1786 اٽيچمينٽ ڏسو يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف محمد سليمان وساڻ ڪو وقت هو جڏهن انسان انسان کي ڳوليندي پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو پر اڄ تهذيب يافته ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جو هوشيار ۽ تهذيب يافته انسان پنهنجو پاڻ کي انسان کان ئي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي. ڪالهه صبح جو آفيس پهتس ته عجيب خدشا هيا، ڇو ته وزير اعظم جي گرفتاري وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالتون خراب ٿي پئي سگهيون. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي لانگ مارچ ۾ هن اچوڪي ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيندي ڪجهه به ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ هوڏانهن اسان جي ميڊيا کي شايد اهڙي چٽپٽي خبرن کان بهتر ڪو ڏينهن مليو هجي. لنچ کانپوء آفيس جي معمول جي ڪمن ۾ مصروف هيس ته هڪ خبر آئي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي منظر امام کي سندس ٽن محافظن سميت قتل ڪيو ويو آهي. اها خبر تيزي سان پکڙي رهي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون آفيس جا سڀ ساٿي پنهنجا پنهنجا ڪمپيوٽر بند ڪري ۽ آفيسون لاڪ ڪري گهر طرف روانا ٿيڻ لڳا ۽ مونکي به چيائون ته جلدي نڪري وڃ نه ته هر طرف باهه هوندي. ان وقت اسان جو هڪ ڪسٽمر هڪ مسئلو کڻي آفيس ۾ داخل ٿيو، مان کيس سڀاڻي اچڻ جو چيو، ڇو ته سڀ سسٽم بند ٿي چڪا هئا پر هو بضد هيو ته مسئلو حل ڪيو. شايد هن کي ٻاهر جي خبر نه هئي مان کيس ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ايم پي قتل ٿيو آهي ۽ حالتون خراب ٿي رهيون آهن. منهنجو اهو چوڻ ۽ اهو شخص بيٺي پير ٻاهر ڀڳو. مون لاء پريشاني اها هئي ته سچل ڳوٺ کان ايندي منهنجي ڊرائيور کي اڌ ڪلاڪ لڳي پئي سگهيو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن حالتون واقعي ايتريون خراب ٿيون ته مان ته ڦاسي پوندس پر منهنجو ڊرائيور به ڪٿي منجهيو پيو هوندو. ايتري ۾ منهنجي فون تي انيڪ ميسيج ايندا رهيا ۽ گهروارن ۽ دوستن جون به ڪالز اينديون رهيون ته جلدي حفاظت سان گهر پهچڻ جي ڪيو. ڪجهه ئي لمحن ۾ آفيس خالي ٿي چڪي هئي. ۽ مان پڻ ٻاهر روڊ تي اچي چڪو هئس. ماڻهن ۾ عجيب خوف ۽ پريشاني هئي هر چهرو ڊنل لڳي رهيو هو. گاڏيون تيزي سان گذري رهيون هيون ۽ ڪجهه ته بي قابو ٿي پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيون هيون. مان هڪ رڪشي واري کي سچل ڳوٺ هلڻ جو چيو پر هن موسميات تائين هلڻ جو چيو. رڪشي ۾ ويهي اڳتي هليس ته روڊ بري طرح جام لڳو پيو هو. سڀ دڪان ۽ بازارون بند ٿي چڪيون هيون. ماڻهو ڪي پيدل ته ڪي گاڏين تي پنهنجي گهرن طرف وڃي رهيا هئا. ڪراچي مڪمل بند ٿي چڪو هو. روڊ تان هلندي مونکي ڪٿي به نه ته ڪا پوليس ۽ نه ئي وري رينجرز نظر آئي. ڪٿان ڪٿان هلڪي فائرنگ جا آواز ماحول ۾ اڃان وڌيڪ خوف ۽ ڊڄ پيدا ڪري رهيا هيا. ڪنهن کي به ڪنهن سان همدري نه هئي، ڪو به ڪنهن ٻئي لاء ڪونه پيو سوچي بس سڀ ڪنهن کي گهر پهچڻ جي جلدي هئي. گهر پهچي خبر پئي ته مختلف علائقن ۾ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون آهن، هوائي فائرنگ ٿي رهي آهي. ڪراچي سان گڏ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ۾ فائرنگ جا واقعا ٿي رهيا هيا. سوچي رهيو هوس ته ماڻهن جي ذهنن تي ايڏو خوف ڇو آهي؟ اسان اهڙين حالتن مان ڪيئن نڪرنداسين؟ ڇا ان خوف ۾ جيئندا رهنداسين؟ ۽ ايئن سوچيندي ننڊ اچي وئي. اڄ صبح جو سوير تيار ٿي آفيس لاء روانو ٿيو آهيان ، ڪراچي جو هڪ اهڙو صبح جيڪو سخت ٿڌ جي ور چڙهيل آهي، روڊ بلڪل سنسان آهن، ماڻهن ۾ خوف آهي، دڪان بند آهن، پيٽرول پمپ بند آهن، ۽ اهو روڊ جتان هزارين گاڏيون لگهنديون آهن ۽ انهن هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي هلندي آفيس پهچڻ ۾ 45 منٽ لڳندا آهن، اڄ مان صرف 10 منٽن ۾ آفيس پهتو آهيان. اهو روڊ سنسان آهي جنهن تي هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي گلڙن جهڙا هزارين ٻار پنهنجي روشن مستقبل جا سنهري خواب ڏسندي اسڪول ويندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن تان هزارين مزدور پنهنجي گهرن جي چلهن ٻارڻ جي آس کڻي سفر ڪندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسي بازارن ۽ دڪانن ۾ ماڻهن جي پيهه هوندي آهي سو سنسان آهي. سڀ ڪو پنهنجي روز جي هڙتال سبب پنهنجي خوابن جي تعبير کي ڌنڌلو ٿيندي محسوس ڪري ٿو. گهر کان ايندي آفيس تائين وري به ڪا پوليس يا رينجرز جي نه تا ڪا گاڏي نظر آئي ۽ نه ئي ڪا چيڪ پوسٽ. آفيس ۾ سناٽو آهي ۽ مان پنهنجي ئي يرغمال شهر جي هڪ آفيس ۾ اڪيلو آهيان.
بدترين حالتن ۽ ڀيانڪ تصور جو بهترين اندازِ بيان اها اميد قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي ته بهتري ايندي. سٺا ماڻهو اوهان جيان اڃان به آهن. اُهي هيڻا ضرور آهن پر پنهنجي سوچ کان هٽڻا ڪڏنهن به ناهن. اسان سڀ اها اميد رکون ٿا ته هي چمن امن جا رنگ ضرور ماڻيندو. بس دعا آهي ته اهو سڀ جلدي ٿئي.هن مُلڪ جي مجموعي صورتحال هڪ پاسي پر هن اجگر شهر سان سِتم ظريفيون الاءِ ڇو نه کُٽن ٿيون نه وڃن ٿيون. چار ڏينهن سُڪون جا ته وري چار پهر انتهائي خوفناڪ. ۽ اهو معمول ٿي وڃڻ انتهائي پريشان ڪندڙ.ڪالهوڪي صورتِحال جيئن توهان بيان ڪئي آهي ته قيامت جي منظر جي جهلڪ ٿي لڳي يعني ڪوئي ڪنهن جو نه هر ڪنهن کي پنهنجي. الاءِ ڇو سنڌ جي هن شهر کي هن دنيا ۾ ئي اهڙو بڻايو اٿن جو قيامت جا منظر اکين اڳيان ٿا اچن. اڄ آفيس ۾ ڪوئي نه هو. هڪ لکن جي ٿيڻي ايگريمينٽ ٽي ڏينهن لاءِ ليٽ ٿي وئي. آفيس جي 90 ڊيلي ويجرز (جن جي ڏهاڙي صرف 250 آهي، ڇنڇر آچر به ان ۾ ناهن) جي اڄوڪي ڏهاڙي وئي. الاءِ ڪيترا ڪم رُلي ويا.پوءِ هڪ اطمينان آهي ته هن شهر ڪلهه ۽ اڄ ڪو وڏو جاني نقصان نه ڏٺو جيڪو اهڙين حالتن ۾ وڏي انگ ۾ ٿئي ٿو. اهو به شُڪر.
توهان خير سان گهر پهتا شڪر آ ادا سليمان وساڻ هي هڪ وڏو الميو آهي ته اسان ڀنهنجي ئي شهر ۾ خوف واري زندگي گذاري رهيا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون اهو ڏٺو آهي ته متحده جو ڪو به ميمبر قتل ٿئي ٿو ته شهر ۾ اهڙي حالت ٿي وڃي ٿي جڏهن ته پي پي جا سنڌي ايم پي ايز به ڪراچيء ۾ قتل ٿيندا رهيا آهن ان وقت اهڙو ري ايڪشن نٿو ٿئي۔ ماڻهون ان حالات ۾ گهر پهچڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ڇو جو انهن کي خبر آهي ته هي هڪ بينمڪي ۽ بي رحم قوم آهي ڪنهن راهه ويندڙ ريڙهي واري کي به نه ڇڏيندا آهن۔
فڪر جهڙي حٍالت آهي ۔۔۔ سنڌي قوم لا مٿا جوڙ ڪري ويهڻ واري حالت آهي ۔۔۔ پر اسين انهن حالتن جا ڏوهاري انڪري به آهيون جو اسين سڀ حق ۽ سچ کي سمجهڻ وارا ڇڙوڇڙ آهيون، مڙي مٺ نه ٿيا آهيون ۔۔۔۔ هن شهر کي صرف ۽ صرف سنڌي قوم جي ڏاهپ ۽ مالڪي ئي بچائي سگهي ٿي۔ ۔۔۔ باقي جيستائين پناهگيرن جي نمائيندا جماعت ۽ پٺاڻ پنجابي جا مفاد قائم آهن تيستائين امن ٿيڻ ديواني جو خواب چئبو ۔۔۔۔ اوهان ته وري به حالتن سان منهن ڏيندي ۽ ڏسندي ڪٿي نه ڪٿي وڃي پناه وٺو ٿا، پر اسين جيڪي پرديس ۾ آهيون ۽ اوهان جهڙا پرين پيارا ڪراچي ۾ رهنٿا، انهن لا هڪدم پريشان ٿي وڃونٿا ۽ دعائن لا هٿ مٿي ٿي وڃن ٿا ۔۔۔ جيستائين پورو ڏينهن گذري يا وري ڪي خير جو خبرون اچن تيستائين ساه مٺ ۾ رهي ٿو ۔۔۔ ڪاوڙ به اچي ٿي، فڪر به ٿئي ٿو ۽ پنهنجي بي وسي تي روئڻ به اچي ٿو ۔۔۔۔ نه منزل نه روشني جو نشان ۔۔۔ بس پاڻ کي پاڻ ويٺا آسرا ڏيون ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ۔۔۔ ڪيئن؟ ڪڏهن ۽ ڪير ڊاهيندو؟ اهو سوال صحت جهوري وجهي ٿو۔ دعائون ڪي اثر ڪن ۔۔۔ پر وري جنهن جي آڏو دعائون ڪريونٿا ان جو ئي چيو ياد ٿو اچي ته: ” جيستائين ڪا قوم پنهنجون حالتون پاڻ نٿي بدلائي ته آ به ڪونه ٿو بدلايان“ مايوسيون وڌي وڃن ٿيون، ذميواريون وڌي وڃن ٿيون۔ اي ڪائنات جا رب، روشني ڪر، هن ظلم ۽ انڌيري ۾ تنهنجو ئي آسرو آهي۔۔۔۔ آمين
ادا وساڻ صاحب هڪڙِ اردو شعر جو ترجمو عرض آهي هڪ ڪُتي چيو ٻئي ڪُتي کي ڀڄ شهر کان ڪٿي ماڻهون جي موت نه مري وڃون۔ وسلام
معصوم سائين اوهان جا احساس سمجهي سگهجن ٿا۔ ڇو ته اوهان ۽ اسان ساڳي ئي شهر ۾ جيئڻ جو جتن ڪري رهيا آهن۔ اوهان جي ڳالهين ۾ گهرائي آهي۔