معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
روجههَ رُنا ٿي
رات سُهائي روجههَ رُنا ٿي،
چانڊوڪيءَ جي چادر تاڻي،
نيٺ سُمهي پيا اُٺ اُماڻي،
رڻ جا راهي روجهه رُنا ٿي.
تنهن پل سارا پهرا ٽوڙي،
ڊيل جيئان ٿي اوڏانهن ڊوڙي،
ڪهڙي ڏاهي؟ روجههُ رُنا ٿي.
۽ هُوءَ ساڳيو پنڌ پُڇي ٿي،
ڪوري پنهنجو ڪنڌ پُڇي ٿي،
”واٽ اهائي؟“ روجههَ رُنا ٿي.
چنڊ! ڇمر ۾ پاڻ ڍڪي ڇڏ،
واءُ انهن جا پير لَٽي ڇڏ،
ويري واهي! روجههَ رُنا ٿي.
رات سُهائي، روجههَ رُنا ٿي.