• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صلاح

نجم الدين ڪنڀر

سينيئر رڪن
ادا منهنجو ارادو آهي ته سنڌ سلامت فورم جو مڪمل تعارف ۽ ان جي ميمبرن جي تعارف تي ٻڌل هڪ مضمون لکان جي مناسب سمجھو ته پنهنجو تعارف موڪليو۔
نجم الدين ڪنڀر
03013282565
 
ادا نجم الدين ڪنڀر اوهان تعارف واري سيڪشن ۾ دوستن جا تعارف پڙهي سگهو ٿا۔۔۔۔ باقي معلومات ادا رشيد سمون کان ئي ملي سگهندي۔۔۔۔۔۔

وڌيڪ دوستن جي صلاح۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا منهنجو ارادو آهي ته سنڌ سلامت فورم جو مڪمل تعارف ۽ ان جي ميمبرن جي تعارف تي ٻڌل هڪ مضمون لکان جي مناسب سمھو ته پنهنجو تعارف موڪليو۔
نجم الدين ڪنڀر
03013282565
ادا نجم الدين هر دوست جيڪو سنڌ سلامت تي انتهائي فعال آهي ان جو تعارف توهان کي تعارف واري شعبي ۾ ملي پوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان سڀني دوستن جا تعارف سهيڙي هڪڙي مضمون جي صورت ۾ ڏيڻ ٿا چاهيو ته اها توهان جي تاريخي پر تمام گهڻي تاريخي ڪوشش هوندي۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔پر ادل پليز توهان تعارف واري شعبي ۾ پهرين پنهنجو ته تعارف ڪرايو ڪي خبرون چارون ڪي حال احوال ته زندگي جو گاڏو توهان ڪهڙي ريت ڌڪيو آهي، دوستي ۽ دشمني کي توهان ڪيئن پرکيو آهي، جيت ۽ هار کي توهان ڪيئن ڄاتو آهي، وفا ۽ جفا جي رنگن کي ڪيئن جدا جُدا نالن سان مخاطب ٿيو آهين، الغرض جيون ڪٿا ڏٺو وڃي ته مسلسل ڪهاڻي آهي۔۔۔۔۔۔۔ ڪهاڻي ڇا پر هڪ ناول آهي انهي زندگي جي ناول جو ڪو هڪ باب اسان سان ونڊ ڪيو ته لک لائق ٿيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا ڪنهن به شئي تي مضمون لکڻ لاءِ ڪجهه پوائنٽس منهنجي نظر ۾ ضروري آهن۔۔
اها شئي ڪڏهن شروع ٿي،
شروعات جو مقصد،
بنياد وجهندڙ، ابتدا ڪندڙ۔۔
مقصد جي تڪميل ڪيتري حد تائين ٿي سگهي آهي
اڳتي ڪيتريون اميدون آهن۔۔۔

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي مضمون لکڻ لاءِ بنيادي طور تي اهي ڳالهيون ليکجن، ان کان پوءِ اهو به ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پليٽ فارم تان ڪهڙا ڪهڙا فائدا سنڌي ٻولي کي ملي رهيا آهن، ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جا ميمبر ان سلسلي ۾ ڪيترا فعال آهن۔۔۔۔
 
سائين اهوڪم تمام بهتر آهي وڌيڪ سهڻي راء سائين رشيد صاحب جن ڏيندا پر منهنجي هڪ راء آهي ته تفصيلي تعارف ڪن دوستن جو ٿي چڪو آهي جيڪڏهن توهان تفصيلي تعارف ڏيڻ چاهيو ته اهو به بهتر آهي ليڪن هڪ الڳ تعارف دوستن جو هجڻ گهرجي جنهن ۾ ڪالمن ذريعي نالو رهائش جي ائڊريس فون نمبر اي ميل ايڊريس ۽ مصروفيت هن وقت ڪٿي ساڪن آهي وغيره ڪالم هجڻ گهرجن ڪجهه اهڙو تعارف مون به دوستن جي پنهنجي معلومات لاء ٺاهيو آهي ليڪن ان ۾ سڀني دوستن جو ته نه لکي سگهيو آهيان جو انهن جي معلومات نه ملي سگهي آهي ٻيو ته مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ هجڻ ڪري ڪافي عرصي کان فورم تي به ڪو مواد نه موڪلي سگهيو آهيان حاضري ڊيلي هوندي آهي ليڪن فقط دوستن جي ڪم ڏسڻ تائين موقعو ملندو آهي وڌيڪ وري جيئن ٻي سنگت جي صلاح هجي ائين بهتر ٿيندو گهڻن جي راء ۾ ڪا راء ته بهتر ٿيندي ۔
 
ادا توهان مڙني دوستن جي مهرباني سائين رشيد صاحب سان به ا ڄ ڳالهايان ٿو منهنجو مقصد صرف سنڌ سلامت جو مڪمل تعارف ۽ ميمبرن جو به مڪمل تعارف مضمون ۾ اچي وڃي۔ جنهن جي ابتدا ۾ مقصد ڪاميابي ۽ آئينده جا منصوبا اچي ويندا۔ اهو سمورو ڪم به اوهان جي صلاح سان ٿيندو۔
 
سائين نجم الدين ڪافي ڏينهن کان پوء ديدار ڪرايو اٿوَ اوهان تعارف واري ڪم کي ڪاٿي پهچايو ڪجهه پيش قدمي ٿي آهي يانه پنهنجي اي ميل موڪليندا ته مهرباني.
 
ادا رحيم بخش اسلام عليڪم تعارف جو ڪم هلي پيو جن دوستن جو تعارف فورم تي موجود آهي سو ته اتاريو اٿم پر اهو به اڻپورو آهي هڪڙو پروفارما اڄ ٺاهيان ٿو سڀاڻ فورم تي اچي ويندو دوست ڀري فورم تي يا اي ميل تي موڪليندا ته مهرباني ٿيندي۔
نجم الدين ڪنڀر
فون: 03013282565
اي ميل: najmudin_ mps@yahoo.com
 
ميمبرن لاءِ پروفارما
نالو
ولديت
ذات
عمر
تعليم
ڳوٺ
ڌنڌو
شوق
نيٽ سان ناتو
فورم جو نالو
ايڊريس
فون
اِي ميل
ويب
نيت تي ڪو نئون ڪم
هن فورم بابت تاثرات


فورم بابت گھربل معلومات؛
( صرف منتظمن لاءِ )
فورم جو نالو
ڪڏهن جوڙيو
مقصد
شعبا
ميمبرن جو تعداد
آئينده جا منصوبا
روزانو وزيٽرس
منتظمين جو مڪمل تعارف
فون
اِي ميل
ويب



مهربان دوستو هن فورم ۽ ان جي ميمبرن جي حوالي سان جيڪو مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو هئم تنهن بابت ڪجھ بنيادي ڳالهيون پڇيون اٿم. وڌيڪ ڪا ضروري ڳالهه سمجھو ته شامل ڪري وٺجو.
سائين رشيد صاحب کي به گذارش آهي ته فورم بابت پڇيل سوال ۽ ٻي ڪا ضروري معلومات موڪلي ته عنايت ٿيندي. اها سموري معلومات اِي ميل تي موڪليو يا فورم تي رکو، منهنجو مقصد صرف اوهان جي محنتن کي اجاگر ڪري باقي دوستن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ آهي.
مهرباني.
نجم الدين ڪنڀر.
پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص، 69000.
فون؛ 03013282565
Email: najmudin_mps@yahoo.com
 
سائين نجم الدين تمام سٺي صلاح آهي وڌيڪ سائين عبدالرشيد جن جي راء جو انتظار آهي جيڪا سندن راء هوندي اسان لاء لائق احترام ۽ قابل عمل هوندي۔
 
ميمبرن لاءِ پروفارما
نالو 1
ولديت 2
ذات 3
عمر 4
تعليم 5
ڳوٺ 6
ڌنڌو 7
شوق 8
نيٽ سان ناتو 9
فورم جو نالو 10
ايڊريس 11
فون 12
اِي ميل 13
ويب 14
نيت تي ڪو نئون ڪم 15
هن فورم بابت تاثرات 16
17
18
19


فورم بابت گھربل معلومات؛
( صرف منتظمن لاءِ )
فورم جو نالو 1
ڪڏهن جوڙيو 2
مقصد 3
شعبا 4
ميمبرن جو تعداد 5
آئينده جا منصوبا 6
روزانو وزيٽرس 7
منتظمين جو مڪمل تعارف 8
فون 9
اِي ميل 10
ويب 11



مهربان دوستو هن فورم ۽ ان جي ميمبرن جي حوالي سان جيڪو مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو هئم تنهن بابت ڪجھ بنيادي ڳالهيون پڇيون اٿم. وڌيڪ ڪا ضروري ڳالهه سمجھو ته شامل ڪري وٺجو.
سائين رشيد صاحب کي به گذارش آهي ته فورم بابت پڇيل سوال ۽ ٻي ڪا ضروري معلومات موڪلي ته عنايت ٿيندي. اها سموري معلومات اِي ميل تي موڪليو يا فورم تي رکو، منهنجو مقصد صرف اوهان جي محنتن کي اجاگر ڪري باقي دوستن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ آهي.
مهرباني.
نجم الدين ڪنڀر.
پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص، 69000.
فون؛ 03013282565
Email: najmudin_mps@yahoo.com
 
Back
Top