ولو خان جي رئيس جي گهر آڏو ٺاهيل ڀونگيءَ ۽ مطالبا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ولو خان ڳوٺ جي رئيس جي گهر جي ٻاهران اچي هُل ڪيو، رات پيٽ ۾ ڀونگيءَ اڏي اچي ويٺو بنان ڪنهن مقصد ۽ مطلب جي رئيس تي ڪاوڙ ڪيو ويٺو، الائي ڪٿان جون خبرون ڪڍيو ويٺو ۽ جيڪو اچي ان سان رئيس جي گلا ڪري، رئيس پهريان ته ان جو ڪو اثر ئي نه ورتو پر ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ولو خان رئيس جا گس ڇڏرائي ڇڏيا، ماڻهو به سندس ڳالهيون ٻڌي ٻڌي اچي ڪڪ ٿيا ۽ انهن رئيس کي دانهن ڏيڻ شروع ڪئي ته ولو ڳوٺ ۾ آزار ڪري وڌو آهي جيڪو ٿو لنگهي ان جو وقت ٿو وڃائي سندس ڪو بِلو ڪريو. رئيس پريشان هو ته ولو جو ڪجي ته ڇا ڪجي نيٺ سوچي سوچي رئيس ڪمدار ۽ ٻن ٽن نيڪ مردن کي ولو خان وٽ موڪليو ته پڇا ڪري اچوس ته کيس ڪهڙو مسئلو درپيش آهي.
    ڪمدار “مذاڪراتي وفد” وٺي ولو خان جي ڀونگيءَ ۾ پهتو ۽ کائنس هيڏي هاءِ گهوڙا جو سبب پڇيائين. ولو خان هُن جي آڏو پنهنجا مطالبا رکيا ۽ شرط رکيائين ته اهي مطالبا مڃو ته آئون رئيس جي گس تان اٿندس. سندس مطالبا هي هئا:
    1. رئيس کي چئو ته پنهنجن ٻارن ۽ ٻين ڀاتين سميت ماني وقت تي کائي.
    2. رئيس کي گهرجي ته پنهنجي ٻني ٻاري جو حساب ڪتاب هر وقت صحيح رکي.
    3. رئيس پنهنجي ٻني تي هاري ناري رکڻ جي مهل هوشياري کان ڪم وٺي.
    4. رئيس ، رئيس جا ڪمدار، هاري ناري ۽ ڳوٺ جا نيڪ مرد فصل جي ونڊ ورهاست مهل مونسان صلاح مشورو ڪن ۽ اهڙو اجلاس منهنجي اوطاق تي ڪريو.
    ڪمدار فوري طور تي اهي مطالبا تسليم ڪيا ۽ اهڙو لکتي دستاويز ٺاهي رئيس کان صحيح ڪرائي ولو خان جي حوالي ڪَيُس جيڪو ملڻ کان پوءِ ولو خان رئيس جي گهر آڏو لڳايل ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن سُک جو ساهه کنيو.
    ڪجهه سمجهيا؟؟
    ولو خان کي ته اوهان سڃاڻندا ئي هوندا!!!!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هاهاهاهاهاهاها! مولوي ڪنٽينر ماڻهن کي وئيل ۾ وِڌو ۽ گهڻا (سندس نام نهاد نشانو) مستفيد به ٿيا۔ نه مِليُس ته پاڻ کي ڪُجهه نه مِليُس۔ مزاح تي قلم جي مار ڪري اهڙن همراهن سان تعدي ڪندڙ حفيظ ڪنڀر غالب جي شعر جي ڀيٽا ڪُجهه لمحا پهرين ايس ايم ايس ۾ موڪلي جيڪا هن ليک جي جواب طور جيئن جو تيئن حاضر آهي۔

    نِکلنا خلد سي آدم کا سنتي آئي هين ليکن
    بهت بي آبرو هو کر اس ”کنٽينر“ سي هم نڪلي
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ههههههههههههههههههههههههههههههههه

    لاجواب ونڊ آهي

    جاري رکجو

     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ها يار تمام بهترين ونڊ اهي ٿي ڪم ولو جا پر ولو اهڙو رئيس جي اوطاق تان اٿيو جو ملڪ بدر ٿي ويو هههههههههههههه
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔ يار ڏاڍو زور آوار آهين

    ان ولو خان جي پهريان ماڻهن وٽ تمام گهڻي عزت هئي پر سندس ان عمل تي سڀ نالان آهن ته ولو خان جي ڊرامي جا سبب ڪهڙا هيا ۽ نتيجو ڇا مليس ۔۔۔۔ پر اوهان جو لکڻ وڻيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو