ادا نثار اصل دل باغ باغ ڪري ڇڏي
جي ويجهو هجين ته ڀاڪر وجهي چمي ڏياء
اسان جو ڪلچر ڏسي دل جهومي پئ
ادا نثار ابڙا ، محترم ڄامشورائي، پيارا رياض علي مڱريا ۽ مٺا جهانداد سمان توهان جا لک لائق جو توهان کي هي تصويرون وڻيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين رياض مڱريو تصويرون ڏسي ڪونه ٿڪو آهي۔۔۔۔۔۔ هي پوڙهو نثار ناز به ساهه پٽي آيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃا هي تصويرون رهن پيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري به ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔جي ڀائڙا نثار! نه فقط دل کي لڳيون پر ڏسي برصغير هند جي مختلف قومن جي ثقافتي رنگن کان پڻ واقفيت ٿي ... اهي سڀ تصويرون مصوريءَ جو لاجواب نمونو آهن ... لک ٿورا اوهانجا جو اهي تصويرون اوهان اسان سان ونڊ ڪيون آهن ...
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
چاچا نثار نا ز صاحب منهنجي دعا آهي توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ڀائرن کي جتي به هجو شال آباد هجو ۔ دوستو اڄ اسان وٽ عيد آهي مان سڀني ڀائرن کي دل جي گھرائن سان عيد جون مبارڪون ڏيان ٿو ۔ چاچا سائين سلام آهي ان ڪاريگر کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص عيد جون مبارڪون نثار ابڙو صاحب مڪه پاڪ واري کيsindhsalamatsaathsal
توهان جودعاڳو الله نگھبان
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
چاچا نثار نا ز صاحب منهنجي دعا آهي توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ڀائرن کي جتي به هجو شال آباد هجو ۔ دوستو اڄ اسان وٽ عيد آهي مان سڀني ڀائرن کي دل جي گھرائن سان عيد جون مبارڪون ڏيان ٿو ۔ چاچا سائين سلام آهي ان ڪاريگر کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خاص عيد جون مبارڪون نثار ابڙو صاحب مڪه پاڪ واري کيsindhsalamatsaathsal
توهان جودعاڳو الله نگھبان
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ
ادا سائين اياز عالم ابڙو صاحب مون مسڪين کي سلام چيا ڄڻ منهنجا ڀاڳ جاڳي پيا۔۔۔۔۔۔۔ سائين اياز عالم ابڙو صاحب منهنجي خيال ۾ پاڻ به وڏا خاص فن تصوير سازي ۾ ماهر آهن۔۔۔۔۔۔ اهي يا مان غلط آهيان، هڪڙو ناول جيڪو يونيورسٽي جي زندگي جي باري ۾ آهي ان ناول جو نالو منهنجي خيال ۾ ”رهجي ويل منظر “ اهي سائين جن جو لکيل آهي يا طارق عالم ابڙو صاحب جن جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن اهو ناول پڙهندي، هڪڙو دوست اهو ڪتاب پڙهڻ واسطي کڻي ويو اڃا موٽائي نه ڏنو اٿس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو به هڪڙو ابڙو صاحب آهي جيڪو ٽي وي ڊرامه پڻ ڪندو آهي، سدائين گهيڙو رتا ڪپڙا پهريل هوندا اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير توهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت جي هن پوسٽ کي توهان مان ڏئي سائين اياز عالم ابڙو جي سامهون آندو۔۔۔۔۔۔سائين ڪجهه دير پهرين مون سان گڏ سنڌ جو مشهور ليکڪ سائين اياز عالم ابڙو صاحب جن ويٺا هئا، انهن سان سنڌ سلامت جي باري ۾ ڪچهري ٿي، انهن کي مان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي باري ۾ تفصيل به ٻڌائي ۽ خاص ڪري توهان جي هن ٽاپڪ جو ديدار ڪرايم سائين کي۔۔۔ سائين اياز عالم صاحب ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون کي چيائون ته جنهن به هي تصويرون شيئر ڪيون آهن، اُن کي منهنجا سلام چئجان ۽ وڌيڪ چيائون ته توهان دوستن جي اهڙي ڪاوشن کي ڏسي منهنجي ورهين جا ٿڪ لهي ويا۔۔