ڪلهه منهنجو جگري دوست ڪولاچي عبدل اچي نڪتو۔ هن کي جڏنهن کان ممتاز وگهيو جِن سنڌ سلامت سيکاري آهي تڏنهن کان هو هر ليک پڙهي ٿو پر پنهنجي راءِ ڏيڻ کان قاصر آهي جو کيس سنڌي ٽائپنگ ۾ دشواري آهي۔ کيس ڪُجهه ٽِپس ڏنم ته هو جلدي ۾ سمجهي به ويو ۽ لکڻ لڳو۔ سندس ئي خواهش تي اُهي ٽِپس (جن کي هُن ڪافي اهميت پئي ڏِني) هتي ڏيڻ چاهيندس۔ متان انهن دوتن کي ڪم اچن جيڪي نوان آهن سنڌي ٽائپنگ ۾۔
سڀ کان پهرين جيڪڏنهن اسان هڪ عام ڪي بورڊ کي ڏسون ته تمام ٿوري فرق سان هي ڏيک هوندو آهي۔
1793 اٽيچمينٽ ڏسو
سڀ کان پهرين ته هڪ سولي ڳالهه جيڪا هر ڪ سمجهندو ته ڪي بورڊ تي ڪافي اکر ته اهڙا آهن جيڪي هر ڪنهن جي ذهن ۾ پاڻ مرادو اُهي ئي ايندا جيڪي حقيقيت ۾ آهن به۔ مثال طور انگريزي جا اکر Q, R, T, P, A S D F G H J ُوغيره وغيره ته اهڙا آهن جن جا سنڌي ۾ به ساڳيا آواز آهن۔ سو ڪمپيوٽر ڪي بورڊ کي چار لائينن ۾ ورهائجي ته پهرين لائين ۾ گهڻا نمبر ۽ ڪجهه نشانيون آهن۔ جن کان پوءِ ٽي قطارن ۾ اکر۔ هاڻي ايئن ڪريو۔

- سڀ کان پهرين قطار ۾ جيڪي انگ آهن اُهي ايئن رهندا جيئن انگريزي ۾ آهن۔ يعني ا کان 9 تائين انگ آهن۔ باقي بچن ٿا ڊيش (-) جي نشاني ۽ واڌو (+) جي نشاني۔ جِن لاءِ (-) تي ڌ جو اکر ايندو ۽ (+) تي ڏ جو اکر۔ معني سڄي قطار ۾ صرف ٻه اکر اهڙا آهن جيڪي ياد ڪرڻا پوندا۔
- ٻي قطار ۾ ڏسجي تي اکر Q تي ق، E تي ي، R تي ر، T تي ت، O تي و ۽ P تي پ ٿا اچن۔ جيڪي بظاهر لڳن به ٿا ته اچڻ کپن۔ باق صرف W لاءِ ص، Y لاءِ ٿ، U لاءِ ع، ٻه نشانين ] تي ڇ ۽ [ تي چ ياد رکڻو آهي۔ ۽ \ لاءِ ڍ۔ (هي اکر ڪڏنهن کڏنهن ڪي بورڊ ۾ هيٺ مٿي هوندو آهي) يعني ست اکر۔
- ٽين قطار ته اڃان سؤلي آهي۔ صرف ; لاءِ ک ۽ 'ڱ ياد رکڻا آهن۔ يعني رڳو ٻه اکر۔
- چوٿين قطار ۾ X لاءِ خ، C لاءِ ط، ِلاء V ڀ، ۽ سواليه نشاني تي ئ ايندو آهي۔ جيڪو ڪافي اکر ملائي لکڻ ۾ ڪم اچي ٿو۔ جهڙو ڪر ئ اڳيان ن لکي لفظ ايئ مان ايئن لکڻ۔