• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Fat32 کي Ntfs ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
FAT32 ۽ NTFS فائيل سسٽم ٿيندا آهن جن جي ذريعي مائڪرو سافٽ ونڊوز ڪنهن به قسم جي ڊيٽا کي سهيڙيندي هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ ڪندي آهي۔۔۔۔ جڏهن ونڊوز 95 ۽ ونڊوز 98 کي متعارف ڪرايو ويو ته ڊيٽا کي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ پهريان FAT16 ۽ بعد ۾ FAT32 جي ذريعي هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشنس بڻايا ويندا هئا۔۔۔ اڳتي هلي جڏهن ونڊوز ايڪس پي کي متعارف ڪرايو ويو ته File Allocation Table يعني FAT کي تبديل ڪندي هڪ نئين ٽيڪنالاجي New Technology File System يعني NTFS کي آندو ويو ۔۔۔ جنهن ۾ ڪافي جدت آندي وئي۔۔۔ مثال طور:
Second copy of boot sector for improved reliability
Compression
File permissions
Improved recoverability
Improved performance on large volumes
Improved efficiency in disk space utilization
Improved fault tolerance
ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪندي جيڪڏهن توهان هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن FAT32 تي فارميٽ ڪيا آهن ۽ هاڻي چاهيو ٿا بغير ٻيهر ونڊوز ڪندي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود هارڊ ڊسڪ جا پارٽيشن NTFS ۾ تبديل ڪيو ته ان لاءِ سڀ کان پهريان جنهن ڊرائيو کي توهان NTFS ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ان جي ڊيٽا جو بيڪ اپ ڪري وٺو يا وري ان جي ڊيٽا ٻي ڊرائيو ۾ منتقل ڪريو۔۔۔ (اهو ان ڪري ته متان توهان غلطي ڪري وجهو ۽ توهان جي ڊيٽا ضايع ٿي وڃي۔۔۔)۔۔
هوئن ته FAT32 کي NTFS ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي طريقا آهن پر هتي مان توهان کي ڊاس جي ذريعي اها تبديلي ڪرڻ سيکاريان ٿو۔۔۔
سڀ کان پهريان Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جتي cmd لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ DOS Prompt کلي ويندو۔۔۔ هاڻي جنهن به ڊرائيو کي تبديل ڪرڻو هجي ان جي واليوم جو نالو معلوم ڪري وٺو۔۔۔ مثال طور توهان کي F ڊرائيو جو واليوم نالو معلوم ڪرڻو آهي جنهن جي ڪمانڊ ڪجهه هن طرح ٿيندي۔۔۔
:vol f
هاڻي اصل ڪمانڊ لڳايو۔۔۔ جيڪا آهي۔۔۔
convert f: /fs:ntfs
ان کانپوءِ توهان کان ڊرائيو جو واليوم نالو پڇيو ويندو جيڪو لکي انٽر پريس ڪريو ۔۔۔ تفصيل لاءِ هن تصوير کي ڏسو۔۔۔

fat32-to-ntfs.jpg

بس ڪم مڪمل ٿي ويو ۔۔۔ توهان جي ڪمپيوٽر جي F ڊرائيو FAT32 سسٽم مان تبديل ٿي NTFS سسٽم ۾ ٿي ويندي۔۔۔
 
قابل تعريف ادا تمام پياري شيئرنگ آهي۔۔۔ پر مان ته في الحال ان کي تبديل به ڪرڻ نٿو چاهيان۔۔۔

مهرباني ادا
 
قابل تعريف ادا تمام پياري شيئرنگ آهي۔۔۔ پر مان ته في الحال ان کي تبديل به ڪرڻ نٿو چاهيان۔۔۔

مهرباني ادا

فقير صفا اصلي ڪو زور آور آهين ادا رشيد اهڙي ڪم واري شيئرنگ پيش ڪئي آهي توهان وري صفا اصلي مڄڻ تي تيار ئي نه آهيو فقير ڪجهه سياڻو ٿئي وڌيڪ هاڻي ڇا چوان ڀلا هيءُ چوان

ڀلا ڙي سالو تنهنجا ڀاڳ :d:d:d


سدائين گڏ
 
جواب: Fat32 کي Ntfs ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

ادا رشيد اصل ۾ مان آهيان فقير ماڻهو سو مان وري اين ٽي ايف ايس فارميٽ کي فيٽ فائيل سسٽم ۾ تبديل ٿو ڪرڻ چاهيان سو ان کي به ان طريقي سان تبديل ڪري سگهجي ٿو

توهان جي ريپلائي جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
Back
Top