مان ڪهڙوزندھ ماڻهوهئس هۡڪ ماڻهومونکي ماري ڇڏيو۔۔۔ واھ تمام بهترينڪجھه عشق هيو ڪۡجھه مجبوري مان جيون پنهنجو گذاري ڇڏيو
مان ڪهڙو زنده ماڻهو هئس هڪ ماڻهو مونکي ماري ڇڏيو
هڪ سائي شاخ گلاب جي هئي هڪ دنيا پنهنجي خواب جي هئي
اها هڪ بهار جو آئي نـ هئي انهيءَ لاء سڀ ڪجھه هاري ڇڏيو
ڪجھه عشق هيو ڪۡجھه مجبوري مان جيون پنهنجو گذاري ڇڏيو
مان ڪهڙو زنده ماڻهو هئس هڪ ماڻهو مونکي ماري ڇڏيو
شاعر عابد بلوچ ديشي
1789 اٽيچمينٽ ڏسو
سائين انشا الله ڪوشش ڪندس ته غلطي نه ٿئي اوهان جا قرب جو اوهان غلطي ٻڌائيسموري شاعري اندر جي اڌمن جو سهڻو اظهار لڳو ۔۔۔ ڪٿي ڪٿي ته اسانجي حالتن جو اظهار به نظر آيو ۔۔۔
محبت من ۾، چپڙن تي گيت،
ناز ڪرڻ، حسن وارن جي ريت۔
الامان ۔۔۔ سائين بلوچ صاحب اوهانکي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ اچي ٿو، اسان سان ته حالت آهي جو اهڙو اظهار به ڪري ڪون ٿا سگهون، ۽ بس پو اندر اڌ ٿيو پوي ۔۔۔
ڪٿي ڪٿي لفظن جي درستگي جي شايد ضرورت آهي، انڪري جڏهن ڪو ليک ونڊ ڪريو ته انکي هڪ دفعو ورجائي پڙهي ڏسندا ڪريو ۔۔۔ باقي ته ماشاء الله ۔۔۔
شاعري ونڊ ڪرڻ جا قرب ۔۔۔
پرين غلام مصطفي ميمڻ صاحب اوهان جا قرب جو هي ابتا سبتا لفظ اوهان کي پسند آيامحبت اسان جو ڪئي هڪ خطا ٿي وئيڇا سزا ٻي زندگي سزا ٿي وئيوفا ڪندا رهياسين عبادتن جي طرحپوء عبادت پاڻ هڪ گناه ٿي وئيڪيترو پيارو سفر هو گڏ هئاسين او ساٿيپوء ڇا ٿيو ڇو منزل جدا ٿي وئيشوق ڪوئي چاهت ڪوئي حسرت نـ ڪا اميد آ هاڻيتون وئين تـ بس زندگي فنا ٿي وئيادا عابد بلوچ السلام عليڪم! توهانجي شاعري پنهنجي اندر هڪ وڏي رمز رکي ٿئي ۽ ان کي پڙهڻ سان اوهانجي خيالن جي وسعت جو اندازو لڳي ٿو۔ بهترين احساست کي خوبصورت الفاظن جي مالا پرايل اوهانجو شاعري اسان کي پسند آئي، خاص طور مٿيون چند لائينون ته تمام بهترين آهن۔