سنڌ ڳالهائي ٿي : جي ايم سيد

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    اڄوڪو ڏينهن 17 جنوري سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي. جي ايم سيد جنهن سنڌ لاء پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سندس جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ پاران سندس ڊجيٽل ڪتاب پيش ڪجي ٿو.

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجويهون ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هڪ ڏکيو ڪم هيو ڇو ته ڪتاب ۾ موجود سنها فونٽ گهڻو پريشان ڪندا رهيا. مان ٿورائتو آهيان عبدالڪريم چانڊيي ۽ غلام قنمبر وساڻ جو، جيڪي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ ۾ ساٿ ڏيندا رهيا آهن. ٿورا پياري دوست ابو واصف جا جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ڊزائن ڪري موڪليو. جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    ____​
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن ڪتاب سان ڪيئي يادون وابسته آهي. شريڪِ حيات اهو ڪتاب مون کي شادي جو تحفو ڏنو هو سو انهي حوالي سان به اهو ڪتاب اهم آهي. پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پهرين ئي هن ڪتاب بابت ڪافي غلط ٻڌو هو. الاءِ الاءِ ڪهڙا ڪهڙا رايا هئا. پر جڏنهن پڙهي ڏٺو ته حيرت ٿي ته آخر اهڙو ڇا غلط آهي هن ڪتاب ۾ جو ايترا مفروضا گهڙيا ويا هن ڪتاب بابت. هي ڪتاب ته لکين معصوم ۽ مظلوم ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ هڪ هيڻي شخص جي فرياد آهي. جيڪا افسوس سان ٻُڌي ئي نه وئي. رهندو هن ڪتاب بابت غير ضروري رايا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    هن ڪتاب کي غلط چوندڙن کان صرف هڪ سوال ته ڇا جِن ماڻهن بابت لکيڪ خلافِ راءِ رکي اڄ انهي جي پوئلڳي جي دعوى ڪندڙن سان اُهي گڏ بيهندا؟
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محبت پائي من ۾

    اوهان دوستن جنهن سچائي ۽ چونڊ سان سنڌ سلامت جي ڪتاب گهر کي سجائڻ جو سهرو پنهنجي سر ٻڌو آهي سو انتهائي ساراهه جوڳو ۽ سلامن ڪرڻ جوڳو آهي ۔۔۔

    اڄوڪي ڏينهن تي جي ايم سيد کي ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڀيٽا ؟؟؟ ۔۔۔ هي ڪتاب سنڌ جو مقدمو آهي، سنڌ جي ڳالهه آهي ۽ سنڌ جي مفڪر جي ايم سائين جو روح آهي۔ اميد ته سنڌ جا سڄڻ دوست هي ڪتاب ضرور پڙهندا ۽ سنڌ جي عدالت پنهنجي من ۾ لڳائيندا۔ ممڪن جي ايم سيد جو پيش ڪيل هي مقدمو کٽڻهار ٿي پوي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي دوستن لا ٽوپي لاهي سلام ڪجي ٿو۔۔۔۔ خاص ڪري سليمان وساڻ سميت سائين عبدالڪريم چانڊيي ۽ قمبر علي وساڻ کي محبت ڀريو سلام۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    تمام خوبصورت ڪاوش سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي جس هجي جن ايڏي ساري محنت ڪري سمورن پڙهندڙن کي ناياب ڪتاب مهيا ڪري ڏنو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار ڪافي عرصي کان اهو ڪتاب پڙهڻ جو شوق هيو۔۔ ڊائونلوڊ ڪيو اٿم۔۔۔ مهرباني نه چئجي ته نا انصافي ٿيندي۔۔ جس آهي اوهان کي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سائين هي ڪتاب لکي سنڌ جو مضبوط ڪيس
    پيش ڪيو آهي،هونئن به سنڌ ۽ سيد لازم ۽ ملزوم آهن،
    سنڌ ۽ سيد روح ۽ جسم وانگر آهن،جيئن روح کان سواء
    جسم اڌورو ۽ جسم سواء روح اڌورو۔۔۔۔۔
    سيد سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا پر واهه سيد سن وارو آ
    واهه سيد سن وارو آ جيڪو قوم سڄي جو سهارو آ۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان جو مقصد ته اوهان جي شريڪ حيات اوهان کان به وڌيڪ سنڌ پرست آهي ۔۔؟؟؟

    سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب پڙهي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جي خبر پوي ٿي ته ڪيئن نه سنڌ جي جدا حيثيت هجڻ باوجود هن کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔ هن عمل ۾ ڌارين کان اڳتي اسان جا پنهنجا رهيا آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اڄ به اها ئي سياست آهي جنهن پٽاندر سائين جي ايم سيد کي محب وطن هجڻ بدران جيل سختيون ۽ قوم کان پري رکڻ جا هربا استعمال ڪري دور ڪيو ويو ۽ انهن جي لکڻين کي انهن جي پيغام کي دشمن ڪري پيش ڪيو ويو ،
    مختلف طريقن سان متنفر ڪيو ويو،
    پوئلڳن تي سختيون ڪيو ويون،
    ۽ انهن جي پيغام پهچائيندڙن کي سختيون ڏئي ماٺ ڪرايو ويو يا خريد ڪري پيغام جو پاسو ئي مٽايو ويو،
    هن قوم لاء جيڪا جدوجهد سائي جي ايم سيد ڪئي ڪو به هڪڙو ليڊر آهي جن مظلومن جي بنيادي حقن جي ڳاله ڪئي هجي،
    اگر جاگيرداري يا وزارتون چاهي هان ته به حاصل ڪري ٿي سگهيو،پر ،
    افسوس جو پنجاب جي خوف جي علامت ۽ سامراٍج لاء ڏهڪاءجو باعث هي سچ ،هي سچو اڳواڻ پنهجي قوم جي بيراهروي،کي ڪوٽن ۾ گهاري ويو،
    هي قوم وري به غريبن جي بنيادي دشمنن کي پنهجو سمجهي پنهجي قسمت جون واڳون انهن جي هٿن ۾ ڏيندي رهي آ ۽ ڏيندي رهي ٿي،
    هر دفعي جي آسري تي پنهجي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪندي، مفادپرستن ۽ سوديبازن کي پنهجو مسيحا سمجهي،
    هنن اگهاڙن جسمن تي وسندڙ چهنبڪن جو زخيرو هي قوم پاڻ مهيا ڪري ٿي،پنهجون عزتون ملڪيتون،ٿوري لالچ جي عيوض لٽيرن جي هٿن ۾ پهچائي ٿي،پر پنهجن سڄڻن کي سڃاڻپ جي قوت نه عي ڌاري،
    افسوس آهي ته اهيا تعليم اسان کان ڳجهي رکي ويئي آهي ،
    اميد ته سنڌسلامت سُتي وانگر هي علم هن قوم جي رڳن ۾ داخل ڪندو
    سلام پيش ڪريان ٿو جن دوستن هي روشني اکين کي ڏني،دعاگو آهيان ڌڻي در شل نه ڪوسو واء لڳي اوهان کي سدا سرها هجو،جت به هجو خوش هجو،شل رحمان جو رحم ،الله ڪريم جو ڪرم اوهان مٿان جاري و ساري هجي
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. علي حيدر

    علي حيدر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    71
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    298
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ميرس
    ادا عتيق توهان هن حافظ اسماعيل جي ڳاله سان متفق آهيو؟

    هڪڙي سنڌين جي ليڊر مسٽر جي ايم سيد سنڌ جي حقن جو آواز اٿاريو پر پنجابين پنهنجي سنڌي دانشورن ۽ سياسي ڇاڙتن جي ذريعي ڏاڍي هوشياريءَ سان جي ايم سيد کان دين اسلام جي شديد مخالفت ڪرائي. ان جي قومي تحريڪ کي غير موثر ڪري ڇڏيو، نه ته جي ايم سيد ايترو ته جلد ڪامياب ٿي وڃي ها جو مهاجر قومي موومينٽ جي موجوده ڪاميابي ان جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ليکي ۾ نه هجي ها.
    http://www.awamiawaz.net/real-reviews-mohajir-immigrant-politics-in-sindh
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سعيد ا حمد مگريو

    سعيد ا حمد مگريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ا سلا م آ با د
    ماڳ:
    سکهر
    رشتن جي تقدس کان اڻواقف ماڻهو اسان جي خلوص کي چا پلوسيءَ جو نانءُ ڏيئي ، اسانجي احساسن جي تذليل کندا رهن ٿا۔ مگر پوءِ به اسان انهن ماڻهن جي مرکن سان آجيان ڪئي آ۔۔( شيخ اياز)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين لنڪ درست ڪريو ڪتاب ڪونه پيو ملي!!
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو ته فائيلڊن وارن شايد اڪائونٽ بحال نه ڪيو آهي۔ جنهن سبب سڀني ڪتابن جا ڊائونلوڊ لنڪ درست ڪم ڪونه پيا ڪن۔ هاڻي چيڪ ڪيو مون رشيد سمون جي مهربانين سان هاڻي گوگل ڊرائيو جا ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ لنڪ ڏيڻ شروع ڪيا آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻولي کي ترقي وٺائڻ لاء ۽ سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ سنڌ جي هن فورم سنڌ سلامت جو هڪ پنهنجو ڪردار آهي، جيڪو تقريبن چار سال پهرين اسان جي دوست محترم رشيد سمون صاحب جن پنهنجي هڙان وڙان خرچ سان سخت محنت ڪري پنهنجو ننڊون ڦٽائي ڏينهن رات هڪ ڪري اسان کي مهيا ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن تي ٿورا ڪري ڇڏيا آهن۔ جنهن لاء اسان سندس ٿورائتا آهيون۔هون ته سنڌ سلامت جو هر شعبو پنهنجي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو معيار ۽ ڪم جي حيثيت پنهنجي آهي، جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي۔مگر انهن سنڌ سلامت جي شعبن مانسنڌ سلامت ڪتاب گهر وري پنهنجي حيثيت رکي ٿو جنهن جي اهميت ۽ معيار وري پنهنجو آهي جيڪو سلامت جي فورم تي هڪ جسم جي تمام حصن جي مد مقابل دل جي مثال آهي
    سنڌسلامت ڪتاب گهر جو هي ڪتاب سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد صاحب جولکيل ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد صاحب جو عدالتي بيان آهي، ڇو جوسائين جي ايم سيد صاحب کي ڪڏهن به سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاء عدالت ۾ پيش نه ڪيوويو، ان ڪري سائين پنهنجي ڳالهه( عدالتي بيان) رڪارڊ تي آڻڻ لاء هي ڪتابلکيو، ته جيئن سندس سنڌ جي ويڙهه لاء هي بيان رڪارڊ تي رهي۔۽ ايندڙ نسل هنمان لاڀ حاصل ڪري سگهي۔ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد صاحب گهڻيون ڳالهيونمنظر عام آنديون آهن جيڪي هميشه نئين نسل کان لڪايون ويون آهن، هن ڪتاب ۾قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن جيڪي پڙهڻوٽان آهن۔ هي ڪتاب نئين روشني وارن پڻ ڇپرايو آهي۔

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين هاڻ ڪتاب ڊائونلوڊ ٿي ويو آهي، ٿورا۔۔۔
     
  15. ڀڳت شبير پليجو

    ڀڳت شبير پليجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين بهيرين ڪاوش آهي،،،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو