معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
باقراڻي جو صحافي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ زخمي
باقراڻي جو صحافي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيو. باقراڻي جو صحافي نثار شيخ لاڙڪاڻي کان خبرون فيڪس ڪري باقراڻي واپس اچي رهيو هو ته ڳوٺ حيدر بروهي وٽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. جنهن کي ڳوٺاڻن اسپتال پهچايو. جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته صحافي جي ساڄي ڄنگهه ۾ نقصان پهتو آهي.
ٽنڊي محمد خان ۾ پرڻيل عورت اغوا، مارڻ جو خدشو
ٽنڊي محمد خان جي اجرڪ ڪالوني ڀرسان بهراڻي پاڙي جي رهواسڻ شادي شده نوجوان عورت نويده عرف حليمه زال راشد علي موروجو علاج لاءِ گهر کان اسپتال ويندي مبينا طور اغوا ٿئي آهي. اغوا ڄاڻايل عورت جي مڙس پورهيت راشد علي موروجو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي گهر واري نيڪ نمازڻ آهي. اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. هوءَ علاج لاءِ اسپتال وڃي رهي هئي ته اڻڄاتل هٿياربند کيس هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن ۽ اغوا ڪندڙ مختلف نمبرن تان اسان کي فونون ڪري رهيا آهن پر هو نالا نٿا ٻڌائين. هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته کيس ماري نه ڇڏين. هن اعليٰ پوليس عملدارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي زال کي آزاد ڪرايو وڃي.
ڪڍڻ ۾ زال کي وٺڻ لاءِ ويل نوجوان کي ساهرن پاران ڏنڊن جو وسڪارو
ڪچڻ جي نوجوان يار محمد انصاري سيشن جج بدين کي درخواست ڏيندي دانهيو ته منهنجي ننهن شبانا جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ مائٽن سان ملڻ وئي . جنهن کي وٺڻ لاءِ منهنجو پٽ محمد اسلم ويو. ساهرن کيس سخت مارڪٽ ڪري زال ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ منهنجي ننهن جو نڪاح آصف پٽ حنيف سان مولوي محمد حنيف درس کان پڙهايو ۽ منهنجي ننهن جو نڪاح مٿان نڪاح ڪرايو ويو آهي. جنهن کانپوءِ سيشن جج بدين حڪم جاري ڪيو. ڪڍڻ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ ۾ رڌل آهي
نيو سعيد آباد ۽ ڀرپاسي ڏوهه ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ايس ايڇ او معطل
نيو سعيد آباد شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن توڙي قومي شاهراهه تي ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين ۾ اضافو ٿيڻ ۽ شهرين پاران ڏوهي ڪاررواين خلاف احتجاج ڪرڻ جو ايس ايس پي مٽياري منظور کٽياڻ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او نيو سعيد آباد عبدالحڪيم ڇڇر کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس پوليس لائين مٽياري ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پوليس لائين مان مشتاق احمد عالماڻي کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن قومي شاهراهه تان ٻن ۽ شهر مان ٽن ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڦورن کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ٻٽي نظام خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو
ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن ٻٽي نظام خلاف شاهنواز مرهٽي، مجيب الرحمان، عابد سميجو ۽ خان سنڌي جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سڀ کان پهريان سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مڪاني نظام کي ختم ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو نظام سنڌين کي ڪنهن به ريت قبول ناهي.09
گهوٽڪي ۾ جڙتو مقابلو، گم ڪيل 2 نوجوان ڦورو ڄاڻائي زخمي، چڪريون، پوليس کي ڪٽڪو
گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس ڪالهه صبح جو ٻن نوجوانن ذوالفقار علي ميراڻي ۽ علي گل ميراڻي کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچائيندي دعوي ٰڪندي صحافين کي ٻڌايو گهوٽڪي جي علائقي الهيار ڳوٺ لنڪ روڊ تان موٽر سا.ئيڪل جي ڦر دوران ٻنهي نوجوانن کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف اهڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس مقابلي بابت ڄاڻ ملي آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ زخمي ٿيل ٻنهي نوجوانن جي وارثن عبدالغفور عبدالرشيد ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو هو ته 11 جنوري تي گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او سانول بوزدار سندن ٻنهي گرفتار ٿيل نوجوانن کي سکر جي عدالت ۾ پيشي تي واپس اچڻ بعد کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن خدشو پڻ ڏيکاريو هو ته گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس کين مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي جنهن کانپوءِ اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ ڇپجي چڪيون هيون، جنهن بعد ايس پي گهوٽڪي ايس ايڇ او بي سيڪشن سانول بوزدار کي معطل ڪري سندس جاءِ تي سيف الله ٻگهيو کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو هو، جنهن بعد بي سيڪشن پوليس کنڀي گم ڪيل ٻنهي نوجوان کي جمعي ڏينهن صبح جو مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ٰڪئي، اهڙي کڙڪ پوڻ تي ٻنهي نوجوانن جي وارث عورتن ۽ مردن عبدالغفار ميراڻي ۽ وزير علي ميراڻي جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال گهوٽڪي پهچي هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي بي سيڪشن پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس بنا ڪنهن جواز جي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري کين مقابلي ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽پوليس جي اهڙي زيادتي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قدم کنيو وڃي، ان دوران احتجاج ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او راڻا نصرالله اسپتال ۾ موجود ٻنهي نوجوانن کي پوليس موبائلن ۾ وجهي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته زخمي نوجوانن جي وارث عورتن مزاحمت ڪندي پوليس اهڪارن ۽ ايس ايڇ او نصرالله کي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ انهن کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڪڍيو، جنهن تي پوليس عورتن ۽ مردن کي ڇڙوڇڙڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي جنهن سبب شهر ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ اسپتال ۾ داخل ٻارن توڙي عورتن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو. ان دوران پوليس نفري پريس ڪلب ٻاهران به بيهاري وئي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڪيل پوليس جي لٺبازي ۾ هڪ پيرسن عورت بيبل جي ڄنگهه ڀڄي پئي، جڏهن ته مائي ماروي ۽ مائي منظوران به پوليس سان چڪرين ۾ زخمي ٿي پيون، پوليس مخلتف ٿاڻن جي پوليس نفري کي وڏي انگ ۾ طلب ڪري تعلقه اسپتال جا سمورا گيٽ بند ڪري اسپتال کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهن دوران اسپتال ڏانهن ڪنهن به شخص کي اچڻ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اسپتال روڊ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته پريس ڪلب گهوٽڪي جي ٻاهران به پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊي ايس پي گهوٽڪي لياقت عباسي به پهتو ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ بعد پوليس ميراڻي برداريجي چڱن مڙسن ۽ اسپتال جي ڀر ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺل ايس ڊي ايم گهوٽڪي اصغر جوئيه کي گهرائي واقعي خلاف مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري زخمي نوجوانن ۽ پوليس جي لٺبازي ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت کي ڪجهه وارثن سان گڏ وڌيڪ علاج لاءِ سکر روانو ڪري ڇڏيو.
ٻٻرلوءِ ۾ لکيءَ جا ٻه پورهيت ٽرالر هيٺان چيڀاٽجي فوت
لکي غلام شاهه جي ڳوٺ جهان خان جا رهواسي پورهيت روشن چنو ۽ حاجي عرف لاهوتي مهر ٻٻرلوءِ ۾ پورهيو ڪري ڳوٺ واپس ورڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته قومي شاهراهه پار ڪندي سامهون کان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر سندن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي پورهيت چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ٻنهي پورهيتن جا مڙهه ٻٻرلوءِ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد جهان خان روانا ڪيا ويا. هوڏانهن ٻٻرلوءِ پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.09
بلوچستان بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل پريالوءِ واسي ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه وارثن حوالي
بلوچستان ۾ 30 ڊسمبر تي ايران ويندڙ زائرين جي بس ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل پريالوءِ جي رهواسي جوڳي جاڳو اتحاد جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لالا سڌير جوڳي جي امڙ حُسنا ۽ ڀاءُ عبدالرشيد جوڳي جي لاشن جي راولپنڊي جي اسپتال مان ڊي اين اي ٽيسٽ بعد سڃاڻپ ٿي وئي. جنهن کانپوءِ ڪالهه شهيد ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي مقتولن جا مڙهه ڪالهه رات اٺين وڳي پي آءِ اي جي اڏام ذريعي سکر ايئرپورٽ آندا ويا، جتي جوڳي جاڳو اتحاد جي چيئرمين ساحل جوڳي جي اڳواڻيءَ ۾ جوڳي برادري جي ماڻهن لاش وصول ڪري ٻٻرلوءِ امام بارگاهه پهچايا، رات مڙهه ٻٻرلوءِ امام بارگاهه ۾ رکڻ بعد اڄ وڏي جلوس جي صورت ۾ پريالوءِ جي جوڳي محلا پهچايا ويندا. جتي جنازي نماز بعد مقتول ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا.