معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ڪاري ٻار جو سوال
1805 اٽيچمينٽ ڏسو1805 اٽيچمينٽ ڏسو
اوهان جون ۽ منهنجون،
اميدون ۽ آسون،
امنگون ۽ خوشيون،
سڀئي ٿيون ساڳيون،
اوهان جي ۽ منهنجي تمنا جو انداز ساڳيو،
اوهان جي ۽ منهنجي رڳن منجهه آ رت جو رنگ ساڳيو،
اوهان جو ۽ منهنجو ته خالق به هڪڙو،
ته مالڪ به هڪڙو!
جڏهن ڪو به رانديڪو شوڪيس ۾ ٿو ڏسان،
تڏهن ساڳئي انداز سان منهنجي هُرکي ٿي دل،
هي چوڏهينءَ جو چمڪڻ،
ستارن جو ٽمڪڻ،
بهارن جو مرڪڻ،
گلابن جو مهڪڻ،
۽ چهرن جو چهڪڻ،
اوهان سڀ ٿا چاهيو ته مان ڀي ٿو چاهيان،
انهيءَ هوندي،
سونهري ٻارو!
مان خود ڇو اوهان کي پسند ڪو نه آهيان؟
1805 اٽيچمينٽ ڏسو1805 اٽيچمينٽ ڏسو
اوهان جون ۽ منهنجون،
اميدون ۽ آسون،
امنگون ۽ خوشيون،
سڀئي ٿيون ساڳيون،
اوهان جي ۽ منهنجي تمنا جو انداز ساڳيو،
اوهان جي ۽ منهنجي رڳن منجهه آ رت جو رنگ ساڳيو،
اوهان جو ۽ منهنجو ته خالق به هڪڙو،
ته مالڪ به هڪڙو!
جڏهن ڪو به رانديڪو شوڪيس ۾ ٿو ڏسان،
تڏهن ساڳئي انداز سان منهنجي هُرکي ٿي دل،
هي چوڏهينءَ جو چمڪڻ،
ستارن جو ٽمڪڻ،
بهارن جو مرڪڻ،
گلابن جو مهڪڻ،
۽ چهرن جو چهڪڻ،
اوهان سڀ ٿا چاهيو ته مان ڀي ٿو چاهيان،
انهيءَ هوندي،
سونهري ٻارو!
مان خود ڇو اوهان کي پسند ڪو نه آهيان؟