• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪب آباد ضلعي جي 40 يوسيز ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
جيڪب آباد ضلعي جي 40 يوسيز ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ، اٻوجهن جون حياتيون داءَ تي لڳل
ڪيترن ئي عطائي ڊاڪٽرن ايم بي بي ايس هجڻ جا جعلي بورڊ هڻي ڇڏيا، غريب اٻوجهه ماڻهن جي ڦرلٽ جاري
ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ 300 عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون کليل، غير معياري دوائن جو ڌُڪي تي استعمال
هڪ سرنج جو ڪيترن مريضن تي استعمال، مريض چڱو ڀلو ٿيڻ بدران وڌيڪ موذي مرضن جو شڪار

جيڪب آباد ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون ڏينهون ڏينهن اسپتالون بغير ڪنهن ڊپ جي کلنديون پيون وڃن، ان ڏس ۾ ڪيل سروي موجب جيڪب آباد جي 40 يونين ڪائونسلن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو انگ وڌي وڃڻ سبب ڳوٺن جا سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ لڳل ايم بي بي ايس ڊاڪٽر جا جعلي بورڊ ڏسي عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ ڊاڪٽر مريض کي سادو سمجهي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۽ لٽڻ ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته جيڪب آباد ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن جون 300 کان وڌيڪ اسپتالون کلي ويون آهن، جن کي بند ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته جيڪب آباد جي وچ شهر ۾ عطائي ڊاڪٽر گذريل ڪيترن ئي ورهين کان اسپتال کولي جيڪب آباد ضلعي سميت بلوچستان جي روزانو سوين اٻوجهه ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري رهيو آهي، جيڪو هڪ ڊسپينسر آهي، جڏهن ته شهر ۾ اهڙا ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر مريضن لاءِ آزار بڻيل آهن، جن جي اسپتالن جي آڏو پنهنجا ميڊيڪل اسٽور پڻ کليل آهن، جن ۾ غير معياري دوائون پڻ هلائي عطائي ڊاڪٽر چڱي خاصي آمدني کڻي رهيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري جيڪب آباد سميت ٻين علائقن ۾ وچڙندڙ بيمارين ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ چمڙي جي بيمارين سميت مختلف بيماريون جنم شامل آهن، اهو به معلوم ٿيو آهي ته عطائي ڊاڪٽر اڪثرڪري هڪ سرنج ۽ هڪ وائل ڊوز مختلف مريضن تي استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عام بيماريون ختم ٿيڻ بدران خطرناڪ صورت اختيارڪري رهيون آهن، عطائي ڊاڪٽر هڪ طرف مريضن کي ڪنگال بڻائي رهيا آهن ته ٻئي طرف انساني زندگين سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن، جيڪب آباد جي سياسي سماجي اڳواڻن گهر ڪئي آهي ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسپتالون بند ڪري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ اڳوڻي ڊي سي ساجد جمال ابڙي عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي لاءِ ڊي ايڇ او ڊاڪٽرديدار جمالي ۽ ان وقت جي اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاهد عبدالسلام جي نگراني ۾ هڪ ٽيم جوڙي حڪم ڪيو هو ته جيڪب آباد سميت پوري ضلعي اندر عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي ڇاپا هڻي ايم بي بي ايس جي نالن وارا جعلي بورڊ هٽائي اسپتالن کي تالا هڻي سيل ڪيون وڃن ۽ انهن کي گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته اڳوڻي ڊي سي ساجد جمال ابڙو اهڙو هينڊ آئوٽ جاري ڪيو هو پر هن جي بدلي ٿيڻ بعد چار مهينا گذرڻ باوجود به هن مهل تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، موجوده ڊي سي محمد رفيق ٻرڙو به انساني جانين سان کيڏندڙ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموش آهي.جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ديدار جمالي ٻڌايو ته عطائي ڊاڪٽر اسپتالون کولي ويٺل آهن جن خلاف سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊي سي جيڪب آباد ڏانهن ليٽر اماڻيا هئا، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن اسپتالون کوليون آهن، انهن خلاف ڪرمنل ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي لاءِ جڏهن پوليس عملدارن سان ڳالهايون ٿا ته چون ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڪابه قانون سازي ناهي ٿيل، جنهن تحت ڪارروائي ٿئي، ان لاءِ عطائي ڊاڪٽرن خلاف اسيمبلي ۾ قانون پاس ٿيڻ گهرجي، سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نظام الدين عالماڻي ٻڌايو ته عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿئي پئي، جڏهن ته غلط علاج سبب هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ۾ واڌ ٿي آهي، عطائي ڊاڪٽر ڪيترن ئي مريضن تي هڪ وقت ڪيترن ئي قسمن جي دوا سرنج ۾ استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري هڪ مريض مان ٻئي مريض تائين بيماري ڦهلجي پئي، اسان سرڪار کان گهر ڪريون ٿا ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن شهر جي مشهور ڊاۡڪٽر بي ايڇ کرانا ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ غربت ۽ ويجهڙائي سبب اڪثر ٻهراڙي وارا مريض عطائي ڊاڪٽرن جي پڙ چڙهن ٿا، جنهن سبب سادن ماڻهن کي اها خبر ئي نه ٿي پوي ته هي ڊاڪٽر ڪوالفائيڊ آهي يا نه، هو علاج لاءِ اچن ٿا، هن چيو ته عطائي ڊاڪٽرن کان علاج جو وقتي فائدو ته پوي ٿو پر ان جو اڳتي هلي وڏو نقصان ٿئي پيو، جنهن کي اسان ڪڏهن سمجهو ئي ناهي.ٻئي پاسي جيڪب آباد شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مدي خارج ۽ نقلي دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد جي ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج ۽ نقلي دوائن جو وڪرو جاري آهي، جڏهن ته مدي خارج دوائن جي ڪري اڪثر مريض صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا، جيڪب آباد ۾ ڊرگ انسپيڪٽر جي 6 ماهي منٿلي مقرر آهي، جنهن ڪري هن مهل تائين ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو نه لڳي سگهيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته ڊرگ انسپيڪٽر سال ۾ ٻه ڀيرا ڳري منٿلي وصول ڪري ويندو آهي، جنهن لاءِ ميڊيڪل اسٽورن وارا چندي جي صورت ۾ پيسا گڏ ڪندا آهن، هتان جي شهرين گهر ڪئي آهي ته انساني جانين جي نازڪ معاملي جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
 
Back
Top