معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
بينظير يوٿ پروگرام جي ڊاڪٽرن ۽ ٽيوٽرن کي پگهار نه مليو
سنڌ ۾ ڀرتي ٿيل 350 ڊاڪٽرن ۽ ٽيوٽرن کي 6 مهينن کان پگهار نه ڏنو ويو
پگهار نه ملڻ ڪري فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون: ڊاڪٽر/ٽيوٽر
پگهارن لاءِ ڪيتريون ئي اپيلون ڪيون پر مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه ناهي مليو مالي پريشانين کي منهن ڏيون پيا، رهيل پگهار ڏئي اسان کي پڪو ڪيو وڃي: مطالبو
صحتکاتي۾نوجواننکيٽريننگڏيڻلاءِشروعڪيلشهيدبينظيرڀٽويوٿڊولپمينٽپروگرامجيسنڌ۾ڀرتيٿيلساڍا3سئوڊاڪٽرن۽ٽيوٽرنکيگذريل6مهيننکانپگهارنهملي.انڏس۾چيوٿووڃيتهڊاڪٽرنجڏهنلاڳاپيلاختيارينسانرابطوڪيوتهکينپگهارنهملڻجوسببفنڊنجوجارينهٿيڻٻڌايوويو.ڄاڻايلپروگرامجيڊاڪٽرن،ٽيوٽرن۽شاگردنپپچيئرمينبلاولڀٽو،صدرآصفعليزرداري،وڏيوزيرسيدقائمعليشاهه۽صحتکاتيجيصوبائيوزير۽ڄاڻايلپروجيڪٽهلائيندڙاعليٰاختيارينکياپيلڪئيآهيتهکينفوريطورتيپگهارڏئيبک۽بدحاليکانبچايووڃي۽ڪانٽريڪٽتيملازمتڪندڙسمورنڊاڪٽرنکيپڪوڪيووڃي.انسلسلي۾ڊاڪٽربختاورڄام،ڊاڪٽرسرداراحمدناريجو،ٽيوٽرپريمچند۽دوستمحمد احتجاج ڪندي عواميآوازکيٻڌايوتهسڄيسنڌ۾ساڍا3سئوکانوڌيڪڊاڪٽر،ٽيوٽرهنپروگرام۾باقائدهڊيوٽيونڪريرهياآهن،پرگذريل6مهيننکانهنپروگرام۾ڪمڪندڙڊاڪٽرن۽ٻئيعمليکيپگهارنهمليسگهيآهي،لڳاتارپگهارنهملڻڪريڊاڪٽر۽ٽيوٽرسختماليپريشانينکيمنهنڏئيرهياآهن.ڄاڻايلپروگرام۾ڪمڪندڙڊاڪٽر۽ٽيوٽرروزگارهونديبهبيروزگاريءَواريزندگيگذارڻتيمجبورآهن،جڏهنتهٽريننگحاصلڪندڙشاگردوضيفونهملڻڪريمايوسيجوشڪارٿيوياآهن.هننٻڌايوتهڪياهڙاهٿضرورهوندا،جيڪيهنجمهوريحڪومت۽هنپروجيڪٽ۾ڪمڪندڙاختيارينکيناڪامڪرڻجاخواهشمندآهن. هننچيوتهڊاڪٽرنينگڊاڪٽرسالائنسجوڙيپگهاروننهملڻبابتڪيتريونئياپيلونڪيونآهن،پراڄتائينکينمايوسيءَکانسواءِڪجههناهيمليو.ڊاڪٽرنگهرڪئيتهکينپگهارڏئيپڪوڪيووڃيتهجيئنسندنمستقبلمحفوظبڻجيسگهي.
ڀٽ شاهه ۾ بدامني گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش، مقابلو، 2 هٿياربند پڪڙجي پيا
هٿياربندن واپاري گاگن داس جي ڀائٽي وجي ڪمار جي گهر ۾ داخل ٿي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي
مزاحمت تي وجي ڪمار زخمي، ٻارڙن ۽ عورتن جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي ٻن هٿياربندن کي پڪڙي ورتو
پوليس روايت موجب آخر ۾ پهتي، پڪڙيل جوابدار پوليس حوالي ڪيا ويا، ڪيس داخل
ڀٽ شاهه جي لطيف ڪالوني ۾ هندو واپاري ديوان گاگو داس جي ڀائٽي وجي ڪمار جي گهر ۾ 3 هٿياربندن گذريل رات دير سان داخل ٿي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي وجي ڪمار ۽ عورتن مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن مارڪٽ ڪري وجي ڪمار کي زخمي ڪري ڇڏيو. معصوم ٻارن ۽ عورتن جي رڙين، دانهن ۽ ڪُوڪن جي آواز تي پاڙي وارا پهتا ته هٿياربندن ۽ پاڙي وارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن ۾ هڪ هٿياربند فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو ۽ ٻن جوابدارن کي شهرين پڪڙي ورتو ۽ مارڪٽ ڪئي. اڌ ڪلاڪ فائرنگ سبب پوليس روايت موجب آخر ۾ پهتي. بعد ۾ شهرين ٻنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو. ڀٽ شاهه ٿاڻي تي گهر ڌڻي وجي ڪمار جي فرياد تي گرفتار ٿيل بشير احمد ولد محمد حسن ملوکاڻي ۽ علي بخش ولد حاجي علي گوهر مگسي سميت هڪ اڻڄاتل جوابدار خلاف ڌاڙي ۽ قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۔
زاهد ڀرڳڙي سميت پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيس عدالت ۾ پيش
8 آڪٽوبر 2012ع تي پيپلز يوٿ ۽ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سيشن ڪورٽ ۾ هٿياربند ريلي ڪڍي وڪيلن ۽ عدالت خلاف نعريبازي ڪري وڪيل اڳواڻن کي ڌمڪيون ڏئي هٿيار جي زور تي خوف حراس پکيڙڻ خلاف وڪيل ممتاز لاشاري طرفان ڪينٽ ٿاڻي تي پ پ جي صوبائي زاهد ڀرڳڙي،امان الله سيال، جنيد سومرو، احسان ابڙو، اقبال سومرو، روشن سولنگي، آفتاب خانزادي، لالا رضوان مغل، اسحاق بروهي، فيصل سومرو، ظفر ميرجت، نديم ميرجت ۽ اسد ميرجت سميت پ پ جي 50 کان 90 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ٿيل ڪيس پوليس سي ڪلاس ڪري رپورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن اڳواڻن پاران ڪينٽ پوليس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي عدالت ۾ شفاف جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم تي ايس ايس پي حيدرآباد ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سراج لاشاري حوالي ڪندي عدالت جي حڪم تي ڊي ايس پي ڪينٽ امتياز بلوچ کي معطل ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ پ پ حيدرآباد جي اڳواڻن امان الله سيال ۽ ٻين پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سيشن ڪورٽ ۾ پهچي وڪيل اڳواڻن سان واقعي جي حوالي سان معذرت جو اظهار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ گڏيل طور تي وڪيل برادري ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي کان انڪار ڪندي راضي نامي جي حوالي سان جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ڪالهه ڪيس کي پوليس سي ڪلاس ڪري رپورٽ دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
صدوري قتل ڪيس: حيدرآباد جي عدالت ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي
حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد ۾مارجي ويل صدوري جي قتل ڪيس ۾ ملوث 2 جوابدارن امجد خواجا ۽ عارف خواجا کي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ هڪ هڪ لک روپين جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. بلديا ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن سميت اصغر خواجا تي مقتل جي ڀاءُ راجا خواجا 23 ڊسمبر تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو. واضح رهي ته قتل جي ڪيس جو حتمي چالان اڃا تائين مقتولڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري پوليس پيش ڪري نه سگهي ۽ ان سلسلي ۾ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي نگراني ۾ ميڊيڪل ٽيم 24 جنوري تي مقتولا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي ڪندي.
ايس ٽي پي جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا
ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا نه ملڻ، ٻٽي نظام ۽ الطاف جي بيان خلاف احتجاج ڪيو ويو
جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان، تنگواڻي ۽ ڊگهڙي ۾ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا
سنڌ ترقي پسند پارتي مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. جيڪب آباد ۾ ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ ۽ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن دستگير ڪالوني کان ضلعي صدر خادم سرڪي، برڪت مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. ٽنڊي محمد خان ۾ الطاف حسين جي سنڌ ورهاڱي واري بيان خلاف رضا محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. تنگواڻي ۽ ڊگهڙي ۾ به مظاهرا ڪيا ويا. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌين کي ڪراچي ۾ داخلا ڏئي ٻٽو مڪاني نظام ختم ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه سنڌ ورهاڱي جو بيان ڏئي سنڌين جو دل رنجايو آهي.
حڪمرانن ٻٽو نظام لاڳو ڪري حقن تي ڌاڙو هنيو آهي: نبيلا جتوئي
مسلم ليگ فنڪشنل ليڊيز ونگ بن قاسم ٽائون جو اجلاس ڪراچي ڊويزن عورت ونگ جي جنرل سيڪريٽري زارا شيخ جي صدارت ۾ گلشن حديد ۾ ٿيو. جنهن ۾ بن قاسم ٽائون جي صدر ڊاڪٽر نبيلا جتوئي، جنرل سيڪريٽري رضيا مغل، فضيلا شيخ، شاهين جعفري، نبرا جتوئي، جويريا رسول، عاليا شبير، مهتاب بلوچ ۽ ٻين عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ تنظيم سازي تي غور ويچار ڪيو ويو. زارا شيخ خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي ٻٽو نظام ڏئي سنڌين جي حقن ۽ ڌرتي تي ڌاڙو هنيو آهي. هن چيو ته ايندڙ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي. سورهيه بادشاهه سنڌو جو سچو ثپوت آهي. سنڌي ماڻهو سورهيه بادشاهه جي واٽ تي هلندا. هن چيو ته سنڌ جي لکين نياڻين کي اپيل آهي ته فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي وڃن. فنڪشنل ليگ جو سورهيه بادشاهه عورتن جي حقن جي حفاظت ڪندو.
قاسم آباد تعلقي ۾ رشوت جي بازار گرم آهي: دودو مهيري
صفائي، سٿرائي، ڊرينيج ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو ڪو به بندوبست ناهي
راڻي باغ جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ سبب تفريحي ماڳ تباهه ٿي ويو آهي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري اڄ رات تعلقي قاسم آباد جي جي جوائنٽ سيڪريٽري بابو ميمڻ جي مامي جي اوچتو باءِ پاس تي ٿيل ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيڻ تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر انور لغاري، منور خاصخيلي، انور خاصخيلي، اعجاز عالماڻي، عبدالسميع چانڊيو، پرويز سومرو، نزاڪت لغاري، قربان لغاري، رحمان پنهور ۽ ٻيا موجود هئا ۽ تعزيت ڪئي. ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر دودو مهيري، اعجاز عالماڻي ۽ عبدالسميع چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قاسم آباد تعلقي ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسر ظريف احمد کاوڙ ۽ ٽي او فنانس حاتم ملاح تعلقي قاسم آباد ۾ رشوت جي بازار گرم ڪيون ويٺا آهن. قاسم آباد ۾ ڪنهن قسم جي صفائي، سٿرائي، ڊرينيج ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو بندوبست ناهي. جيڪي بجيٽ تعلقي قاسم آباد ۽ راڻي باغ جي ملي رهي آهي. اها صرف ۽ صرف ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي ۽ قاسم آباد ٽي ايم اي انتظاميا حيدرآباد جو واحد تفريح گاهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٽي ايم اي تعلقي قاسم آباد جا ننڍا ملازم پگهار نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج آهن پر سندن جائز مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. عملو مقرر ڪيو وڃي ۽ قاسم آباد جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
عادل پور ۾ اسڪول ۽ صحت مرڪز تي ڇاپو، عمارت ۾ مينهون ٻڌل، رپورٽ اختيارين حوالي
ريجنل ڊائريڪٽر آفيس محتسب اعليٰ ضلعي گهوٽڪي جي احمد جمالي مين پرائمري اسڪول تي ڇاپو هنيو
5 استاد غير حاضر، رورل هيلٿ سينٽر ۾ به ڪارروائي، عملو غائب، عمارت ۾ مينهون ٻڌل هيون
تعليم ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي رپورٽ اماڻي وئي، عوام عذاب ۾ پيو گذاري: احمد جمالي
عادلپور ۾ اسڪول ۽ آر ايڇ سي تي ڇاپو، عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. اسپتال ۾ چوپايو مال ٻڌل، محتسب اعليٰ رپورٽ اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي ڇڏي. ريجنل ڊائريڪٽر آفيس محتسب اعليٰ ضلعي گهوٽڪي احمد خان جمالي صبح سوير گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول عادلپور تي ڇاپو هنيو ته اسڪول جي چوڏهن استادن مان 9 استاد حاضر هئا ۽ باقي غير حاضر هئا، اهڙي رپورٽ هن ڊي او ايليمينٽري گهوٽڪي، ڊائريڪٽر سکر، سيڪريٽري تعليم ڏانهن اماڻي، بعد ۾ هن رورل هيلٿ سينٽر عادلپور تي پڻ ڇاپو هنيو، جتي به عملو غائب ۽ اسپتال ۾ مينهون ٻڌل هيون، اهڙي رپورٽ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي اماڻي وئي، ان موقعي تي احمد خان جمالي چيو ته سنڌ ۾ ارڙي جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي پر عادلپور جي اسپتال ۾ عملي جي عدم دلچسپي ۽ غير حاضري عوام لاءِ آزار جو باعث آهي، هن وڌيڪ چيو ته منهنجو هتي اچڻ عادلپور جي ماڻهن جي شڪايت سبب ٿيو آهي.
قاسم آباد ۾ رپيٽر جو ڪارتوس لڳڻ سبب ڪمپني مالڪ فوت
قاسم آباد جي علائقي ميمڻ سوسائٽي ۾ قائم ٿيل هڪ خانگي سيڪيورٽي ڪمپني جي آفيس ۾ ڪمپني جو مالڪ ڀريل رپيٽر جو ڪارتوس لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ڪالهه ڪمپني جو مالڪ ملڪ سردار مشتاق ڪمپني جي آفيس جو دورو ڪري رهيو هو، جنهن دوران هن سيڪيورٽي گارڊن جا هٿيار چيڪ ڪيا، ان دوران هڪ رپيٽر مان ڪارتوس ڇٽي وات ۾ لڳڻ ڪري هو زخمي ٿي پيو. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو. جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
سيد جي مزار تي قومي تراني نئين روايت کي جنم ڏنو آهي:صنعان قريشي
اهڙي ايڪي جو اڳ مظاهرو ڪيون ها ته قومي هيروز اسان کان جدا نه ٿين ها
رياست ڪونڌرن کي ڳولي ڳولي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي: بيان ۾ اظهار
جسقم چيئرمين صنعان قريشي، چيو آهي ته فڪر سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن رهبر جي مزار تي قومي ترانو چئي گڏيل اتحاد لاءِ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهڙي عمل سان ايندڙ وقت قومي تحريڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان لاءِ اسان عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رياض چانڊيو ۽ منير چولياڻي سميت سڀني ساٿين جا ٿورائتا آهيون، جن سائين جي مزار تي گڏيل ترانو چئي نئين روايت کي جنم ڏنو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جنهن ٻڌي، محبت، ايڪي ۽ طاقت جو مظاهرو اسان سڀني سن ۾ ڪيو سين، جيڪڏهن اسان اهڙو ئي طريقو پهريان اپنايو هجي ها ته شايد شهيد بشير خان قريشي، مظفر ڀٽو، قربان کهاوڙ ۽ روپلو چلياڻي جسماني طور اسان کان جدا نه هجن ها. هن چيو ته رياست اسان جي ڪونڌرن کي ڳولي ڳولي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪيو پر اسان پنهنجي ساٿين جي لاشن تي ڪجهه ڏينهن سوڳ ملهائي وري ڪنهن ٻي ساٿي جي شهادتن جا منتظر هوندا آهيون.
لاڙڪاڻي لڳ ڇاپو، روپوش جوابدار گرفتار
لاڙڪاڻو پوليس وڏا مهر ۾ ڇاپو هڻي مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش ڏوهاري شعيب مهر کي گرفتار ڪري ورتو.