نجم الدين ڪنڀر
سينيئر رڪن
ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو!!!
1 ماڻهو کي ٿو کائي ماڻهو، آهي ڪو سمجهائي ماڻهو.
آخر ڇاٿو چاهي ماڻهو ؟ مون کي اڄ ٻڌائي ماڻهو.
2 ضمير اسانجو ستل آهي، جهيڙو ملڪ ۾ متل آهي،
قتل تي اڄ قتل آهي ، ڪنهن کي اڄ ٻڌائي ماڻهو.
3 محبت مروت مان لڏيو آ ، علم ادب حياء ُ ڇڏيو آ ه ،
باقي ا ڄ هت ڇا بچيو آه ، سنگت کي سڻائي ماڻهو.
4 انسان اڄڪلهه ڀٽڪيل آهي، ڪاوڙ ۾ ته ڪٽڪيل آهي،
حوس راهه ۾ اٽڪيل آهي، جنهن کي ڪوئي ڊاهي ماڻهو.
5 نفس پرستي جو ذڪر آهي، ملت جو ڪو فڪر ناهي،
پر نا اميدي ڪفر آهي ، رب ٿو هي سڻائي ماڻهو.
6 ڪاوڙ ڪلفت مٽائي جيڪو، حسد هوڏ ڀڄائي جيڪو،
پنهنجو پاڻ بچائي جيڪو، پيار جا گيت سڻائي ماڻهو.
7 نئين نسل کي ڇوٽ ٿا ڇوڙيون، تعليم جو ٿا ٻيڙو ٻوڙيون،
پنهنجو پيا ٿا ڪيتو لوڙيون، ڪو ساٿين کي سمجھائي ماڻهو.
8 امير غريب ته سڀڪو ويندو، نيٺ ته آخر ڇيڙو ٿيندو،
باقي رب جو نالو رهندو، آخر لا ڪو ٺاهي ماڻهو.
9 جڏهن ملڪ مٺي ۾ جھيڙو ٿيندو، خلق اتي اچي ڀيڙو ٿيندو،
”ڪنڀر“ تنهن مان ڪهڙو ٿيندو. سچ سڀن سڻائي ماڻهو.
10 تنهنجي منهنجي نيت کوٽي، ڪم جا آهيون سڀئي ٽوٽي،
”ڪنڀر“ اڄ تون ڪر ڪسوٽي،” ٺڪر“ کي جيئن ٺاهي ماڻهو.