مهنجو ڪهڙو قصور؟؟؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2009۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نصيحت
    هڪ دهريي ڪنهن درويش کان سوال ڪيو ته اوهان مسلمان به عجيب آهيو،
    1 جڏهن هر ڪم الله جي مرضي سان ٿئي ٿو ته پوءِ انسان کي ذميدار ڇو ٿا ٺهرايو؟
    2 جڏهن شيطان باهه مان بڻيو آهي ته دوزخ جي باهه سان ان کي ڪيئن سزا ڏبي؟
    3 جڏهن توهان کي الله نظر نٿو اچي ته اوهين هن کي ڇوٿا مڃو؟
    بزرگ هن شخص جا ٽيئي سوال ڌيان سان ٻڌندو رهيو، بنان ڪنهن جواب ڏيڻ جي زمين تان ڀتر جو ننڍو ڳڙو کنيو ۽ ان شخص جي منهن تي هڻي ڪڍيائين. هو شخص ناراض ٿيو ۽ وقت جي قاضي وٽ بزرگ تي دانهين ٿيو. قاضي بزگ کي گھرائي ڀتر هڻڻ جو سبب پڇيو ته بزرگ سموري ڪهاڻي ٻڌائي وراڻيو مون ته هن کي هن جي سوالن جا جواب هڪڙي ئي ڀتر ۾ ڏنا. قاضي پڇيس اهو ڪيئن؟ وضاحت ڪر. بزرگ وراڻيو؛
    1 جڏهن هر ڪم الله جي مرضي سان ٿئي ٿو ته پوءِ ڀتر به مونکان الله هڻايو،مون کي جو ٿا ذميدار ٺهرايو، ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟
    2 هي شخص مٽي مان ٺهيل آهي، مون هن ڏانهن مٽي کڻي اڇلي، ڀلا هن کي مٽي مان ڪيئن تڪليف ٿيندي ؟
    3 ڀلا هي شخص جسم ۾ ٿيندڙ سور کي ڏسي نٿو سگھي ته پوءِ ان کي ڇو ٿو مڃي؟
    ان شخص ندامت مان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو، قاضي خاموش ٿي ويو ۽ بزرگ سلام ڪري رمندو رهيو.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڪجهه وقت پهريان اها ميل جي صورت ۾ مون وٽ آئي هئي۔۔ پر اها انگريزي ۾ لکيل هئي۔۔۔۔

    تمام زبردست شيئرنگ آهي۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام زبردست شيئرنگ آهي ادا۔۔
    اصل ۾ هي قصو حضرت بهلول دانا رح جو آهي۔۔۔ ۽ بهترين ونڊ آهي۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام سٺو قصو آهي ان سان گڏوگڏ بهترين قسم جي شيئرنگ آهي ادا نجم الدين ڪنڀر

    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو