نصيحت هڪ دهريي ڪنهن درويش کان سوال ڪيو ته اوهان مسلمان به عجيب آهيو، 1 جڏهن هر ڪم الله جي مرضي سان ٿئي ٿو ته پوءِ انسان کي ذميدار ڇو ٿا ٺهرايو؟ 2 جڏهن شيطان باهه مان بڻيو آهي ته دوزخ جي باهه سان ان کي ڪيئن سزا ڏبي؟ 3 جڏهن توهان کي الله نظر نٿو اچي ته اوهين هن کي ڇوٿا مڃو؟ بزرگ هن شخص جا ٽيئي سوال ڌيان سان ٻڌندو رهيو، بنان ڪنهن جواب ڏيڻ جي زمين تان ڀتر جو ننڍو ڳڙو کنيو ۽ ان شخص جي منهن تي هڻي ڪڍيائين. هو شخص ناراض ٿيو ۽ وقت جي قاضي وٽ بزرگ تي دانهين ٿيو. قاضي بزگ کي گھرائي ڀتر هڻڻ جو سبب پڇيو ته بزرگ سموري ڪهاڻي ٻڌائي وراڻيو مون ته هن کي هن جي سوالن جا جواب هڪڙي ئي ڀتر ۾ ڏنا. قاضي پڇيس اهو ڪيئن؟ وضاحت ڪر. بزرگ وراڻيو؛ 1 جڏهن هر ڪم الله جي مرضي سان ٿئي ٿو ته پوءِ ڀتر به مونکان الله هڻايو،مون کي جو ٿا ذميدار ٺهرايو، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟ 2 هي شخص مٽي مان ٺهيل آهي، مون هن ڏانهن مٽي کڻي اڇلي، ڀلا هن کي مٽي مان ڪيئن تڪليف ٿيندي ؟ 3 ڀلا هي شخص جسم ۾ ٿيندڙ سور کي ڏسي نٿو سگھي ته پوءِ ان کي ڇو ٿو مڃي؟ ان شخص ندامت مان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو، قاضي خاموش ٿي ويو ۽ بزرگ سلام ڪري رمندو رهيو.
ڪجهه وقت پهريان اها ميل جي صورت ۾ مون وٽ آئي هئي۔۔ پر اها انگريزي ۾ لکيل هئي۔۔۔۔ تمام زبردست شيئرنگ آهي۔۔۔
تمام سٺو قصو آهي ان سان گڏوگڏ بهترين قسم جي شيئرنگ آهي ادا نجم الدين ڪنڀر توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو