واندو.....!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    هڪ ڀيري وتائي فقير جي کَٽَ ڀڄي پيئي، هو کٽ ٺهرائڻ لاءِ واڍي وٽ ويو، واڍو بنهه مون وانگر مصروف هو، سو چيائينس ته وتايا! آئون ته واندو ناهيان...! بنهه ڪم گهڻو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ معلوم ڪجانءِ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وتايو وٽس ويوته به ساڳي ڪار. واڍو انتهائي مصروف. اهوسلسلوڪافي وقت هلندو رهيو.
    هڪ ڏينهن وتايو رستي تان وڃي رهيو هو ته اتان هڪ جنازو لنگهيو، پڇا ڪيائين ته ڪير شخص آهي؟ ٻُڌايائونس ته فلاڻو واڍو مري ويو آهي. وتائي چيو ته ترسو...! جنازي کي هيٺ لاهيو مون کي ساڻس ڪم آهي.. ڪانڌي حيران ٿي پيا، چيائونس ته واڍي سان هينئر تنهنجو ڪهڙو ڪم...؟ وتائي چيو ته ”انتهائي ضروري ڪم آهي، جيڪو کيس ڪن ۾ ئي ٻُڌائيندس“. نيٺ جنازي کي هيٺ لاٿائون. وتائي فقير ڪفن لاٿو ۽ واڍي جي ڪن ۾ چيو ته ”هينئر ته واندو ٿي وئين، هاڻي ته مون کي کٽ ٺاهي ڏي...“!
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير کي انهي وقت ڪاش ڪوڦلپوٽي فقير جهڙو ڪوئي ٻُڌائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ته واڍي جي واندڪائي هن دنيا مان ختم ٿي پر حقيقي دنيا ۾ فرشتا اُن کي واندو ويهڻ ڪٿي ڏيندا هوندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل کڻيو بيٺا هوندس۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مطلب ته نيٺ اسان کي به واندو ٿيڻو آهي دنيا مان۔۔۔۔ هلا وتايا دانا فقير، ڪيڏو نه نقطو سمجهائي وئين۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو