ميڪرو ميڊيا فليش ڪلاس 2

'ميڪرو ميڊيا فليش' فورم ۾ jamot طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2009۔

  1. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    سبق ٻيو

    ٽولزن جو تعارف
    Introduction of Tools
    [​IMG]

    فليش تي ڪم ڪرڻ کان پهرين ٽولز جي باري ۾ ڄاڻي وٺو، تاڪه توهان کي مختلف نوعيت جي Drawing بنائڻ ۾ڪا مشڪلات نه ٿئي.

    Arrow Tool (v) .1
    ايرو ٽول ، Editor جو اهم ترين ٽول آهي، جيڪو Object کي Select ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    Oval (O) & Rectangle Tools (R) .2
    توهان ريڪٽ اينگل ٽول جي مدد سان ڪنهن به قسم جو Box بنائي سگهو ٿا. ۽ اوول ٽول جي مدد سان ڪو Circle بنائي سگهو ٿا.

    Stroke & Fill Color .3
    Fill Color مان مراد Object جي اند جو ڪلر ۽ Stroke color مان مراد Object جي لائن جو ڪلر.

    Lasso Color .4
    ڪڏهن ڪڏهن ڊرائنگ يا ڊزائننگ جي دوران ان جي مخصوص حصي کي سليڪٽ ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته ان لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    Paint bucket Tool (K) .5
    هن ٽول جي ذريعي Object جي اندر جو ڪلر تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    Ink Bottle Tool (S) .6
    هن ٽول جي مدد سان لائن ڪلر ، سٽائل تبديل ڪيو ويندو آهي.

    Text Tool (T) .7
    هن ٽول جي مدد سان لکبو آهي.

    Free Transform Tool (F) .8
    هن ٽول جي مدد سان ڪنهن به Object کي ننڍو وڏو ڪيو ويندو آهي.

    Pencil Tool (Y) .9
    پينسل ٽول جي ذريعي پنهنجي مرضيءَ سان ڪا به ڊرائنگ بنائي سگھبي آهي.پينسل جا 3 ٽي Attributes هوندا آهن.جيڪي هي آهن.
    Smooth .1 جيڪو لائن کي سيدهو بنائيندو آهي.
    Straighten .3 جيڪو curve کي صفائيءَ سان بنائيندو آهي.
    Ink .4 فري اسٽائل سان Draw بنائي سگهو ٿا.

    Line Tool (L) .10
    هن ٽول جي مدد سان توهان لائن بنائي سگهو ٿا ، ۽ لائن جي ذريعي ڪابه ڊرائنگ ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان لائن کي Curve ڏيڻ چاهيو ٿا ته توهان لائن جي مٿان Arrow Tool جهليندا ته توهان کي لائن curve يعني ڏيڙو ڪڙڻ جو اشارو ڏيندو ، ته توهان ان اريري ٽول کي پريس ڪر ي لائن کي ٽيڙو ڪري سگهو ٿا.

    Pen Tool (P) .11
    پين ٽول ڊرائنگ جي لاءِ تمام سٺو آهي. جنهن جي ذريعي توهان ڪابه ڊرائنگ آسانيءَ سان بنائي سگهو ٿا.

    Eraser Tool (E) .12
    هي ٽول Object جي فلز ۽ اسٽروڪ کي مٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هي عام رٻڙ جو ڪم ڪندو آهي. هن جا ڪجهه option آهن، جيڪي سليڪٽ ڪرڻ سان ٽول بوڪس جي هيٺين حصي تي نمودار ٿيندا آهي. جيڪي هي آهي.

    Eraser Normal (a عام رٻڙ وانگر استعمال ٿيندو آهي.
    Erase Fill (b صرف فِل ٿيل کي مٽائيندو آهي.
    Erase Line (c صرف لائن کي مٽائيندو آهي.
    Erase Select Fills (d صرف سليڪٽ ٿيل فلز کي مٽائيندو آهي.
    Erase Inside (e ڪنهن جزو جي اندروني حصي کي مٽائيندو آهي.

    Faucet Erase جيڪو Eraser Mode جي پاسي هوندو آهي. هن جي مدد سان توهان ڊرائنگ جو عليحده حصو مٽائي سگھو ٿا.

    Brush Tool (B) .13
    جهڙيءَ طرح ديوارکي رنگ ڪرڻ وارو عام برش استعمال ٿيندو آهي. تهڙيءَ طرح هي برش به اميج تي استعمال ڪيو ويندو آهي. فليش ۾ ڪافي برش جي سائز ۽ شڪلون موجود آهن. جيڪي توهان پنهنجي ضرورت جي مطابق استعمال ڪري ڊرائنگ ڪري سگهو ٿا.
    جڏهن توهان برش ٽول سليڪٽ ڪندا ته ٽول بوڪس جي هيٺين حصي تي شيپ ۽ سائز جا آپشن نمودار ٿيندا آهن.

    Zoom Tool (M, Z) .14
    هن ٽول جي مدد سان توهان ڪنهن به اميج کي Zoom ڪري وڏو يا ننڍو ڪري سگهو ٿا.

    Hand Tool (H) .15
    هن ٽول جي مدد سان توهان اسٽيج کي ساڄي، کاٻي، هيٺ ۽ مٿي Move ڪري سگهو ٿا.

    Eye Dropper Tool (I) .16
    هن ٽول مدد سان ڪنهن ٻئي Object مان ڪو ڪلر سليڪٽ ڪري سگھوٿا.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    يار توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو۔۔۔ مان هر دفعي فليش جي باري ۾ ادا رشيد سمون کان پڇندو هيم هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽولز بابت ته وضاحت ملي توهان جي طرفان ۔۔۔ توهان جو ڪم انتهائي شاندار آهي ۔۔ asul matt
    اميد ته هن سلسلي کي جاري رکندا
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ڄاموٽ

    توهان کي فورم تي فعال ڏسي ڪري دل خوش ٿئي وئي ۽ وري سوني پي سهاگا ته توهان مون جو پسنديده سبق باقائده شروع ڪيا آهن
    ۽ توهان جي سمجهاڻي ته ماشاء الله اصل صفا لاجواب آهي جو مون جهڙو ماڻهو به توهان جي ڏسيل طريقي کي وٺي ڪري ڪم اسٽارٽ ڪري سگهي ٿو

    اهڙي بهترين قسم جي شيئرنگ تي توهان جس لهڻو

    ادا اسان کي توهان جي ٽئي سبق جو شدت سان انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا توهان ميڪروميڊيا فليش جي ٽولز جي بهترين سمجهاڻي ڏني آهي۔۔۔ توهان جي سمجهاڻي جو طريقو به تمام بهترين آهي۔۔۔
     
  5. گلزار احمد ڏاهري

    گلزار احمد ڏاهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    دادو
    اسلام عليڪم ۔۔۔۔
    ادا ڄاموٽ ڏاڊي خوشي ٿي توهان جي سٺي محنت ڪيل آهي

    گلزار احمد ڏاهري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو