مست
سينيئر رڪن
هڪ ڀيري بغداد جو هڪ فقير پنندي پنندي هڪ بازار مان گذريو، هڪڙي دڪان تان کيس الله جي نالي تي هڪ ماني ملي، ٻئي دڪان (جيڪو ٻوڙ وؓغيره تيار ڪرڻ واري جو هو) تان هن مانيءَ سان کائڻ لاءِ ٻوڙ گهريو ته دڪان واري کيس ڇڙٻون ڏنيون ۽ ٻوڙ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين۔۔
فقير ويچاري ڇا ڪيو جو جنهن ديڳڙيءَ ۾ ٻوڙ تيار ٿي رهيو هو، ان جي مٿان ماني جهلي ماني گرم ڪري کائڻ لڳو۔۔ دڪان دار اهو ڏسي فقير کي چيو ته مونکي ان جا پئسا ڏي ڇو ته تون مانيءَ کي بلا اجازت منهنجي ٻوڙ جي مٿان سيڪيو آهي۔۔۔ فقير ويچارو اهو ڏسي پريشان ٿي ويو۔۔ وٽس ايترا پئسا به ڪونه هيا۔۔
دڪان دار ان فقير کي قابو ڪري ويهاريو ۽ پوليس جي لاءِ ماڻهو موڪليائين۔۔ ته مٿان بهلول دانا اتي اچي پهتو، جيڪو پنهنجي گهوڙي (سندس لٺ، جنهن تي گهوڙي وانگر چڙهي ڊڪندو هو ) تي سوار ٿي آيو پئي، ان کي فقير سڏ ڪري سڄي ماجرا ٻڌائي، مٿان حڪومتي حولدار به اچي پهتو۔۔ بهلول دانا پهرئين دڪاندار کي ٿوري ملامت ڪئي ته ڇو هن غريب کي ٿو تنگ ڪرين، پر دڪاندار ٻڌي ئي ڪونه پيو۔۔
پوءِ بهلول دانا فقير کان ٻه سِڪا ورتا۔۔ دڪاندار کي چيائين توکي تنهنجي ٻوڙ جي خوشبوءَ جي وصولي ڪرڻي آهي۔۔ دڪان دار چيو ها بلڪل! پوءِ بهلول دانا چيس ٺيڪ آهي، جيڪڏهين وصول ڪري سگهين ٿو ته وٺ۔۔۔ اهو چئي هن سڪن کي ميز تي ڪرايو، جنهن مان آواز پيدا ٿيو۔۔ دڪاندار کي چيائين۔۔ وٺ اهو سڪن جو آواز تنهنجي ٻوڙ جي خوشبوءَ جي ادائيگي آهي۔۔
دڪاندار چيس! اهو وري ڪيئن۔۔۔ اهو غلط آهي، آواز جي ٻڌڻ سان ٿورئي ادائيگي ٿي وئي۔۔
بهلول دانا چيس۔۔! اهڙو ماڻهو جيڪو ٻوڙ جي خوشبوءَ جا پيسا گهري ته ان کي ادائيگي ايئن ئي ڪبي آهي۔۔