ٽي وي ڏسڻ جو وقت ئي نه ملي۔۔۔ پر اڄ ڪنهن دوست جي اسرار تي ويٺس ته ائين لڳو ڄڻ سموري دنيا ۾ اسان جي ملڪ جا سور پيا ڏسجن۔۔۔ وري انٽرنيٽ تي آيس ته سنڌ سلامت کانسواءِ هر سائيٽ تي اصل گرمي پد وڌل لڳو۔۔۔ ان ڪري دوستن جي سردي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه تصويرون سوالن سان ونڊ ڪجن ٿيو۔۔۔ متان سنڌ سلامت جي سنگت وٽ به ڪي خيال ڪي جواب موجود هجن۔۔۔
*********************
ڏسو نه ڪيئن ڀنواٽيون اچي ويون ۽ مٿو مٿي ۾ ملائڻ جي نوبت آئي...
ڪو اهڙو اشو ڏسيو جو هي گڏ ٿيا هجن... جيئن اڄ رائي ونڊ ۾ پنهنجي واري بچائڻ ويٺا آهن...
ڇا ڪنهن قومي اشو تي گڏ ويٺا..؟
گيس جي بحران تي...؟
بجلي جي بحران تي...؟
سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پامالي تي..؟
دهشت گردي تي...؟
ڪراچي جي قتلِ عام تي...؟
بلوچستان جي معاملي تي...؟
وغيره وغيره
