ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ جي ڪوشش ڪندڙ نون دوستن لاءِ

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪلهه منهنجو جگري دوست ڪولاچي عبدل اچي نڪتو۔ هن کي جڏنهن کان ممتاز وگهيو جِن سنڌ سلامت سيکاري آهي تڏنهن کان هو هر ليک پڙهي ٿو پر پنهنجي راءِ ڏيڻ کان قاصر آهي جو کيس سنڌي ٽائپنگ ۾ دشواري آهي۔ کيس ڪُجهه ٽِپس ڏنم ته هو جلدي ۾ سمجهي به ويو ۽ لکڻ لڳو۔ سندس ئي خواهش تي اُهي ٽِپس (جن کي هُن ڪافي اهميت پئي ڏِني) هتي ڏيڻ چاهيندس۔ متان انهن دوتن کي ڪم اچن جيڪي نوان آهن سنڌي ٽائپنگ ۾۔

    سڀ کان پهرين جيڪڏنهن اسان هڪ عام ڪي بورڊ کي ڏسون ته تمام ٿوري فرق سان هي ڏيک هوندو آهي۔

    1793 اٽيچمينٽ ڏسو

    سڀ کان پهرين ته هڪ سولي ڳالهه جيڪا هر ڪ سمجهندو ته ڪي بورڊ تي ڪافي اکر ته اهڙا آهن جيڪي هر ڪنهن جي ذهن ۾ پاڻ مرادو اُهي ئي ايندا جيڪي حقيقيت ۾ آهن به۔ مثال طور انگريزي جا اکر Q, R, T, P, A S D F G H J ُوغيره وغيره ته اهڙا آهن جن جا سنڌي ۾ به ساڳيا آواز آهن۔ سو ڪمپيوٽر ڪي بورڊ کي چار لائينن ۾ ورهائجي ته پهرين لائين ۾ گهڻا نمبر ۽ ڪجهه نشانيون آهن۔ جن کان پوءِ ٽي قطارن ۾ اکر۔ هاڻي ايئن ڪريو۔

    1. سڀ کان پهرين قطار ۾ جيڪي انگ آهن اُهي ايئن رهندا جيئن انگريزي ۾ آهن۔ يعني ا کان 9 تائين انگ آهن۔ باقي بچن ٿا ڊيش (-) جي نشاني ۽ واڌو (+) جي نشاني۔ جِن لاءِ (-) تي ڌ جو اکر ايندو ۽ (+) تي ڏ جو اکر۔ معني سڄي قطار ۾ صرف ٻه اکر اهڙا آهن جيڪي ياد ڪرڻا پوندا۔
    2. ٻي قطار ۾ ڏسجي تي اکر Q تي ق، E تي ي، R تي ر، T تي ت، O تي و ۽ P تي پ ٿا اچن۔ جيڪي بظاهر لڳن به ٿا ته اچڻ کپن۔ باق صرف W لاءِ ص، Y لاءِ ٿ، U لاءِ ع، ٻه نشانين ] تي ڇ ۽ [ تي چ ياد رکڻو آهي۔ ۽ \ لاءِ ڍ۔ (هي اکر ڪڏنهن کڏنهن ڪي بورڊ ۾ هيٺ مٿي هوندو آهي) يعني ست اکر۔
    3. ٽين قطار ته اڃان سؤلي آهي۔ صرف ; لاءِ ک ۽ 'ڱ ياد رکڻا آهن۔ يعني رڳو ٻه اکر۔
    4. چوٿين قطار ۾ X لاءِ خ، C لاءِ ط، ِلاء V ڀ، ۽ سواليه نشاني تي ئ ايندو آهي۔ جيڪو ڪافي اکر ملائي لکڻ ۾ ڪم اچي ٿو۔ جهڙو ڪر ئ اڳيان ن لکي لفظ ايئ مان ايئن لکڻ۔
    يقينن انهي سان مڪمل مسئلو حل نه ٿيندو پر ڏسجي ته سڄي ڪي بورڊ ۾ صرف 13 ڪيز تي ڌيان ڏيڻ سان ڪافي ڪم سؤلو ٿي ويندو۔ ڪجهه اکر ڇڏي باقي شفٽ واري حالت به سولي انگريزي ۾ انڊراسٽوڊ آهي۔ اميد ته هي ٽپس ذهن ۾ رکندي ڪوشش ڪندا ته ڪافي آساني ٿيندي لکڻ ۾۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا سمجهاڻي ته واقعا تمام بهترين آهي جو مون جهڙو ڪم ذهن اسان به سمجهي ويو پر اوهان جي سنڌي لکڻ ۾ (گليتون ) ڪينئن ڪڍجن جي اهو مون کي سمجهايو ته واه واه ٿي وڃي باقي ادي عبدل جي ته هيلپ ڪئي اوهان اميد ته ادو هاڻي سنڌ سلامت تي پهنجا رايا به ضرور ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جڏهن مان سنڌي لکڻ شروع ڪئي هئي ته ساڳئي قسم جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو۔ پر مان وري هڪ ٻيو ڪم ڪيو جيئن اسانکي پرائمري ۾ ڦرهي پڙهائي ويندي هئي۔ بلڪل ايئن ئي مان سنڌي جي 52 اکرن جي پريڪٽس ڪئي هئي ۽ ورڊ ۾ الف کان ي تائين لکندو هوس۔ اهڙي طرح سڀ اکر ياد ٿي ويا۔

     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اوهان ٻنهي دوستن جون ڳالهيون صاف ۽ سوليون ۽ سمجهڻ وارن لا ڪارائتيون ۔۔۔ مون به ڪجهه ائين ئي ڪيو هو جو ڪي بورڊ جو ڊائگرام ٺاهي، ان تي انگريزي ۽ سنڌي اکر لکي پرنٽ ڪڍي سامهون رکيا ۔۔۔ ۽ ۔۔۔ ”پريڪٽس ميڪس ۽ مين پرفيڪٽ“ واري مقولي مطابق ڪم هلندو رهيو ۽ هاڻ ماشاء الله اصل هٿ ائين ٿو هلي ڄڻ، ٻوڏ جي موسم ۾ سنڌو درياهه ۔۔۔ ههههه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    سائين اوهان دوستن جي ڪمينٽس مان اسانکي سٺي ڄاڻ حاصل ٿي آ هاڻي اسان به اوهان جو طريقيڪار عمل ۾ آڻينداسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان هڪ سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي۔۔۔ اهڙي خودڪار سافٽويئر تحت مختصر وقت ۾ سنڌي لکڻ تي هٿ سڌو ڪري سگهجي ٿو۔۔ سنڌي ٽائيپنگ جي سکيا لاءِ هن سافٽويئر ۾ دلچسپ گيمون ۽ مشقون پڻ رکيل آهن۔۔

    [​IMG]

    سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

    ان کان علاوه سنڌ سلامت طرفان آن لائين سنڌي لکائي جي سکيا جو هڪ ويب پنو پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن تي پڻ مشق ڪندي سنڌي لکائي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سليمان مون به ساڳيئي نموني سکي سنڌي ٽائپ ڪرڻ۔ سائين ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي سنڌي نويس جي هيٺان اهڙي ئي قسم جي ڦرهي ٺهيل آهي۔ سو پريڪٽس اتي ئي ڪندو هئس شروع ۾۔۔ اوهان جي ڦرهي وڻي مونکي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا عبدل حفيظ توها نجي وڏي مهرباني لک ٿورا سمجها ئڻ لاءِ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو