• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باب 3 سبق 1 ( اسيمبلي لينگئيج بمقابلا (ڀيٽ( مشين لينگئيج

Sindhi Media

سينيئر رڪن
باب 3 سبق 1 ( اسيمبلي لينگئيج بمقابلا (ڀيٽ( مشين لينگئيج
هن باب ۾ اسان توهانکي سيکارينداسون
مقصد
1۔ مشين لينگئُيج بمقابلا اسيمبلي لينگئيج
2۔ رجسٽرس جو وڌيڪ تعارف
3۔ ڊيبگ مان ڊسڪ ۾ پروگرام کي Save ڪرڻ
4۔ ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ پورٽس بابت
5۔ لاجڪ انسٽرڪشنس ڇا آهن
6۔ بٽ کي ٽاگل ڪري اسپيڪر ۾ بيپ پئدا ڪرڻ
ڊيبگ ڪمانڊ جيڪي استعمال ٿينديون
1. R=Register
2. N=Name
3. W= Write
4. Q=Quit
5. L=Load
8088 مائڪروپروسيسرس جو جيڪي انسٽرڪشن استعمال ٿينديون
1. INC=Increament
2. LOOP= Loop
3. IN=Input
4. OUT=Output
5.AND=Logical
XOR=Logical Exclusive OR
جيڪي اپليڪيشن استعمال ٿينديون اُهي هونديون
SMASCII Program - Display entire character set
SOUND Program - Beep the speaker
هاڻ توهان لاء لازمي آهي ته پويان سبق چڱيٕ طرح سمجهو۔ هنن بابن ۾ اسان توهانکي هاڻ سڌو سئون مائڪروپروسيسر 8088 جي دل تي آپريشن ڪرائڻ سيکارينداسون۔ اسان توهانکي سيکارينداسون ته ميموريٕ جي ٽيسٽ ڪيئن ٿي ڪجي۔ پروگرام ڪيئن ٿو لکجي، پروگرام کي ڪيئن ٿو اسيمبل ڪجي، ڪيئن ٿو ڊس اسيمبل ڪجي، ڪيئن ٿو پروگرام رن ڪجي، انهن مڪمل پروگرام جي اسٽرڪچرنگ کان پهرئين اوهانکي کي سلسليوار ان جو تعارف ڪرائيندا وينداسون، مشقون ڪرائينداسون، پر اوهانکي به اڳتي انهيٕ تيزيٕ سان سمجهي وڌڻو آهي۔ ته تيار آهيو پوين بابن جي ٽيسٽ لاء؟
 
Back
Top