اڄوڪو ڏينهن 21 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 21 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    21 جنوري 1885ع تعليمدان ڪرمچند هنڱوراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1907ع شاعر الله بخش سرشار عقيلي (ٺٽو) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1926ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1928ع شاعر حاجي غلام نبي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1931ع ليکڪ عبدالغفور الستي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1938ع ليکڪ محمد قاسم سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1952ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ محقق سرور منگي، اصل نالو غلام سرور منگي، رضا محمد منگيءَ جي گهر ڳوٺ نئين گڏ تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
    21 جنوري 1958ع قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1961ع ليکڪا امير النساء مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1962ع سگهڙ گلشن لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1964ع صحافي اشرف جروار جو جنم ڏينهن آهي.
    21 جنوري 1971ع ليکڪ پارومل پريمي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    21 جنوري 1918ع تي شاعر ۽ نثر نويس حاجي امام بخش ”خادم“ بدوي وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
    21 جنوري 1924ع روس جي انقلابي ڪميونسٽ اڳواڻ ولادمير لينن جي وفات ٿي.
    21 جنوري 1926ع تي مشھور اسڪالر ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو اسماعيل شيخ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
    21 جنوري 1981ع مذهبي اسڪالر حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي وفات ٿي.​
    21 جنوري 1943ع آزادي جي جنگ جي سورمي هيمون ڪالاڻي کي ڦاهي ڏني وئي.
    21 جنوري 1956ع سياسي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي وفات ٿي.
    21 جنوري 1974ع تي سيد علي انور شاهه راشدي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه، درگاهه شاد آباد ۾ اٿس.
    21 جنوري 1991ع تي سنڌي صحافت جو روشن باب علي محمد شيخ وفات ڪئي.
    21 جنوري 2008ع ليکڪ احمد مجتبى غالب ملڪاڻي جو انتقال ٿيو.

    حوالہ:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 جنوري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين مٿي 20 جنوري لکجي ويو آهي ان کي درست ڪندا ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني سائين۔

    ترميم ڪئي وئي آهي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    21 جنوري سنڌي جوڌي کي سندس ورسي تي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهـــــــــــــــــــــــي
    اڄ 21 جنوري هيمون ڪالاڻي جي وفات جو ڏينهن آهي ان موقعي تي کيس قومي سلام پيش ڪجي ٿو ـ هيمون ڪالاڻي 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيو، هو پيسومل ڪالاڻي جو پٽ هيو، هو ننڍپڻ کان ئي انقلابي ذهنيت وارو ۽ آزادي پسند هيو تڏهن ته 19 سالن جي عمر ۾ ئي ڦاســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي چڙهي ويو.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سنڌ جي سلامتيءَ ۾ جن سورمن پنهنجي دور ۾ همٿ ڀريو ۽ داد لائق ڪردار ادا ڪيو آهي هيمون ڪالاڻي به انهن مان هڪ آهي. هيمو ڪالاڻي جو جنم 11 مارچ تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.
    هيمون ڪالاڻي
    جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.
    اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو.
    لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.
    نوٽ: سنڌ جي موجوده نصابي ڪتابن ۾ هيمون ڪالاڻي جي ذڪر کان لنوايو ويو آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا سورما ۽ سورهيه ٺاهي پيش ڪيا ويا آهن. !بشڪريه وڪيپيڊيه

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    ڀٽي، قمر: قمر ڀٽيءَ جو پورو نالو قمرالدين -ڀٽي- ولد حاجي محمد سليمان -ڀٽي- آهي. 21 جنوري 1958ع تي ڳوٺ فيض محمد کوکر لڳ -باڊهه- شهر، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- پراڻي -باڊهه- مان 1969ع ۾، جڏهن ته مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول -باڊهه- مان 1973ع ۾، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾، بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1982ع ۾ ايم. اي (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين. بشڪريه سنڌيانه​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحمة الله

    اسانجي سونهاريءَ سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ جيڪي ڪامل ولي ۽ اهل الله ٿي گذريا آهن، انهن ۾ حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحمة الله جو اسم مبارڪ خاص طرح ذڪر لائق آهي. حافظ صاحب جن شريعت جي پيرويءَ ۽ اتباع سنت جا سخت پابند هئا. اهوئي سبب آهي جو کين پنهنجي وقت جو غوث جنيد سڌيو ويندو آهي. حافظ صاحب جي ديني عظمت جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو جو اسانجي علائقي جا ٽي نشهور ۽ معروف عالم بزرگ (1) سراج السالڪين حضرت مولانا غلام محمد دينپوري (2) رئيس الموحدين حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي ۽ (3) امام الانقلاب حضرت مولانا عبيد الله سنڌي سندن فيض يافته آهن. حافظ صاحب زات جا قريشي هئا.* سندن وڏا عربستان جا رهاڪو هئا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو