يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف
محمد سليمان وساڻ
ڪو وقت هو جڏهن انسان انسان کي ڳوليندي پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو پر اڄ تهذيب يافته ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جو هوشيار ۽ تهذيب يافته انسان پنهنجو پاڻ کي انسان کان ئي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي. ڪالهه صبح جو آفيس پهتس ته عجيب خدشا هيا، ڇو ته وزير اعظم جي گرفتاري وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالتون خراب ٿي پئي سگهيون. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي لانگ مارچ ۾ هن اچوڪي ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيندي ڪجهه به ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ هوڏانهن اسان جي ميڊيا کي شايد اهڙي چٽپٽي خبرن کان بهتر ڪو ڏينهن مليو هجي.
لنچ کانپوء آفيس جي معمول جي ڪمن ۾ مصروف هيس ته هڪ خبر آئي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي منظر امام کي سندس ٽن محافظن سميت قتل ڪيو ويو آهي. اها خبر تيزي سان پکڙي رهي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون آفيس جا سڀ ساٿي پنهنجا پنهنجا ڪمپيوٽر بند ڪري ۽ آفيسون لاڪ ڪري گهر طرف روانا ٿيڻ لڳا ۽ مونکي به چيائون ته جلدي نڪري وڃ نه ته هر طرف باهه هوندي. ان وقت اسان جو هڪ ڪسٽمر هڪ مسئلو کڻي آفيس ۾ داخل ٿيو، مان کيس سڀاڻي اچڻ جو چيو، ڇو ته سڀ سسٽم بند ٿي چڪا هئا پر هو بضد هيو ته مسئلو حل ڪيو. شايد هن کي ٻاهر جي خبر نه هئي مان کيس ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ايم پي قتل ٿيو آهي ۽ حالتون خراب ٿي رهيون آهن. منهنجو اهو چوڻ ۽ اهو شخص بيٺي پير ٻاهر ڀڳو.
مون لاء پريشاني اها هئي ته سچل ڳوٺ کان ايندي منهنجي ڊرائيور کي اڌ ڪلاڪ لڳي پئي سگهيو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن حالتون واقعي ايتريون خراب ٿيون ته مان ته ڦاسي پوندس پر منهنجو ڊرائيور به ڪٿي منجهيو پيو هوندو. ايتري ۾ منهنجي فون تي انيڪ ميسيج ايندا رهيا ۽ گهروارن ۽ دوستن جون به ڪالز اينديون رهيون ته جلدي حفاظت سان گهر پهچڻ جي ڪيو. ڪجهه ئي لمحن ۾ آفيس خالي ٿي چڪي هئي. ۽ مان پڻ ٻاهر روڊ تي اچي چڪو هئس. ماڻهن ۾ عجيب خوف ۽ پريشاني هئي هر چهرو ڊنل لڳي رهيو هو. گاڏيون تيزي سان گذري رهيون هيون ۽ ڪجهه ته بي قابو ٿي پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيون هيون. مان هڪ رڪشي واري کي سچل ڳوٺ هلڻ جو چيو پر هن موسميات تائين هلڻ جو چيو. رڪشي ۾ ويهي اڳتي هليس ته روڊ بري طرح جام لڳو پيو هو. سڀ دڪان ۽ بازارون بند ٿي چڪيون هيون. ماڻهو ڪي پيدل ته ڪي گاڏين تي پنهنجي گهرن طرف وڃي رهيا هئا. ڪراچي مڪمل بند ٿي چڪو هو.
روڊ تان هلندي مونکي ڪٿي به نه ته ڪا پوليس ۽ نه ئي وري رينجرز نظر آئي. ڪٿان ڪٿان هلڪي فائرنگ جا آواز ماحول ۾ اڃان وڌيڪ خوف ۽ ڊڄ پيدا ڪري رهيا هيا. ڪنهن کي به ڪنهن سان همدري نه هئي، ڪو به ڪنهن ٻئي لاء ڪونه پيو سوچي بس سڀ ڪنهن کي گهر پهچڻ جي جلدي هئي. گهر پهچي خبر پئي ته مختلف علائقن ۾ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون آهن، هوائي فائرنگ ٿي رهي آهي. ڪراچي سان گڏ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپور خاص ۾ فائرنگ جا واقعا ٿي رهيا هيا. سوچي رهيو هوس ته ماڻهن جي ذهنن تي ايڏو خوف ڇو آهي؟ اسان اهڙين حالتن مان ڪيئن نڪرنداسين؟ ڇا ان خوف ۾ جيئندا رهنداسين؟ ۽ ايئن سوچيندي ننڊ اچي وئي. اڄ صبح جو سوير تيار ٿي آفيس لاء روانو ٿيو آهيان ، ڪراچي جو هڪ اهڙو صبح جيڪو سخت ٿڌ جي ور چڙهيل آهي، روڊ بلڪل سنسان آهن، ماڻهن ۾ خوف آهي، دڪان بند آهن، پيٽرول پمپ بند آهن، ۽ اهو روڊ جتان هزارين گاڏيون لگهنديون آهن ۽ انهن هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي هلندي آفيس پهچڻ ۾ 45 منٽ لڳندا آهن، اڄ مان صرف 10 منٽن ۾ آفيس پهتو آهيان. اهو روڊ سنسان آهي جنهن تي هزارين گاڏين ۾ لکين ماڻهو سفر ڪندا آهن، اهو روڊ جنهن تي گلڙن جهڙا هزارين ٻار پنهنجي روشن مستقبل جا سنهري خواب ڏسندي اسڪول ويندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن تان هزارين مزدور پنهنجي گهرن جي چلهن ٻارڻ جي آس کڻي سفر ڪندا آهن، اهو سنسان آهي. اهو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسي بازارن ۽ دڪانن ۾ ماڻهن جي پيهه هوندي آهي سو سنسان آهي. سڀ ڪو پنهنجي روز جي هڙتال سبب پنهنجي خوابن جي تعبير کي ڌنڌلو ٿيندي محسوس ڪري ٿو. گهر کان ايندي آفيس تائين وري به ڪا پوليس يا رينجرز جي نه تا ڪا گاڏي نظر آئي ۽ نه ئي ڪا چيڪ پوسٽ. آفيس ۾ سناٽو آهي ۽ مان پنهنجي ئي يرغمال شهر جي هڪ آفيس ۾ اڪيلو آهيان.
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
معصوم سنڌي لکيو آهي:
”ڪراچيءَ جي حسناڪيءَ کي جڏهن دهشت جي گرهڻ لڳي، تڏهن کان هتي هزارين قبرون ٺهي ويون آهن ۽ اهي قبرون جن تي ڪو به ڪتبو ناهي سي مون غريب جون آهن.“ گهڻا ڏينهن اڳ آئون پنهنجي مامي مونس سان ميوا شاهه قبرستان ۾ پنهنجن ئي هٿان قتل ٿيل مائٽن جي قبرن تي مڱن جي دال جا داڻا هاري اگر-بتيون ٻاري موٽي وڏي دوار وٽ بيهي دعا لاءِ هٿ کنيا تنهن سمي اها سوچ منهنجي ذهن جي زمين تي زلزلي جيان ڌُڏڪوڏئي پرٽي. مون نيڻ نهار تائين ميوا شاهه قبرستان جي زير زمين رهواسين بابت سوچيو ۽ ٻئي پل لهوءَ ۾ لال ٿيل لاشن جو تصور ڪيو ته مون تي اهو دريافت ٿيو ته هن قبرستان ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي مقتول آهن، جيڪي بهارن ۾ ماريا ويا، جيڪي خزان ۾ قتل ٿي پنهنجي وارثن جي اندر کي اڌو-اڌ ڪري ويا، جيڪي سياري جي سرد راتين ۾ گرم بسترن مان اٿاري فائرنگ اسڪواڊ آڏو بيهاري موت جي ننڊ سمهاريا ويا، جيڪي اونهاري جي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي يا شام جي شفق ڌاري ۽ خنڪي ڀريل راتين ۾ گرم گولين سان سرد لاشن ۾ تبديل ٿي ويا، جيتوڻيڪ انهن مارجي ويل ماڻهن جي وابستگي ڪنهن نه ڪنهن سياسي توڙي مذهبي جماعت سان هئي يا همدري هئي پر موت جيڪو ڪارو اداس حبشي آهي جو نه ڏسي مينهن واچ سناٽو ۽ ٽپي پوي زندگي جي ديوار. سو موت انهن کي ڳهي ويو موٽ ۾ زندگي انهن جي زخم زخم عنوان ٿي وئي جيڪي پنهنجي مارجي ويل ٻچڙن ۽ محبوبن کي ساري ساري اکين مان رت ڦڙا پيا وهائن.
سو سليمان!
هيءُ ڪراچي جو شهر جنهن جي راتين ۾ مون ٻاروتڻ کان ساماڻي تائين نه ڪي رنج ڏٺو نه الم پر هاڻي ته هر رات جو رنج الم جا اوسارا گهٽي گهٽيءَ ۾ گونجن ٿا ۽ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن پيا.
اوهان جي ڪيفيت آئون ڀانپي سگهان ٿو ڪيترن ئي ماڻهن جي خون ۾ گهربل ۽ ”بزنس مين“ جي اسٽيڪر هيٽ سيرئس ڪرائيم ڪندڙ منظر امام جي موت تي مون کي نه ڪي جهٻو آيو نه ڪي مون گهر ڀڄڻ جي ڪئي.ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته منظر امام جي قتل تي اهڙو خاص ردعمل نه ڏيکاريو ويندو بس مخصوص علائقن ۾ روايتي طريقو استعمال ڪيو ويندو، ٿيو به ايئن.ان جا بنيادي سبب ته گهڻا آهن پر منظر امام جنهن پارٽي سان واڳيل هو جنهن هن کي گن پوائنٽ تي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيارائي سنڌ اسيمبلي جو ديدار ڪرايو سا پارٽي ان پوزيشن ۾ ناهي جو هاڻ اهڙي قسم جي اٻهرائي ڪري. منظر امام جو قتل به پارٽي اندر گذريل ڳچ سالن کان هلندڙ ٽڪراءَ جو نتيجو آهي اها پارٽي داخلي طور تضادن جو شڪار آهي، بهاري لابي جي ماڻهن جو روزاني مرڻ به ان ئي اندروني بکيڙي جو ردعمل يا نتيجو آهي.
اوهان جو اهو چوڻ بنهه صحي آهي ته ”يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف“
پر اهڙين حالتن ۾جيئندي جوان ٿيڻ به ته هڪ معجزو آهي مون انهن لمحن کي به ڏٺو ۽ انهن ساعتن ۾ به ساهه کنيو جڏهن منهنجي آڏو پنج پنج جوان گولين سان پروڻ ڪيا ويا ۽ اهي رت ۾ لت پٿ پٽ تي ڪٺل ڪڪڙ جيان ڦٿڪي رهيا هئا.لياري ۾ گينگ وار کان وٺي ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ لسانيت ۽ مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي موت جو ذائقو چکائڻ لاءِ ٿيل ۽ ٿيندڙ دهشگردي اکين سان ڏسون ٿا ۽ ان جو اڀياس جيئن عام لوڪ ڪري ٿو اسان ايئن نه ٿا ڪريون فرق اهو آهي ته ڪي شيون عام ماڻهوءَ کي ڊيڄارين ٿيون ڪن شين جي لوازمات کان عام ماڻهن کي ڄاڻ ناهي پر جيئن ته اسان جهڙن ماڻهن کي Wach-Dog (پهريدار ڪتو) چيو وڃي ٿو، اسان شين کي عام ماڻهن جيان پرک ۾ نه ٿا آنيون اسان ان کي ٻي اينگل سان ڏسون ٿا تڏهن اڇا ڪارا ظاهر ٿيو پون ٿا
هتي جون حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن سچائي ۽ ايمانداري هجي ڪراچي جي ڊيموگرافي کي نظر ۾ رکندي هتان ڏوهه ۽ ڏوهارين جي انت لاءِ جيتوڻيڪ اعليٰ اختيارين وٽ اسان کان وڌيڪ رٿون آهن پر سچائي ناهي ۽ ٻيو وري حق حاڪميت جو فقدان آهي.مثال:سنڌي پوليس آفيسرن کي جيڪڏهن هدف ڏنو وڃي ته وڃي ڪراچي مان دهشتگردي جي پاڙ اکيڙيو مون کي يقين آهي ته سنڌي آفيسر مڪمل اختيار ملڻ بعد انهن (دهشتگردي ۾ گهربل) کي پاتال مان به ڪڍي آڻي سگهن ٿا ۽ منطقي انجام تائين رسائي سگهن ٿا پر اهي اختيار ڄاڻي ٻجهي ڌارين (ٻين صوبن جي) آفيسرن کي ڏنا ويا آهن جيڪي اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن . اصل سمسيا اها ئي آهي ته هن شهر مان ڌاري آبادڪاري کي لوڌي ڪڍجي اهڙي قانون سازي هئڻ گهرجي جيڪا سنڌ جي هن شهر لاءِ لازمي هجي ۽ ڌاري آبادڪاري کي هتي عارضي بنيادن تي ترسائڻ جو طريقي ڪار جو تعين ٿيڻ گهرجي مستقل بنيادن تي بنهه نه! پر عارضي بنيادن تي، جيئن نار جي رياستن ۾ سرشتو آهي جيئن يورپ جي مختلف پرڳڻن ۾ آ پر ان قسم جي ڪنهن به رٿ تي ڪو به اپاءُ وٺڻ لاءِ سرڪار نامدار تيار ناهي اهو ان ڪري جو هنن جي ”مٿيان“ جيڪي آهن سي نه ٿا چاهن ته سنڌ واڳوءَ جي وات مان نڪري.
۽ ها منهنجا مٺا!
ٻين پرڳڻن ۾ مندون چار آهن پر منهنجي سنڌ ۾ پنج. اها پنجين موسم رتوڇاڻ جي آهي، جيڪا هتي ٻارهو ئي آهي.اندر ته تنهنجو منهنجو ۽ سڀ جو ڪڙهي ٿو پرپاڻ وهيڻا جو ناهيون