• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙو عرض سمورن سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامِل دوستن کي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جي بلڪل اوهان صحيح ڳالهه چئي آهي۔منهنجي لکڻين۾ جيڪڏهن ڪا چُڪ نظر اچي تـ ضرور ٻڌائيندا تـه جئين مان اُها ٻيهر نـه ورجايان مهرباني
توهان جي تحرير ۾ خاص غلطيون ته نه آهن ليڪن توهان تـ نـ
وغيره لفظ ان طرح لکيا آهن ڇا اهو ڄاڻي واڻي يا لکڻ ۾ مسئلو درپيش آهي حالانڪ منهنجي خيال ۾ نـه هن طرح درست ٿيندو۔
 
فيس بوڪ تي شاعري ڪرنر(ڪارنر) ۾ اڪثر نوان شاعري(ي) اڪثر غلطيون ڪندا آهن، نشاندهي ڪرڻ تي وڙهي پوندا آهن ۔۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه انهي معاملي ۾ ڪجهه نه ڪجهه (ڪندي)رهندي ٿي (رهي)رهي۔ هتي منهنجون اڪثر غلطيون، ٽائپنگ توڙي گرامر جون، پاڻهي صحيح ٿي وينديون آهن۔۔ ههههه
ابا! بِلڪُل سنڌ سلامت مان اسان چاهيون تـ ڪيترين ئي ڳالهين جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا۔
 
ادي پارس تمام سٺي ڳالهه ونڊي آهي، اڪثر اسان جا وڏا اديب عام ماڻهو کي ڪجهه سمجهائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندا آهن. بلڪل اهي غلطيون ڪڍي ٻين کي ٻڌائڻ گهرجن
 
ڪيڏي نـ وڻندڙ ڳالهـ ٿيندي جواسان سنڌ سلامت تي رکيل هر موضوع جي لکڻيُن کي غور سان ڏسون ،پڙهون ۽ سمجهون تِنهن کان پوءِ جي اگر اسان کي ڪا چُڪ نظر اچي زير، زبر، موئنث، مذڪر جي ۽اُها هِڪ ٻئي کي ٻڌايون ۔۽ ڪيڏي نـه بهترين شخصيت جو مالِڪ هوندو اُهو دوست جيڪو اِن سمجهائڻي (سمجهاڻي) ۾پنهنجي گهٽتائي نـه محسوس ڪندو۔ڇا اسان سڀ ائين ڪري سگهون ٿا؟ اِن سان اسان جي پنهنجي ٻولي بهتر ٿيندي ۽ اسان کي لکڻ ۾ بـه سڻائي ٿيندي۔جئين مان پهرين نظم کي موئنث سمجهندي هئس ۔۽ چوندي هئس تـه مون هِڪ نظم لکي آهي۔۔۔۔۔۔ پوءِ هِڪ سڄڻ دوست ٻڌايو تـ نظم مذڪر آهي (نظم لکي آهي نـ ٿيندو پر نظم لکيو آهي ٿيندو)۔۔۔۔۔۔۔۔جڏهن تـ مان ڪئي نظم لکيا آهن پر مون اِن ۾ ڪا گهٽتائي نـ سمجهي ۽ توهان دوستن سان اِها ڳالهـ ونڊيان پئي۔اهڙي طرح پاڻ هِن سنڌ سلامت جي سٿ ۾ هِڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهون ٿا بهتر سنڌي لکڻ ۾۔۔۔۔۔۔
اھي ھي اميدون آھن اوھان دوستن مان
 
سڀني پيارن جون پياريون ڳالهيون آهن ڪافي دفعا درستگيون ڪيون ويون آهن ليڪن ان کي پازيٽو سوچ سان نه ورتو ويو بلڪ اکران دي وچ جو اڙيا وغيره جا ريمارڪس نظر کان گذريا ان ڪري هٿ ڍرا ڪري غلطين کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي۔ ڇو ته جنهن جي غلطي جي نشاندهي ڪجي ٿي ته اهو پنهنجي غلطي ظاهر ٿيڻ تي پنهنجي توهين ٿو سمجهي وري ابتا سبتا دليل ڏئي ان غلطي کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ان ڪري سڀ ڪو پنهنجي ڌن ۾ مگن آهي ان کي ان حال ۾ رهڻ بهتر ٿو لڳي ته الله سڀني جو ڀلو ڪري۔ ڪڏهن تڪڙ ۾ ڪمپوزنگ جو غلطيون ته تقريبا سڀن کان ٿي وينديون آهن ليڪن ڪي ته سنڌي جا لفظ ئي غلط استعمال ٿيندا آهن پر مذڪوره حالت جي ڪري نظر انداز ڪرڻ کي بهتر سمجهي ائين رهڻ ڏنو ٿو وڃي۔
سائين توهان پنهنجي جڳهه تي درست آهيو،.... جڏهن ته مون ڪجهه دوستن جي ( سنڌ سلامت تي لکت واري )غلطي کي نجي محفل ۾ به درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي به انهن پيارن دوستن اهي الفاظ چئي ڪري پنهنجي ڳالهه کي مٿاهون ڪيو ته اکرن ۾ ڇا رکيو آهي،بس ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ گهرجي. ۽ افسوس جو اتي ويٺلن ٻين دوستن به ان دوست جي ڳالهه کي اهميت ڏني. جنهن لاء مان ته صرف اهيو چوندس ته مون کي انهن دوستن جو فيصلو يا راء ٻڌي ڪري سائين رشيد صاحب واري ونڊ طوطو ۽ طوطي وارو قصو ٿو ياد اچي.پر ادا پوء به ڪوشش اهيا ڪجي ته ڪنهن دوست جون اوڻايون نظر اچڻ ته ان کي آگاهه ڪجي.شايد اڄ ته سڀاڻ ان دوست کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي.
 
ابا! ڪوفرق نٿو پوي ڀلي ڪو رنج ٿئي ته ٿئي پر سڄڻ اُهو ئي آهي جيڪو اختلافن کي درگُذر ڪري اصلاح ڪندو رهي۔۔منهنجي به ڪندا رهجو ۽ گڏُ ٻين جي به۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
چيو ويندو آهي ته اصلاح لا اڻ تڻ اڳتي وڌڻ جي نشاني آهي۔ جيڪڏهن اسان پنهنجيون غلطيون سڌارڻ شروع ڪيون ته نه فقط ٻولي پر اسان پوري سنڌ کي سڌاري سگهون ٿا۔
 
سُهڻي پارس جو پيش ڪيل موقف ۽ ان تي دوستن جا رايا سڀ وڻندڙ لڳا. بنيادي نُڪتو آهي پنهنجي ٻولي جي صحت جو! ته اسان کي سڀ کان پهرين ڌيان ڏيڻ گهرجي پنهنجي تلفظ تي. اسان پاڻ جيڪي اصلاح جي ڳالهه ڪريون ٿا، اُهي ئي جيڪڏهن صلاح ڏيڻ واري تحرير ۾ غلطين جا انبار شامل ڪريون ته پو اصلاح ڪيئن ٿيندي!
اسان ڪنهن تي تنقيد ڪندي اهو چئي ويندا آهيون ته اسان جا دوست پنهنجي تحريرن ۾ انگلش جا لفظ يوز ڪري ويندا آهن! هاڻي اسان کي انهي هڪ سِٽ تي سوچڻو آهي ته: ان اصلاح واري تحرير ۾ اسان ڪيتريون غلطيون ڪري ويا آهيون. پهرين پاڻ سڌارجي، پو اڳتي صلاح ڏجي، جيئن ڪي عملي نتيجا ملي سگهن.
پنهنجي ٻولي ۾ ميان، جي تون چوندين ما
توکي اهڙو سا ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي!
 
بهتر آهي ته دوستن جي هتي اصلاح ٿئي ، ۽ ڪنهن دوست کي ان تي ناراض نه ٿيڻ گهرجي ، جڏهن اسان جو غلطيون هتي درست ٿي وينديون ته پو اسان ٻاهر غلطيون نه ڪندا سين .
 
Back
Top