سائين سائين اوهان جون ڳجهارتون اسان کان زور آهن هاڻي تعارف ڪرايو۽ڪجھ پنهجي باري ۾ ٻڌايوته مهرباني ٿيندي۔
پرين هن ناچيز جو نالو عابد بلوچ اصل پنو عاقل جو آهيان هاڻي هال فلحال سکر ۾ ٿو رهان سنڌ سان محبت رکندڙ آهيان باقي جيڪو پڇو ته ٻڌايان پرين
سائين تمام گهڻي خوشي ٿي آهي سڀ کان پهرين مان هٿ ٻڌي معافي گهرندس جواوهان جوقيمتي ٽايم وڃايم۔۔ هن ناچيزکي جمن چوندا آهن اصل ڀان سيدآبادجو آهيان ٻن سالن جي عمر ۾ ئي والدين سان ڳڏ سعودي عرب مڪه مڪرمه رهائش پذيرآهيان وڏڙن جي مهرباني سان ننڍپڻ کان ئي پنهجي ٻولي بلوچي سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي سان به چاھ آهي سنڌ امڙجوديدارٻه دفعه ٿيوآهي 1996۽2010۾
سنگت واهه جي ڏي وٺ ڪئي پر هڪڙي ئي ڳجهارت ۾ ٻه پنا ڀرجي ويا ته باقي ڳجهارتن ڀڃڻ ۾ ته اصل رات ٿي ويندي ۔۔۔ تمام سهڻو موضوع آهي، اسانجا وڏڙا راتين جون راتيون ويهي، بيت، ڏور ۽ ڳجهارتن سان پنهنجي دل وندرائيندا هيا ۔۔۔ اهو زمانو هيو جو نه ريڊيو نه ٽي وي نه ئي وري ڪا بجلي بڙي هئي ۔۔۔ گرمين ۾ رات جو آسمان هيٺان کٽون پيل ۽ سياري ۾ وري مچ مچيل ۽ ڳوٺ جا سڀ ننڍا توڙي وڏا ويهي ڪچهريون ڪندا هيا ۔۔۔ ڇا ته زمانو هو ۔۔۔!!! هاڻ پاڻ اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ دور ۾ اهڙا ته ڦاٿا آهون جو ڦٿڪڻ به ڪون ٿو ٿئي ته ڳجهارتون ڪٿان ٿيون ڀڄن ۔۔۔!!!!! ڏسجي جي ڪو سگهڙ اچي وڃي ته واه واه ۔۔۔ اسين به في الحال ته حقو دکائي ويٺا مچ تي انتظار ڪريون ۔۔۔۔ جمالي صآحب ۽ عابد بلوچ مڙئي ڏي وٺ ڪئي آهي۔ پر اڃان ڪم گهڻو آ ۔۔۔ مڙس کپن۔ لک قرب