• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 16 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:
16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو/اديپور) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهر جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:
16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجز جو انتقال ٿيو.
16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي وفات ٿي.
16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.
16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻي ديهانت ڪري ويو.
16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي.
16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو.
16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻو وفات ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
8412_459586150779018_908097748_n.jpg

1601139_10201851566469219_1920948742_n.jpg


سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
اڄوڪي ڏينهن 16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخاري جو جنم ڏينهن آهي.

استاد بخاري جي شخصيت ۽ شاعري جو مختصر جائزو
جي تون اچين ته منهنجي محفل مچي پوي،
دل هي دردن ورتي جهومي نچي پوي۔
آ شهر ۾ پچار ته استاد ٿو مري،
جي سونهن ساٿ ڏئي ته بخاري بچي پوي۔
(استاد بخاري)

ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۽ انهن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان سيد احمد شاه استاد بخاري پڻ هڪ آهن .احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عظيم انسان ء عظيم فقير صفت شاعر هوسندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي،استاد بنيادي طرح هڪ سونهن پسند شاعر هو، مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو، بقول استاد بخاري
پنهنــــــــــــــــــــــجي دل جي نالي
منهنـــــــــــــــــــــــجي دل دادو آهي

دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
۽
سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“
استاد جي تعليم ۽ ننڍپڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تعليمي لحاظ کان پهرين درجي کان سنڌي فائينل تائين پهرين پوزيشن کڻندو رهيو. استاد، عالم ، فاضل ۽ اديب واريون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1946ع ۾ پهرين نوڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڪئي تنهن کان پوء استاد بخاري پارائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو سلسلو شروع ڪيو۽ آخر تائين استاد جي پيشي سان وابسته رهيا ۽ انهي تعليم جي شعبي ۾ رهندي ترقي ڪري دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا ۽ عمر جي آخر تائين اتي پنهنجا نوڪري وارا فرائض پورا ڪيائون. ۽ سندس خدمتن جي عيوض سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي حڪم تي دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندس ئي نالي سان رکيو ويو۔ جيڪو هاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سڏجي ٿو۔استاد جو ننڍپڻ دادو شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ گذريو۔ جت پڙهڻ جي به ڪا صحولت موجود نه هئي۔ جنهن جي ڪري پڙهائي پوري ڪرڻ لاء دادو شهر اچڻو پوندو هو، استاد بخاري صاحب پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن دادو شهر جي غريب آباد محله ۾ گذاريا۔۔۔نوٽ تفصيلي مضمون پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا
189327_1690335216611_4656999_n.jpg

189327_1690335296613_7861863_n.jpg

189327_1690335336614_4399543_n.jpg

189327_1690335376615_2996370_n.jpg
 
منٺار فقير راڄڙ

هڪ رات پنهنجي مرشد کي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون ۽ چيائون ته؛ توهان کي پڙهايون ٿا ۽ پڙهو. پوءِ پاڻ لڪيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا ۽ فقير صاحب به اهي لفظ چوندو هليو. صبح جو فقير صاحب کي شناس ٿي ويئي ۽ ڪوشش سان سنڌي ۽ اردوءَ جو چڱو ڄاڻو ٿي ويو ۽ پنهنجي وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو. منٺار فقير جو وصال 16 جنوري 1930ع ۾ ٿيو.

هيٺين ڪافي فقير صاحب کي خواب ۾ پڙهائي ويئي.

ڪلام

لاهي ويهه م لڏ، لاھ م لڏ، هل ته پهچين هوت کي.
ڪم نه ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ.
ڀنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندئي کڏ.
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ.
متان منجهين “منٺار” تون، ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ.
 
Back
Top