اڄوڪو ڏينهن 17 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    17 جنوري 1554ع تي همايون بادشاهه ڏاڪڻ تان ڪري لاڏاڻو ڪيو.
    17 جنوري 1706ع تي آمريڪي موجد ۽ جڳ مشھور فلسفي بينجمن فرينڪلن، بوسٽن ۾ جنم ورتو.
    17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي.​
    17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1906ع تي عوامي شاعر دادن فقير ذات جويو تخلص ”دادن“ ولد ڌڻي بخش جويو ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
    17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردار جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه/جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪلي جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو.

    وڇوڙو:
    17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي.
    17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي.
    17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا (شڪارپور) جي ديهانت ٿي.
    17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي.
    17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي۔
    17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
    17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهو کي شهيد ڪيو ويو.
    17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو.
    17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي.
    17 جنوري 2014ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو.


    اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

    17 جنوري 1972ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي آزادي جو تصور ڏنو.
    17 جنوري 1972ع تي چين، هائيڊروجن بم جو ڌماڪو ڪيو.
    17 جنوري 1972ع تي سوار محمد حسين شھيد کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر مليو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 جنوري 2015
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر طاهرالقادري پاران پارليامينٽ هائوس سامهون لڳل ڌرڻو ختم۔ ڪاوش جي خبر

    حڪومت 16 مارچ کان اڳ ختم ۽ چونڊون 90 ڏينهن ۾ٿينديون،نگران وزيراعظم لاءِ قادري سان مشاورت ٿيندي:معاهدو ٿي ويو، ڌرڻو ختم

    اسلام آباد(رپورٽون:قربان بلوچ، ايم بي سومرو ۽ اعجاز پنهور) علامه ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ حڪومت وچ ۾ آخرڪار ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، لکت ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ اسلام آباد ۾ 14 جنوري کان جاري ڌرڻو ختم ڪيو ويو، حڪومت ۽ تحريڪ منهاج القرآن جي سربراهه وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي پنهنجي مدي 16 مارچ کان اڳ ۾ٽوڙي ويندي، سرڪار ۽ قادري ۾ ٿيل معاهدي کي ”اسلام آباد لانگ مارچ ڊڪليئريشن“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ علامه طاهر القادري جون صحيحون ٿيل آهن، ڊاڪٽر طاهر القادري جو اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙڻ وارو مطالبو تسليم ناهي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ لاءِآئيني ماهر پاڻ ۾ مشاورت ڪندا، معاهدي تحت طاهر القادري ۽ سندس حامين خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به نئون ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، ڪالهه علامه طاهر القادري سان ڳالهين لاءِ وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽين جي ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قادري وٽ حڪومتي ٽيم ويندي ۽ ڳالهيون ڪندي، اجلاس ۾ ٿيل فيصلي تحت (ق) ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي سربراهي 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ قانون وارو وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير قمر الزمان ڪائره، مشاهد حسين سيد، مخدوم امين فهيم، سيد خورشيد شاهه، ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، بابر غوري، اي اين پي جو افراسياب خٽڪ ۽ فاٽا جو سينيٽر عباس آفريدي شامل هئا، ان کان اڳ ۾ قادري حڪومت کي منجهند 3 وڳي تائين مطالبا تسليم ڪرڻ جي مهلت ڏني، اها مهلت ملڻ کانپوءِ حڪومتي ٽيم قادري سان فون تي رابطو ڪيو ۽ اها ٽيم اٽڪل 3 لڳي 45 منٽن تي ڌرڻي واري هنڌ پهچي طاهر القادري سان ڪنٽينر ۾ اندر وڃي ڳالهيون شروع ڪيون، جنهن ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ نه آيو ۽ ڳالهيون اٽڪل سان 4 ڪلاڪن ۾ ڪامياب ٿي ويون ان کانپوءِ معاهدي جو هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم جي صحيح ڪرائڻ لاءِ قمر الزمان ڪائره، مشاهد حسين ۽ سيد خورشيد شاهه وزيراعظم هائوس ويا ۽ اتان فورن وزيراعظم کان صحيح ڪرائي واپس پهتا ۽ ميڊيا سامهون انهي معاهدي جو اعلان ڪيو ويو۔

    طاهر القادري انهي معاهدي کي پنهنجي وڏي ڪاميابي تصور ڪيو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، معاهدي تي انهي 10 رڪني ڪاميٽي جي ميمبرن جون صحيحون به ٿيل آهن، طاهر القادري سمورن اڳواڻن جو تعارف ڪرايو ۽ انهن جي واکاڻ به ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ڪاميٽي ۾ شامل اڳواڻن به ڌار ڌار خطاب ڪيو ۽ ڳالهين جي ڪاميابي کي پنهنجي فتح تصور ڪيو، انهن اڳواڻن به طاهر القادري جي تعريف ڪئي، علامه طاهر القادري اردو ۽ قانون واري وزير فاروق نائيڪ انگريزي ۾ اهو معاهدو ”اسلام آباد لانگ مارچ ڊڪليئريشن“ پڙهي ٻڌايو، معاهدي ۾ اهو لکيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي کي 16 مارچ واري مدي کان اڳ ڪهڙي به وقت تحليل ڪري چونڊون 90 ڏينهن اندرڪرايون وينديون، چونڊ وڙهڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي اهليت واري شرط تي پورو لهڻ ضروري هوندو، اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هڪ مهينو وقت مقرر هوندو، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي اهليت تي پورو نه لهندڙ اميدوار چونڊ مهم هلائي نه سگهندا، چونڊ سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي 8 جون 2012ع واري فيصلي تي روح مطابق عمل ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙيو نه ويندو پر نئين سر تشڪيل تي اجلاس 27 جنوري تي ٿيندو، جائزي لاءِ آئيني ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم قائم ڪئي وئي آهي، طاهر القادري ٻڌايو ته اسلام آباد لانگ مارچ ڊڪليئريشن ۾ اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جو 16 مارچ تائين مدو هو، هاڻي طئي ٿيو ته اسيمبلي کي 16 مارچ کان اڳ تحليل ڪيو ويندو ۽ عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿينديون، 90 ڏينهن ۾ هڪ مهينو اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال، سندن ڪردار جو تعين ۽ سندن ڪليئرنس لاءِ مخصوص هوندو، معاهدي تحت اميدوارن جي جاچ پڙتال آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ٿيندي، فقط انهن اميدوارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي باقي ٻين جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويندا، اليڪشن ڪميشن طئي ڪندي ته جيڪو اميدوار 62 ۽ 63 جي اهليت تي پورو نه رهندو، ان کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه هوندي، هن چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ حڪومت ۽ سندس جماعت پاڪستان عوامي تحريڪ اتفاق راءِ سان 2 نالا پيش ڪندا، انهن جو ايماندار ۽ ديانتدار هئڻ ضروري هوندو، معاهدي تي اليڪشن ڪميشن جي تشڪيل تي ٻيهر غور ٿيندو، ان لاءِ اجلاس 27 جنوري تي منهاج القرآن جي هيڊ آفيس لاهور ۾ ٿيندو، هن ٻڌايو ته ان حوالي سان طئي ٿيو ته جيڪي به اجلاس ٿيندا، اهي منهاج القرآن سيڪريٽريٽ لاهور ۾ ٿيندا، اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان قانون وارو وزير فاروق نائيڪ، اعتزاز احسن، ايس ايم ظفر، وسيم سجاد، فروغ نسيم، خالد رانجها، لطيف آفريدي، همايون احسان ۽ ٻيا اجلاس منعقد ڪندا ۽ قانون وارو وفاقي وزير رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندو، اهو طئي ٿيو ته عام چونڊن ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويندو، عام چونڊون آئين ۽ عوامي نمائندگي ايڪٽ تحت ٿينديون، طاقت جي استعمال، دهشتگردي ۽ غنڊا گردي وارن عملن کي چونڊ عمل کان خارج ڪيو ويندو، چونڊ سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي 8 جون 2012ع واري فيصلي تي 100 سيڪڙو عمل ڪيو ويندو ۽ چونڊون ان جي روشني ۾ ٿينديون، معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو ته سمورا ڪيس ختم ڪيا ويندا، مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي، انهي معاهدي جي اعلان ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿي ويو ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته اهي بسن ۾ ويهن، انهن کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ پهچايو ويندو، جڏهن ته انهي معاهدي کان اڳ ڪالهه صبح جو طاهر القادري ڌڻي کي خطاب ڪندي اهو چيو هو ته حڪومت کي مطالبا تسليم ڪرڻ لاءِ منجهند 3 وڳي تائين جو وقت ڏيان ٿو ۽ آخري ڏينهن آهي، شام جو اهو ڌرڻو ختم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن صدر پاڪستان ڳالهين لاءِ نه آيو ته هو امن جو آخري موقعو به وڃائي ويهندو، انهيءَ اعلان بعد ساڻس ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي، طاهر القادري ڳالهين جي آجيان ڪئي پر اهو شرط رکيو ته گهرو وزير رحمان ملڪ کي هتي نه موڪليو وڃي، اهڙي طرح معاهدو ٿي وڃڻ بعد خطاب ۾ علامه طاهر القادري چيو ته شيطاني حملو ناڪام ٿي ويو ۽ اسان جي سوڀ ٿي آهي، انهي خطاب جي اختتام بعد گذريل 4 ڏينهن کان ملڪ ۾ جاري غير يقيني واري صورتحال ڪالهه آخر ختم ٿي وئي آهي.

