روجههَ رُنا ٿي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    روجههَ رُنا ٿي
    رات سُهائي روجههَ رُنا ٿي،
    چانڊوڪيءَ جي چادر تاڻي،
    نيٺ سُمهي پيا اُٺ اُماڻي،
    رڻ جا راهي روجهه رُنا ٿي.
    تنهن پل سارا پهرا ٽوڙي،
    ڊيل جيئان ٿي اوڏانهن ڊوڙي،
    ڪهڙي ڏاهي؟ روجههُ رُنا ٿي.
    ۽ هُوءَ ساڳيو پنڌ پُڇي ٿي،
    ڪوري پنهنجو ڪنڌ پُڇي ٿي،
    ”واٽ اهائي؟“ روجههَ رُنا ٿي.
    چنڊ! ڇمر ۾ پاڻ ڍڪي ڇڏ،
    واءُ انهن جا پير لَٽي ڇڏ،
    ويري واهي! روجههَ رُنا ٿي.
    رات سُهائي، روجههَ رُنا ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو