي راڳ کي ڇورو ڪري 21سال اڳ اسان سنڌ واسين کان رسي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو ،سنڌ جي هن عظيم راڳي جي اڄ 21هين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي ويندي منهنجي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي اعلي عملدارن کي گذارش ته هن ليجنڊ فنڪار جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي .

    پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس
     
    مير جمشيد اختر ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو