مست
سينيئر رڪن
ادا سائين اياز عالم ابڙو صاحب مون مسڪين کي سلام چيا ڄڻ منهنجا ڀاڳ جاڳي پيا۔۔۔۔۔۔۔ سائين اياز عالم ابڙو صاحب منهنجي خيال ۾ پاڻ به وڏا خاص فن تصوير سازي ۾ ماهر آهن۔۔۔۔۔۔ اهي يا مان غلط آهيان، هڪڙو ناول جيڪو يونيورسٽي جي زندگي جي باري ۾ آهي ان ناول جو نالو منهنجي خيال ۾ ”رهجي ويل منظر “ اهي سائين جن جو لکيل آهي يا طارق عالم ابڙو صاحب جن جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن اهو ناول پڙهندي، هڪڙو دوست اهو ڪتاب پڙهڻ واسطي کڻي ويو اڃا موٽائي نه ڏنو اٿس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو به هڪڙو ابڙو صاحب آهي جيڪو ٽي وي ڊرامه پڻ ڪندو آهي، سدائين گهيڙو رتا ڪپڙا پهريل هوندا اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير توهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت جي هن پوسٽ کي توهان مان ڏئي سائين اياز عالم ابڙو جي سامهون آندو۔۔۔۔۔۔
سائين بلڪل سائين اياز عالم صاحب پاڻ به فن سازيءَ جا ماهر آهن، مونکي هر تصوير جي جوڙجڪ، تصور پس منظر اهڙي ريت ٻڌاين پيا، جيئن اهي پينٽنگس سندن ئي تيار ٿيل هجن، سائين جن پاڻ به انهيءَ فن ۾ ماهر آهن ته سندن اولاد به انهيءَ فن ۾ جديد ٽيڪنالوجيءَ جي استعمال سان انهيءَ فن کي وڌيڪ سٺي نموني اڳتي وڌائي رهي آهي۔ سائين جو هڪ پُٽ ارون به سندن وانگر هن فن جو ماهر آهي۔۔
ان کان علاوه ناول جي باري ۾ مونکي جيتري قدر اندازو آهي، اهو سندن ڀاءُ طارق عالم صاحب جو لکيل هوندو۔۔۔ ۽ جنهن فنڪار جو توهان ذڪر ڪيو آهي اهو به سائين جن جو ڀاءُ ساقي عالم ابڙو آهي، جيڪو نيچرل يا قدرتي اداڪار آهي۔۔۔