ڏکن جا ڏينهنڙا بـ گزاري وينداسين سڀئي سور سيني ۾ سمائي وينداسين جڏهن پکي بند پڃري مان نڪتو اسانجو شوق سڄي دنيا اسان بـ روئاري وينداسين شاعر عابد بلوچ ديشي
سڀني دردن جا تحفه ڏنا سور به سڀن اوکا ڏنا ڌارين تي ڪهڙي ميار مٺڙا شوق کي پنهنجن ئي دوکا ڏنا 1787 اٽيچمينٽ ڏسو 1788 اٽيچمينٽ ڏسو
ڪجھه عشق هيو ڪۡجھه مجبوري مان جيون پنهنجو گذاري ڇڏيو مان ڪهڙو زنده ماڻهو هئس هڪ ماڻهو مونکي ماري ڇڏيو هڪ سائي شاخ گلاب جي هئي هڪ دنيا پنهنجي خواب جي هئي اها هڪ بهار جو آئي نـ هئي انهيءَ لاء سڀ ڪجھه هاري ڇڏيو ڪجھه عشق هيو ڪۡجھه مجبوري مان جيون پنهنجو گذاري ڇڏيو مان ڪهڙو زنده ماڻهو هئس هڪ ماڻهو مونکي ماري ڇڏيو شاعر عابد بلوچ ديشي 1789 اٽيچمينٽ ڏسو
ويو وقت گذري وئي ياد وسري زمانا اسان هاڻ خاموش آهيون اسان جو آ شاهد آڪاش سارو نـه آباد آهيون نه برباد آهيون
ڪنهن جي دل ۾ ياد آ ڪوئي احساس باقي آ بدلجڻ موسم جي درميان هڪ راز باقي آ هاڻي ته مان سفر ۾ آهيان ملندي منزل انهن رستن جي درميان ساٿ باقي آ ڪنهن جڳهه تي شام ڍلندي آ ڪاٿي رات باقي آ هاڻي ته چانڊوڪي آ چنڊ جي رات باقي آ هلي اچو ڪنهن ڏينهن اسان جو حال ڏسڻ اسان جو جسم مرده مگر ساه باقي آ اميدآ شوق ملندو هو اسانکي هڪ ڏينهن خدا تي آ ڀروسو خدا جي ذات باقي آ شاعر عابد بلوچ ديشي 1790 اٽيچمينٽ ڏسو
(زندگي) فنا جي منهن مٿان چڙهيل نقاب آهي زندگيوڏو آ ننڊ جو نگر، خواب آهي زندگــــــــيحسين آ مون مڃيو مٺي بـ آ ڪڙي بـ آڪنڊن جي ڇانو ۾ ڦٽل خواب آهي زندگيڏکي سکي هلي ٿي پئي نراس ۾ رڪي نـ آسوال آهي بي وسي جواب آهي زندگيگھڻن جي سوچ کان مٿي گھڻن جي پهچ کان مٿيائين جئين ڪو سنڌ جو نواب آهي زندگياسان سان ڪم ڪار ۾ نهار ۾ پڪار ۾اڃا تـ ساٿ ٿي ڏئي ڪتاب آهي زندگيپرين جي پار ۾ رڳو قرار ئي قرار آپري جي ٿي وڃئون ڪڏهن عزاب آهي زندگي
محبت جي ميدان ۾ لهڻ بـ ڏکيو آپرين جي پيار کي پسڻ بـ ڏکيو آچون ٿا تـ محبت مڌر راڳ آهياهو مست نغمو ٻڌڻ بـ ڏکيو آمحبت ۾ ماڻهو لڳائن ٿا الزامبنا ڏوه الزام سهڻ بـ ڏکيو آجدائي جو موسم بـ آهي يار ايندوجدائي ۾ سهڻا جيئڻ بـ ڏکيو آپرين واٽ واهڻ ٿرن ۽ برن ۾اهڙن رستن تي هلڻ بـ ڏکيو آگڏجي تـ مٺڙا سفر ڪٽجي وڃي ٿواڪيلو اونڌاهين ۾ رهڻ بـ ڏکيو آمحبت تـ آهي سڄو سمنڊ جانيانهي جي وچ ۾ ترڻ بـ ڏکيو آمري تون ٿو يار مرڻ جون ڳالهيون ڪرينائين يار هتڙي مرڻ بـ ڏکيو آمحبت ۾ آهن مليل درد جيڪيشوق انهن زخمن جو ڇٽڻ بـ ڏکيو آ 1791 اٽيچمينٽ ڏسو
رات چُپ مگر خاموش ناهيڪئين چوان اڄ وري هوش ناهياهڙو ٻڏل آهيان هن جي يادن ۾اکين ۾ ننڊ سمهڻ جو هوش ناهي
سنڌڙي کي ان جو حق ڏيو ڊيمن کي توهان ڍڪ ڏيو ٿڃ ملهايو ڌرتي ماءُ جي فڪر نـ ڪيو هاڻي ساه جي سور سٺا هن گھڻا ڌرتي ما ءُ عظم جي ڪا جوت جلايو ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملهايو اٿو پئو جاڳي سڀ سنڌي ڳڏجي هلڻ جي پڪ ڏيو سنڌڙي کي ان جو حق ڏيو ڊيمن کي توهان ڍڪ ڏيو شاعر عابد بلوچ ديشي —
محبت اسان جو ڪئي هڪ خطا ٿي وئيڇا سزا ٻي زندگي سزا ٿي وئيوفا ڪندا رهياسين عبادتن جي طرحپوء عبادت پاڻ هڪ گناه ٿي وئيڪيترو پيارو سفر هو گڏ هئاسين او ساٿيپوء ڇا ٿيو ڇو منزل جدا ٿي وئيشوق ڪوئي چاهت ڪوئي حسرت نـ ڪا اميد آ هاڻيتون وئين تـ بس زندگي فنا ٿي وئي 1792 اٽيچمينٽ ڏسو
سموري شاعري اندر جي اڌمن جو سهڻو اظهار لڳو ۔۔۔ ڪٿي ڪٿي ته اسانجي حالتن جو اظهار به نظر آيو ۔۔۔ محبت من ۾، چپڙن تي گيت، ناز ڪرڻ، حسن وارن جي ريت۔ الامان ۔۔۔ سائين بلوچ صاحب اوهانکي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ اچي ٿو، اسان سان ته حالت آهي جو اهڙو اظهار به ڪري ڪون ٿا سگهون، ۽ بس پو اندر اڌ ٿيو پوي ۔۔۔ ڪٿي ڪٿي لفظن جي درستگي جي شايد ضرورت آهي، انڪري جڏهن ڪو ليک ونڊ ڪريو ته انکي هڪ دفعو ورجائي پڙهي ڏسندا ڪريو ۔۔۔ باقي ته ماشاء الله ۔۔۔ شاعري ونڊ ڪرڻ جا قرب ۔۔۔
محبت اسان جو ڪئي هڪ خطا ٿي وئيڇا سزا ٻي زندگي سزا ٿي وئيوفا ڪندا رهياسين عبادتن جي طرحپوء عبادت پاڻ هڪ گناه ٿي وئيڪيترو پيارو سفر هو گڏ هئاسين او ساٿيپوء ڇا ٿيو ڇو منزل جدا ٿي وئيشوق ڪوئي چاهت ڪوئي حسرت نـ ڪا اميد آ هاڻيتون وئين تـ بس زندگي فنا ٿي وئيادا عابد بلوچ السلام عليڪم! توهانجي شاعري پنهنجي اندر هڪ وڏي رمز رکي ٿئي ۽ ان کي پڙهڻ سان اوهانجي خيالن جي وسعت جو اندازو لڳي ٿو۔ بهترين احساست کي خوبصورت الفاظن جي مالا پرايل اوهانجو شاعري اسان کي پسند آئي، خاص طور مٿيون چند لائينون ته تمام بهترين آهن۔
سوچي سمجھي کڻجان قدم کڻڻ کان پهريان ڪڏهن ڀُلي نـ وڃي منزل پائڻ کان پهريان مخلص دوست کان محروم نـ ٿي وڃي هي سوچجان آزمائڻ کان پهريان تنهنجي سيني ۾ بـ ڌڙڪندو آ دل هي سوچجان ڪنهن جو دل ڏکائڻ کان پهريان شوق سڄي عمر ڪوئي ڪنهن جي لاء روئيندو آهي ڇا؟ ماڻهو صرف ڳوڙها وهائيندا آهن دفنائڻ کان پهريان. سائين انشا الله ڪوشش ڪندس ته غلطي نه ٿئي اوهان جا قرب جو اوهان غلطي ٻڌائي
بهارن جي خيالن ۾ خزان موسم هلي آئي۔ اها ئي اوچتي سورن سمورن سان رلي آئي۔ ڇُٽا جيڪي هئا منهنجا زخم ويا چڪجي اڃا شايد سوائي درد سان گڏجي رلي آئي۔ ڪيا واعده هئا گڏجي رهڻ جا جن پيارن سان ٿيا پنهنجا پراوا ڄڻ خبر اهڙي هُلي آئي۔ سهي تعنه ڏسي ڏُکڙا ڪيم جنهن سان وفا پوري صنم ساڳو ڪري پنهنجو ملي تنهن سان کلي آئي اڙي عبدا خزان توسان وفاداري ڪئي ڪيڏي کڻي ڏکڙا سمورا ئي وري تو وٽ گُهلي آئي
دل جو امير مقدر جو غريب هو ملي پو وڇڙڻ منهنجو نصيب هو چاهي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين گهر به سڙندو رهيو سمنڊ به ويجهو هو
ٿورو آهستي آهستي وسندو ڪر هاڻي ايترو نه روئيندو ڪر اڃآ ته پري آ منزل ايترو نه پاڻ کي تنها ڪر تنهنجون اکيون سمنڊ آهن سمنڊ کي نه سحرا ڪر منهنجو دل ٻڏي ويندو آ ائين نه ڏسندو ڪر شوق هوا مونکي چوي چريا نه ائين رستن تي ويهندو ڪر هو هڪ ڏينهن ڇڏي ويندئي هن کي ايترو نه چاهيندو ڪر
ساريندي سپرين کي مون ڪٽيا ڪيئي سال هڪڙا درد دل جا ٻيو محبوب ملڻ محال شوق کٽندا ڏينهن شال ملندا مون مسڪين سان
وکري رهيا آهن منهنجي ذات هن کي چئجانڪڏهن ملين ته هي ڳالهه هن کي چئجانهو گڏ هيو ته زمانو همسفر هو منهنجوهاڻ ڪوئي ناهي گڏ هن کي چئجانهن کي چئجان هن جي سواءِ ڏينهن نه ٿو گذريسسڪي سسڪي ڪٽي آ رات هن کي چئجانهو پڪاري ته هاءِ پهچي وڃان هن جي سنگناهن رهيا اهي حالات هن کي چئجاناگر هو پوءِ به نه موٽي اچي ته اي مهربان قاسدالاهي ڪهڙا آهن منهنجي دل جا حالات هن کي چئجانهر جيت مان هن جي نالي ڪريان ٿوشوق مڃندو آ پنهنجي هار هن کي چئجان؛ــ شاعر؛ عابد بلوچ ديشي