    روزانه ڪاوش
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ۾ متحده ايم پي اي منظر امام سوڌو 13 قتل: مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند: گاڏين کي باهيون
    ڪراچي (بيورو رپورٽ) اورنگي ٽائون ۾ دهشتگردن جو متحده قومي موومينٽ جي حق پرست ايم پي اي منظر امام تي حملو، ڪلاشنڪوف ۽ پستولن سان فائرنگ ڪري دهشتگردن متحده جي ايم پي منظر امام کي سندس 2 پوليس اهلڪار محافظن ۽ ڊرائيور سميت قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد شهر ۾ خوف، ڏسند ئي ڏسندي سڄو شهر خوف ۾ بند ٿي ويو. مُک ڪاروباري مرڪزن سان گڏو گڏ رهائشي آبادين ۾ ننڍن وڏن ڪاروباري مرڪزن ۽ دڪانن سميت سڀ ڪجهه بند ٿي ويو. مڇريل ماڻهن مختلف علائقن ۾ 4 گاڏين کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، شهري محفوظ هنڌن تائين پهچڻ لاءِ پريشان رهيا جنهن سبب مختلف روڊن تي ٽرئفڪ به جام رهي پر ٿوري دير بعد سڄي شهر ۾ ٽرئفڪ به معطل ٿي وئي. متحده قومي موومينٽ جو اورنگي ٽائون مان چونڊيل ايم پي اي منظر امام پنهنجي ڊرائيور ۽ 2 پوليس محافظ اهلڪارن سان گڏ ڪالهه ٻنپهرن جي وقت اورنگي ٽائون ۾ واقعي پنهنجي گهر مان وائيٽ ڪرولا ڪار جي ايل 7281 ۾ نڪتو، هو نادرا آفيس وڃي رهيو هو ته اورنگي ٽائون جي نشانِ حيدر چوڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند دهشتگردن اوچتو سندس گاڏيءَ تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني ڪلاشنڪوف ۽ پستولن سان هٿياربندن اوچتو ايتري شديد فائرنگ ڪئي جو ايم پي اي جي پوليس اهلڪار محافظن کي جوابي ڪارروائي جو موقعو ئي نه مليو. دهشتگردن فائرنگ ڪري ايم پي اي منظر امام سندس ڊرائيور مراد ۽ 2 پوليس اهلڪار محافظن سپاهي عمران خان ۽ ساجد کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو. ايم پي اي منظر امام کي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سيني ۽ چهري تي 8 گوليون لڳيون، ڊرائيور مراد کي 4 ۽ سپاهين کي 5، 5 گوليون لڳيون. لاش عباسي اسپتال پهچايا ويا، جتي ايم ڪيو ايم جا وڏي تعداد ۾ ڪارڪن گڏ ٿي ويا ۽ عباسي شهيد اسپتال ۽ ناظم آباد واري روڊ کان اسپتال ويندڙ سڄي روڊ جو انتظام ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سنڀالي ورتو. عباسي شهيد اسپتال ۾ مقتولن جي پوسٽ مارٽم بعد ايم پي اي منظر امام جو مڙهه واپس اورنگي ٽائون نيو ويو. جتي متحده جا اڳواڻ ۽ سوين ڪارڪن به پهچي ويا، متحده موجب ايم پي اي منظر امام جي جنازه نماز اڄ جمعي نماز بعد عزيزآباد جي جناح گرائونڊ ۾ پڙهي ويندي جنهن بعد کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي اولهه زون ٻڌايو آهي ته مارجي ويل سپاهي عمران خان ۽ ساجد خواجه اجمير نگري هيڊ ڪوارٽر تي تعينات هئا ۽ منظر امام جي سيڪيورٽيءَ تي مقرر ٿيل هئا. ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ هڪ دهشتگرد گروپ جي گرفتار ٿيل هٿياربندن پڇاڳاڇا دوران اهو انڪشاف ڪيو هو ته متحده جو ايم پي اي منظر امام سندن هٽ لسٽ تي آهي، پوليس جي ذريعن موجب منظر امام جي حياتيءَ کي خطرو هو تنهنڪري ئي کيس 2 پوليس اهلڪار گارڊ طور ڏنا ويا هئا. هوڏانهن ان واقعي بعد 3 پهرن جي وقت سڄي شهر ۾ افراتفري مچي وئي، ماڻهو پنهنجي گهرن تائين پهچڻ لاءِ پنهنجن گاڏين ۾ جڏهن روڊن تي نڪتا ته ڪجهه هنڌن تي ٿوري دير لاءِ ٽرئفڪ جام ٿي وئي، جڏهن ته بعد ۾ شام جي وقت سڄي شهر مان پبلڪ توڙي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ غائب ٿي وئي، سمورا پيٽرول ۽ سي اين جي پمپ بند ٿي ويا. سڄي شهر ۾ خوف وارو عالم ڇائنجي ويو.

    ڪاوش جي خبر
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي
    سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي،
    تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله.۔۔ مضمون کي تفصيل سان پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو