هڪ ڀيري وتائي فقير جي کَٽَ ڀڄي پيئي، هو کٽ ٺهرائڻ لاءِ واڍي وٽ ويو، واڍو بنهه مون وانگر مصروف هو، سو چيائينس ته وتايا! آئون ته واندو ناهيان...! بنهه ڪم گهڻو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ معلوم ڪجانءِ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وتايو وٽس ويوته به ساڳي ڪار. واڍو انتهائي مصروف. اهوسلسلوڪافي وقت هلندو رهيو. هڪ ڏينهن وتايو رستي تان وڃي رهيو هو ته اتان هڪ جنازو لنگهيو، پڇا ڪيائين ته ڪير شخص آهي؟ ٻُڌايائونس ته فلاڻو واڍو مري ويو آهي. وتائي چيو ته ترسو...! جنازي کي هيٺ لاهيو مون کي ساڻس ڪم آهي.. ڪانڌي حيران ٿي پيا، چيائونس ته واڍي سان هينئر تنهنجو ڪهڙو ڪم...؟ وتائي چيو ته ”انتهائي ضروري ڪم آهي، جيڪو کيس ڪن ۾ ئي ٻُڌائيندس“. نيٺ جنازي کي هيٺ لاٿائون. وتائي فقير ڪفن لاٿو ۽ واڍي جي ڪن ۾ چيو ته ”هينئر ته واندو ٿي وئين، هاڻي ته مون کي کٽ ٺاهي ڏي...“!
ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير کي انهي وقت ڪاش ڪوڦلپوٽي فقير جهڙو ڪوئي ٻُڌائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ته واڍي جي واندڪائي هن دنيا مان ختم ٿي پر حقيقي دنيا ۾ فرشتا اُن کي واندو ويهڻ ڪٿي ڏيندا هوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل کڻيو بيٺا هوندس۔۔۔۔۔۔۔