دوستو منهنجي ڳوٺ جي هڪ بزرگ جيڪو اڪثر سنڌ سلامت جو ڦيرو مهمان طور ڀريندو رهندو آهي عيد جي مناسبت سان سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه لکي مون کي خط جي صورت ۾ موڪليو۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت تي ونڊڻ جي لاءِ الاهي ايلاز ڪيا ۔۔ گڏ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جو به زور ڏنو۔۔۔ انهي بزرگ بابت مان صرف ايترو ظاهر ڪندس ته هر عيد وانگر هن عيد تي به کيس پنهنجي اولاد جو ڳوٺ ۾ اچي عيد ڪرڻ جو شديد انتظار آهي۔۔۔۔۔
خوشي دنيا جي هڪ دلچسپ شي آهي ۔۔۔ جيڪا هميشه ملي ڪري حاصل ٿيندي آهي۔۔۔ دنيا جو هر شخص اڪيلو غم ته ملهائي ٿو سگهي پر خوشي ملهائڻ لاءِ هن کي ڪنهن ٻئي ماڻهون جي ضرورت پوندي آهي۔۔۔ عيد جي هڪ معني ملڻ، ملاقات ڪرڻ ۽ ملي ڪري خوشي ملهائڻ به آهي۔۔۔ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته عيد جو سڀ کان وڏو رڪن ”هڪ ٻئي سان ڳلي ملڻ ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏيڻ هوندو آهي۔۔۔\
عيد اسلامي دنيا جو اهڙو تهوار آهي جنهن ۾ خاندانن جا مهينن کان وڇڙيل فرد عيد کان پهريان يا عيد جي ڏينهن هڪ ٻئي سان اچي ملندا آهن۔۔۔۔ ۽ اهڙي طرح خوشي جو عمل مڪمل ٿي ويندو آهي۔۔۔۔
پر ٿورو تصور ڪريو۔۔۔ انهن ماڻهن جو جيڪي عيد جي ڏينهن به پنهنجن سان ملي نه سگهندا آهن۔۔۔ يا وري جن جا پنهنجا انهن کي اضافي وزن سمجهي ڇڏي ڏيندا آهن۔۔۔ انهن جي خوشي جي نوعيت ڪهڙي هوندي ۔۔۔ ؟ انهن جي ذهن ۾ خوشي جو ڪهڙو تصور هوندو۔۔۔؟۔۔ ٿورو سوچيو ته جيڪي ماڻهون اضافي خرچ کي بچائڻ جي ڪري شهرن کي ڇڏي ڳوٺن ۾ پنهنجي والدين سان عيد ملڻ نه وڃي سگهندا آهن۔۔۔
اسان به عجيب ماڻهون آهيون ۔۔۔ اسان جا والدين ڇههن ڇهن، ستن ستن ٻارن کي پوري زندگي پاليندا رهندا آهن۔۔۔ والدين ٻارن کي سموري عمر خوشين جو کير پياريندا رهندا آهن۔۔ پر جڏهن والدين پوڙها ٿيندا آهن ته اهي ئي ٻار ڇهه ست ملي ڪري به والدين کي نه پالي سگهندا آهن۔۔۔ ۔۔
والدين جيڪي سردين ۾ پنهنجي حصي جي سَوڙ به اسان جي مٿان وجهندا هئا پر جڏهن اهي پوڙها ٿيندا آهي ته اسان انهن کي ڇڏي ڏيندا آهيون ۔۔۔۔ اسان ڪهڙا ماڻهون آهيون۔۔۔!!