پکي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    پکي
    ــــــــــــــــ امر جليل

    امان مون کي اڌ رات جو ننڊ مان جاڳايو. ڊنل هئي. سڙٻاٽن ۾ چيائين، ”ٻاهر اڱڻ ۾ نم جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي ويٺو آهي.“

    پاسو ورائي چيم، ”چٻرو هوندو. تون ماٺڙي ڪري سمهي پئه.“

    چيائين، ”چٻرو ناهين.“

    ”چٻرو ناهين ته پوءِ چٻري جو مائٽ هوندو.“ پڪي ننڊ مان جاڳايو هئائين. اک نه پئي کلي. چيم، ”مونکي سمهڻ ڏي، امان.“

    ”سمهڻ ڪيئن ڏيانءِ!“ امان مونکي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ٻاهر نم جي ڏار تي هڪ ڀوائيتو پکي ويٺو آهي.“

    انهن ڏينهن ۾ مونکي وڏين سفارشن کان پوءِ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو نوڪري ملي هئي، ۽ سا به پاپوليشن پلاننگ کاتي ۾، جنهن جو اصلي يعني جنرڪ نالو فيملي پلاننگ کاتو آهي. جيئن ته مان پهريون دفعو آفيسر ٿيو هوس، تنهنڪري مون ”روميو جوليئٽ“ پائوڊر جو وڏو دٻو خريد ڪيو هو. رات جو سمهڻ کان اڳ بدن کي پائوڊر سان ڀڀوت ڪري ڇڏيندو هوس، ۽ پوءِ ڪنهن سهڻي من موهڻي ليڊي هيلٽ وزيٽر جي باري ۾ سوچيندي سمهي پوندو هوس.

    جنهن رات اسان جي اڱڻ ۾ نم جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي اچي ويٺو هو، ۽ جنهن وقت امان مونکي ننڊ مان جاڳايو هو، تنهن وقت مان غزالي نالي هڪ ليڊي هيلٽ وزيٽر جي باري ۾ خواب ڏسي رهيو هوس. خواب ۾ هو ايگزيڪيوٽو آفيسر سان سير سپاٽا ڪري رهي هئي، ۽ مان الغوزي تي لوڪ ڌن وڄائي رهيو هوس. امان مونکي ننڊ مان جاڳايو. خواب ٽٽي پيو. امان جي اها حرڪت مونکي بي واجبي لڳي. دل ۾ آيو ته سمجھائي ڇڏيانس، ته سنڌي آفيسر کي ننڊ مان نه جاڳائبو آهي ــــ مان نه فقط تنهنجو پٽ آهيان، پر وڏين سفارشن کان پوءِ آفيسر ٿيل آهيان. پر دل جي ڳالهه زبان تي نه آندم. پاسو ورائي ڇڏيم.

    امان منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو، ”عجيب انسان آهين. ٻاهر هڪ خوفناڪ پکي ويٺو آهي ۽ تون پاسو ورائي ننڊ پيو ڪرين!“ ”اوهو. تون ته مونکي اجايو پريشان پئي ڪرين!“ بيزار ٿيندي چيم، ”اهو پکي چٻرو هوندو، چٻري جو ويجھو مائٽ چمڙو هوندو. يا خليفي هارون رشِيد جو چمڙا پوش روح هوندو.“

    ”نه، نه“ امان وراڻيو، ”نه چٻرو آهي، نه چمڙو. ڪو بيحد ڀوائتو پکي آهي.“

    ”هڪ ٽنگ تي بيٺو آهي ڇا؟“

    ”نه!“

    ”ڀلا تقرير پيو ڪري ڇا؟“

    ”نه.“

    ”ته پوءِ يقين ڪر، نم جي ڏار تي ويٺل پکي ڪنهن به صورت ۾ ڀوائتو ناهي.“

    امڙ کي سمجھائيندي چيم، ”تون ماٺڙي ڪري سمهي رههُ“

    امان جي ننڊ اڏامي وئي هئي. هوءَ ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ ڏانهن نهارڻ لڳي، جنهن جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي ويٺل نظر آيو هو.

    مون امان کي چيو، ”اڱڻ واري بتي وسائي ڇڏ. اوندهه ۾ نه توکي وڻ نظر ايندو، ۽ نه اهو ڏار نظر ايندو، جنهن تي تو هڪ ڀوائتي پکيءَ کي ويٺل ڏٺو آهي.“

    ”مون ڀوائتي پکيءَ کي ڏسي ورتو آهي.“ امان دريءَ وٽان موٽندي چيو، ”اوندهه ڪرڻ کان پوءِ به مونکي ان پکيءَ جي موجودگيءَ جوخيال ايندو رهندو.“

    ”تون وهمي آهين.“ مان اٿي ويهي رهيس. پڇيومانس، ”ڀوائتي پکيءَ کي ڇا ڪريان؟“

    امان وڌي اچي منهنجي سامهون بيٺِي، مون ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳي. هن ڪجھ دير تائين نه ڳالهايو. مون ڏانهن ڏسندي رهي. سندس گھور مون کي گھائڻ لڳي. مان بيچين ٿيڻ لڳس. منهنجي اندر ۾، شعور ۽ لاشعور جي تهن هيٺان ڪجھه ميڻ وانگر رجڻ لڳو.

    مون پنهنجي بيچيني لڪائڻ لاءِ امان کان پڇيو، ”ٻڌاءِ نه، مان ڀوائتي پکيءَ کي ڇا ڪريان.“

    امان جواب نه ڏنو.

    اوچتو هوءَ مونکي اجنبيءَ ۽ اوپري عورت وانگر نظر اچڻ لڳي. ٻاهرين اوندهه، ۽ رات جي خاموشيءَ ۾ هوءَ پراسرار روح وانگر محسوس ٿيڻ لڳي. ڪو اڻڄاتل خوف منهنجي وجود ۾ داخل ٿيڻ لڳو. تڏهن مون امان جو آواز ٻڌو.

    چيائين، ”پکيءَ کي ماري ڇڏ“

    ”پکيءَ کي ماري ڇڏيان!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مان اٿي بيهي رهيس، ۽ اچرج مان امڙ ڏانهن ڏسڻ لڳس.

    ”ان پکيءَ تاريخ جي هر دور ۾ توکي دوکو ڏنو آهي.“ امان چيو،

    ”هي آخري موقعو اٿئي. وڻ تي ويٺل پکي ماري ڇڏ.“

    ”امان، ڳالهه ٻڌ.“ مون ماحول جو طلسم ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”منهنجو ڏند ڪٿائن ۽ جنن ڀوتن ۾ ڪو اعتبار ڪونهي.“

    امان جي منهن ۾ گھنڊ پئجي ويو. ڀروون تڻجي ويس. هوءَ اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي.

    چيائين، ”تاريخ ڏند ڪٿا نه آهي، منهنجا بيوقوف پُٽَ. تاريخ ماضيءَ جو عبرت ڪدو، ۽ آئيندي جو سونهون آهي.“

    ”ان پکيءَ جو تاريخ سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

    ”جيڪو تنهنجو ۽ منهنجو آهي.“

    ”مون کي تنهنجي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي، مان وڃي سمهان ٿو.“

    ”جڏهن به اهو پکي نظر آيو آهي ، تڏهن تون ننڊ ڪئي آهي.“ امان چيو، ”هي فيصلو ڪندڙ آخري دور پيو هلي، توکي پکيءَ کي مارڻو پوندو، يا پکي توکي ماري ڇڏيندو.“

    امان جي ڳالهه ٻڌي مونکي حيرت ٿي. امان جي عمر اسي سال هئي. دل ۾ سوچيم، چوندا آهن اسي مت کسي؛ امان کي شايد خفقان ٿي پيو آهي، تنهن ڪري وڦلي پئي.

    ”توکي ان پکيءَ کي مارڻو پوندو.“ امان الماڙيءَ ڏانهن وڌي ويئي. الماڙيءَ جا طاق کولي دونالي بندوق ڪڍي آئي. بندوق ۾ ٻه ڪارتوس ڀري، مون کي ڏيندي چيائين، ”وڃ، پکيءَ کي وڃي ماري ڇڏ.“

    مون بندوق وٺي امان ڏانهن ڏٺو. پڇيومانس، ”پکيءَ کي مارڻ سان منهنجي نوڪري ته خطري ۾ نه پوندي؟ وڏين سفارشن کان پوءِ ته نوڪري ملي آهي!“

    امان اٿلي پئي. ڪنبندڙ هٿن سان بندوق مونکان کسي ورتائين ڪجھه ڪاوڙ ۽ ڪجھه ملامت واري لهجي ۾ چيائين، ”تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ تون ايترو ڇسو، وائڙو ۽ بيوقوف نه هئين، جهڙو هن دور ۾ آهين. آهين ته منهنجو ئي پُٽ، پر مونکي تنهنجي غيرت تي شڪ ٿيڻ لڳو آهي.“

    امان اڱڻ ڏانهن ويندي چيو، ”ڀوائتي پکيءَ کي مان ٿي ماريان. اڄ کان پوءِ تون ٻانهيون پائي ڇڏجانءِ.“

    امان ڪمري مان نڪري ويئي، ۽ وڃي وچ اڱڻ ۾ بيٺي.

    مان ڊوڙندو، سندس پويان وڃي بيٺس. امان وچ اڱڻ ۾ بيٺي هئي. بندوق جو قنداڪ ڪلهي سان لڳائي نم جي ڏار جي چشت ورتي هئائين، جنهن تي ڪو خوفناڪ ۽ ڀوائتو پکي ڏٺو هئائين.

    مون پکيءَ ڏانهن چتائي ڏٺو. منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي. امان جنهن پکيءَ کي ڀوائتو ڀانيو هو، سو پکي ڳيرو هو.

    مون بندوق جي ناليءَ ۾ هٿ وجھندي امان کي چيو، ”نم جي ڏار تي ويٺل پکي ڳيرو آهي. ڳيرو، امن جو پکي آهي. امن جي علامت آهي.“

    ”اهو پکي اسان جي وجود جو ويري آهي. مان کيس ضرور مارينديس.“

    ان کان اڳ جو امان گھوڙي تي زور ڏيئي ڪارتوس ڇوڙي ڇڏي، مون هٿ وڌائي اڱڻ جي بتي وسائي ڇڏي. هڪدم گھگهه اوندهه ڇانئجي ويئي

    ”اهو ڇاڪيئه بيوقوف!“ امان رڙ ڪئي.

    اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ مون پکيءَ جي پرواز جو ڀڙڪو ٻڌو. پکي اڏامي ويو.

    مون بتي ٻاري ڇڏي. امان، ڏک، ڪاوڙ ۽ ارمان وچان چيو، ”اهو ڇا ڪيئه اهو ڇا ڪيئه!“

    مون کيس سمجھائيندي چيو، ”هي ڏاڍو حساس علائقو آهي. بندوق جو آواز ٻڌي جڳ جاڳي پوي ها، ۽ پوءَ منهنجي نوڪري خطري ۾ پئجي وڃي ها. وڏين سفارشن کان پوءِ ته مان آفيسر ٿيو آهيان.“

    امان بندوق مان ڪارتوس ڪڍي اڇلائي ڇڏيا. خالي بندوق مون کي ڏيندي چيائين، ”مان توکي پاراتو نه ٿي ڏيان پٽ، پر مان محسوس ٿي ڪريان ته ڪجھ عرصي کان پوءِ تون لولو لنگڙو ٿي پوندين؛ تڏهن هيءُ بندوق لٺ بدران استعمال ڪجانءِ.“

    مون نم جي ڏار ڏانهن ڏٺو. مون کي خوشي ٿي ته پکي صحيح سلامت اڏامي ويوهو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي علي
    حق موجود
    يار تنهنجو نالو ئي اهڙو آهي جو بس علي علي، بهرحال ڪهاڻيون ته آهستي آهستي پڙهجن پيون ۽ اوهانجي ڪم تي داد نه ڏيڻ به مناسب ناهي، پر هڪ سوال ته ڇا اهي سڀ ڪهاڻيون اوهانجون پنهنجيون تخليق ڪيل آهن؟ جي ها ته تمام سٺو جي نه ته اوهانکي ليکن جا نانءَ لکڻ گهرجن ته جيئن ليکڪن جي نفسيات مطابق ڪهاڻيءَ جو وزن ڪري سگهجي ...
    ياد اچي ٿو ته مون هيءَ ڪهاڻي شايد ڪنهن جي نانءَ سان پڙهي آهي، بهرحال متان آءُ غلط هجان، ڪهاڻي سٺي اصلوب سان ۽ پيرائتي لکيل آهي ... وري ٻوليءَ جو مٺاس به سهڻو اٿس ...
    مهربانيون اهڙي ادبي ڪاوشن کي هن فورم تي پيش ڪرڻ جون
    سدائين گڏ
    نثار ابڙو
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا علي علي توهان جي موڪليل ڪهاڻي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي۔ مهرباني ڪري آئنده هن ڳالهه جو خاص خيال رکندا
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ادا نثار اوهان جي تمام گهڻي مهرباني جو اوهان پسند ڪئي ادا هي مهنجي ڪهاڻي نه آهي ۽ نه ئي مون کي خبر آهي ته امر جليل جي آهي ادا رشيد ان کي درست ڪيو آهي انهن کي ان جو علم آهي ادا اصل ۾ مون جنهن سايٽ تان هي ڪهاڻيون کنيون هنيون ان تي به ڪهاڻيڪارن جا نالا نه هئا ان ڪري مان نالا نه ڏئي سگهس بهرحال
    هر دم علي علي ڪيو ۽ مزي سا ن باقي ڪهاڻيون به پڙهي وٺو :D:D
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ڪهاڻي آ ادا علي علي پر توهان جي ٻئي ڪهاڻي جو انتظار آهي مٺا سائين
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا تمام بهترين شيئرنگ آهي مولا شاد رکئي آباد رکئي
     
  7. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين ڪهاڻي آ ادا
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام پياري ڪهاڻي هئي، يار ادا رشيد اصل انهي ڳالهه کان لوائيندو اٿئي يار ليکڪ جو نالو ضرور لکندو ڪر نه ته ادا رشيد کي به بندوق جي خبر اٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ها ادا ائين ئي ڪندس پر رشيد جو ڀو نو ڏي رشيد ڪي بندوق هلائڻ ڪونه ايندي آهي چو ته رشيد جڏهن اهو سب ڪجه سکيو هو ته ننڍو هو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو