• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باب 2 سبق 7 ٻي هدايت INT instruction بابت

Sindhi Media

سينيئر رڪن
باب 2 سبق 7 ٻي هدايت INT instruction بابت
INT يا انٽرپٽ انسٽرڪشن هڪ قسم جي (jump to subroutine) ٻئي حصي ڏانهن قدم وڌائڻ جي هدايت آهي۔ ۽ ان جا گهڻائي سبب آهن ته هن کي اڳتي قدم وڌائڻ لاء ڇو ٿي هدايت ڏني وڃي۔جيڪڏنهن توهان پنهنجي پرائمري تعليم ۾BASIC سکيا هُجو ته توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هي بلڪل ائين ٿي ڪم ڪري جيئن بيسڪ ۾ GOSUB يا CALL ڪمانڊ ڪم ڪندي هُئ۔ هيٕ اڪچئلي ٻي مرحلي ۾ جمپ ڪرڻ يا وڃڻ جي هدايت آهي ته جڏنهن روٽين ختم ٿيندو آهي ته هي اسانجي پروگرام کي اڳتي وڌڻ يا ختم ٿيڻ جي هدايتون ڏيندو آهي جهڙوڪ؛ 08F1:0104 CD21 INT 21 ان ڪمانڊ هڻڻ سان پروگرام هڪسم ختم تي اسانجي اسپيشل DOS پروگرام تي پُهچي وڃي ٿو۔(اها روٽين ، جنهن جو نمبر آهي 21h ۽ جڏنهن هي روٽين ختم ٿئي ته ڪنٽول ٻي لائين تي شفٽ ٿي ويندو۔ ۽INT 20 ايڊريس 106 تي پُهچي وئي۔ حاصل مطلب ته INT انسٽرڪشن اسپيشل ايڊريس جي تبديليٕ ۾ انوالو ٿئي ٿي جنهن کي انٽرپٽ ويڪٽر چئجي ٿو۔ جيڪو ٻين لفظن ۾ روٽين جي ڪنٽرول کي ٽرانسفر ٿو ڪري۔
 
Back
Top