ولو خان ڳوٺ جي رئيس جي گهر جي ٻاهران اچي هُل ڪيو، رات پيٽ ۾ ڀونگيءَ اڏي اچي ويٺو بنان ڪنهن مقصد ۽ مطلب جي رئيس تي ڪاوڙ ڪيو ويٺو، الائي ڪٿان جون خبرون ڪڍيو ويٺو ۽ جيڪو اچي ان سان رئيس جي گلا ڪري، رئيس پهريان ته ان جو ڪو اثر ئي نه ورتو پر ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ولو خان رئيس جا گس ڇڏرائي ڇڏيا، ماڻهو به سندس ڳالهيون ٻڌي ٻڌي اچي ڪڪ ٿيا ۽ انهن رئيس کي دانهن ڏيڻ شروع ڪئي ته ولو ڳوٺ ۾ آزار ڪري وڌو آهي جيڪو ٿو لنگهي ان جو وقت ٿو وڃائي سندس ڪو بِلو ڪريو. رئيس پريشان هو ته ولو جو ڪجي ته ڇا ڪجي نيٺ سوچي سوچي رئيس ڪمدار ۽ ٻن ٽن نيڪ مردن کي ولو خان وٽ موڪليو ته پڇا ڪري اچوس ته کيس ڪهڙو مسئلو درپيش آهي. ڪمدار “مذاڪراتي وفد” وٺي ولو خان جي ڀونگيءَ ۾ پهتو ۽ کائنس هيڏي هاءِ گهوڙا جو سبب پڇيائين. ولو خان هُن جي آڏو پنهنجا مطالبا رکيا ۽ شرط رکيائين ته اهي مطالبا مڃو ته آئون رئيس جي گس تان اٿندس. سندس مطالبا هي هئا: 1. رئيس کي چئو ته پنهنجن ٻارن ۽ ٻين ڀاتين سميت ماني وقت تي کائي. 2. رئيس کي گهرجي ته پنهنجي ٻني ٻاري جو حساب ڪتاب هر وقت صحيح رکي. 3. رئيس پنهنجي ٻني تي هاري ناري رکڻ جي مهل هوشياري کان ڪم وٺي. 4. رئيس ، رئيس جا ڪمدار، هاري ناري ۽ ڳوٺ جا نيڪ مرد فصل جي ونڊ ورهاست مهل مونسان صلاح مشورو ڪن ۽ اهڙو اجلاس منهنجي اوطاق تي ڪريو. ڪمدار فوري طور تي اهي مطالبا تسليم ڪيا ۽ اهڙو لکتي دستاويز ٺاهي رئيس کان صحيح ڪرائي ولو خان جي حوالي ڪَيُس جيڪو ملڻ کان پوءِ ولو خان رئيس جي گهر آڏو لڳايل ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن سُک جو ساهه کنيو. ڪجهه سمجهيا؟؟ ولو خان کي ته اوهان سڃاڻندا ئي هوندا!!!!!
هاهاهاهاهاهاها! مولوي ڪنٽينر ماڻهن کي وئيل ۾ وِڌو ۽ گهڻا (سندس نام نهاد نشانو) مستفيد به ٿيا۔ نه مِليُس ته پاڻ کي ڪُجهه نه مِليُس۔ مزاح تي قلم جي مار ڪري اهڙن همراهن سان تعدي ڪندڙ حفيظ ڪنڀر غالب جي شعر جي ڀيٽا ڪُجهه لمحا پهرين ايس ايم ايس ۾ موڪلي جيڪا هن ليک جي جواب طور جيئن جو تيئن حاضر آهي۔ نِکلنا خلد سي آدم کا سنتي آئي هين ليکنبهت بي آبرو هو کر اس ”کنٽينر“ سي هم نڪلي
ها يار تمام بهترين ونڊ اهي ٿي ڪم ولو جا پر ولو اهڙو رئيس جي اوطاق تان اٿيو جو ملڪ بدر ٿي ويو هههههههههههههه
هاهاهاها ۔۔۔۔۔ يار ڏاڍو زور آوار آهين ان ولو خان جي پهريان ماڻهن وٽ تمام گهڻي عزت هئي پر سندس ان عمل تي سڀ نالان آهن ته ولو خان جي ڊرامي جا سبب ڪهڙا هيا ۽ نتيجو ڇا مليس ۔۔۔۔ پر اوهان جو لکڻ وڻيو۔