مريدن جو به خيال رکجو!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    “شهادت پروف” “بم پروف” “سيءُ پروف” ۽ لگزري سهولتن سان سجايل ڪنٽينر ۾ ايراني بخملي وهاڻي تان ٽيڪ ختم ڪري، بُلٽ پروف شيشي جي پويان آرامداهه ڪرسي تي ويهي “مرشد” پنهنجي ٻڍڙن، معصوم ٻارن، مختاران مائي جي ديس جي “آزاد خيال” عورتن ۽ قرآن جي نالي تي گڏ ڪيل “هزاري” مجمع کان 3 ڀيرا قرآن، هڪ ڀيرو الله جي عظمت ۽ ٻيا به ڪيترائي قسم ٿو وٺي ته جيستائين آئون هتي آهيان اوهان به هتي ئي رهندا ۽ ڪير به واپس نه ويندو. ايستائين جو “جهنگ جي خيال” جو به جوڳو انتظام نه هجڻ جي باوجود “مرشد” قسم پيو ڏي ته متان ويا آهيو اجهو ٿو انقلاب اچي ۽ اوچتو چوڌري صاحب ڦوڪو ڏيئي راجا جو ڏيئو اجهائڻ جو فرمان به جاري ڪري ٿو،

    “ڪافيو ملي نه ملي وٺ رينگٽ کي” وانگر ڏٺوسين ته پارليامينٽ هائوس کان ٻه سئو فوٽ پري ٻن ڏينهن کان سيءُ، بک ۽ “جهنگ جي خيال” کي برداشت ڪري ڪري ٿڪجي پيل مريدن ۾ مبارڪن جي وٺووٺ ٿي وئي ۽ “مرشد” سڀاڻي وري “معجزي” جو آسرو ڏيئي واپس پنهنجي “حُجري” ۾ تشريف فرما ٿي وڃي ٿو!!!

    خوابن ۾ الله سان رهاڻيون ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ مرشد جون فرمائشون به عجيب آهن، اڌ ڪلاڪ جي تقرير جي شروع ۾ به حڪم جاري ڪري ٿو ته پنجن منٽن ۾ منهنجو اسٽيج پارليامينٽ هائوس اڳيان هجڻ کپي، حڪومت 11 وڳي پنهنجي تڏا ويڙهه شروع ڪري ڇڏي نه ته فيصلو “عوام” ڪندي اها عوام جيڪا “40 لک” کن سائين سان گڏ آهي ۽ 10 ملين پويان پنڌ ۾ آهي، حيرت آهي ته الله جي خليفت جي حام هڻندڙ “مرشد” کان اهڙا “ڊزڪا” لڳن ڪيئن ٿا؟؟؟

    مزي جهڙي ڳالهه ته حڪومت کي اهڙا فرمان جاري ڪندڙ “مرشد سڳوري” جي حيثيت به سمجهه ۾ نه پئي اچي، لڳي ٿو ڪينڊا ۾ حضرت کان مغل اعظم جي اڪبر بادشاهه جهڙو ڪو ڪردار ڪرايو اٿن جيڪو ڪري اڪبر جو دماغ به خراب ٿي ويو هو ۽ هو آخري وقت تي پاڻ کي اصل باشاهه اڪبر سمجهڻ لڳو هو. سائين کان به لڳي ٿو ته ڪئنيڊا ۾ ڪو اهڙو “ڪم” ڪرايو اٿن جو هاڻي سندن دماغي حالت رحم جوڳي آهي ۽ هو بي رعيت ۽ بي تاج بادشاهه بڻجي فرمان مٿان فرمان جاري ڪري رهيو آهي.

    ڀلا سندن مطالبا تسليم به ٿين ته به کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو؟؟ سائين جي ته ڪينڊا ۾ نوڪري پڪي آهي هتي کيس ڪٿي سُک ايندو پر سائين چون ٿا نه ته “حُب حسين نه سهي بغض يزيد سهي” پر وڙهبو لازمي. مٿان وري اسان جا چڱا مڙس به الائي ڪهڙي رٿيو ويٺا آهن، ناني اڳي ناچو وري جو ڏوهٽا ڪن سڏ ته پوءِ ته مزو ٿي وڃي نه، ائين ئي “مرشد سڳورو” معجزن جي آسري ۾ همراهه جهليو ويٺو هو جو مٿان راجا صاحب جي بادشاهي ختم ٿيڻ جو فرمان اچي پهتو آهي، لڳي ٿو “مرشد” جي عجيب وغريب فرمائشن ۽ خطبن مان هرڪو لطف اندوز ٿي رهيو آهي سو اعليٰ عدليه کيس هُشي ڏيئي وڌيڪ تماشو ڏسڻ ٿي چاهي. ائين ته ائين ئي سهي پر مريدن جو ٿورو خيال ڪجو اتي “جهنگ جو خيال” جو جوڳو انتظام ناهي اوهان جي مشڪري ۾ متان نمازي نماز کان نه رهجي وڃن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    مرشد ايڏو وڏو نمبري آهي ته مريد وري ڪهڙا چنڱا مڙس هوندا،
    سڀ تماشائي آهن بابلا ،
    الله ڪري شل موچڙا لڳن پيرن مريدن کي،،،،
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مزاحيه انداز ۾ پيرائتو تجزيو ۔۔۔۔ اوهانجي چواڻي اڪبر بادشاه جي اداڪاري ڪندي کيس شايد نه پر پڪ سان اڪبر بادشاه جو ڪردار ٿي پيو آهي ۔۔۔

    “ناني اڳي ناچو وري جو ڏوهٽا ڪن سڏ ته پوءِ ته مزو ٿي وڃي“

    هن ملڪ ۾ نانيءَ کي ڏوهٽا ئي نچائيندا رهيا آهن ۔۔۔ الائجي ڪيتريون نانيون آيون پنهنجو پتلي تماشو ڏيکاري، ڪي انا لله وانا اليه راجعون ٿي ويون ته ڪي اوهان جي سامهون آهن ۔۔۔

    سازشون اهڙيون جو هڪ ڪردار جيئان ۔۔۔ ” گهما ڪي رکديا“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو